حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
شريف خاندان ڪرپشن جو بنياد رکيو، اسحاق ڊار مني لانڊرنگ لاءِ ڪوڙا اڪائونٽس ٺاهيا: فواد چوڌري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شريف خاندان ملڪ ۾ ڪرپشن جو بنياد رکيو، اسحاق ڊار مني لانڊرنگ لاءِ ڪوڙا اڪائونٽ ٺاهيا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان تي ٻه خاندان حڪمران رهيا، 10 سالن ۾ قرضن ۾ 60 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو، پرويز مشرف جي دور ۾ نواز شريف کي اين آر او ڏنو ويو. هن چيو ته آصف زرداري سنڌ ۾ ڪوڙا اڪائونٽ ٺاهيا، 32 اڪائونٽن مان بلاول ڀٽو زرداري جا خرچ سامهون آيا، ايف آءِ اي جاچ ۾ 5 هزارن جي لڳ ڀڳ ڪوڙا اڪائونٽ پڪڙيا، جن ذريعي پئسا ٻاهر موڪليا پئي ويا. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف تي به آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي، حديبيا پيپرز مل جو مالڪ نواز شريف، جڏهن ته هل ميٽل ۾ به اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويو جيڪو حديبيا ۾ هو.