حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
پاڪستان دهشتگردي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو: صدر عارف علوي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف قربانيون ڏئي ملڪ جي بقا لاءِ ڪم ڪيو، جڏهن ته پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. اسلام آباد ۾ چوٿين پيغام اسلام ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن جي زندگي اسان لاءِ مشعل راهه آهي، جڏهن ته اسلام جو پيغام همدردي ۽ برابري آهي، پاڪستان ئي اهو اڪيلو ملڪ آهي، جنهن ٻڌايو ته همدردي ڇا هوندي آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، هٿياربند فوجن دهشتگردن جو خاتمو آندو، سڄي دنيا اسان جي فوج کي خراج پيش ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪيئ ۽ هاڻ افغان پناهگيرن جو ٽيون، چوٿون نسل به پاڪستان ۾ موجود آهي، پاڪستان افغان پناهگيرن کي پناهه ڏئي دنيا کي ٻڌايو ته انسانيت ڇا هوندي آهي.