حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
وزيراعظم عمران خان پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ ڏڦير واري صورتحال پيدا ڪئي آهي: پ پ

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي  اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته چونڊ نتيجا چوري ڪرڻ جا خراب اثر هاڻ سامهون اچي رهيا آهن. هن وقت ملڪ ۾ نااهلن جي حڪومت آهي ۽ غريب عوام پيڙهجي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ پ پ اڳواڻ نفيسه شاهه وزيراعظم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم کي صرف ڪرپشن نظر اچي رهي آهي. عمران خان پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ ملڪ ۾ ڏڦيڙ واري صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي. ماضي ۾ چندو چوري ڪرڻ جا عادي هن وقت غريب عوام کي لٽي رهيا آهن. نفيسه شاهه چيو ته ٻه هزار ارڙنهن  جا چونڊ نتيجا چوري ڪرڻ جا خراب اثر هاڻ سامهون اچي رهيا آهن. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهو فاقا ڪشي جو شڪار آهن ۽ وزيراعظم کي صرف ڪرپشن نظر اچي رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ نفيسه شاهه وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪنهن به اين آر او جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي ڏئي سگهون ٿا. نفيسه شاهه حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته اها ڪهڙي محبت آهي جو وزيراعظم پنهنجي سمورن وزيرن کي ڇڏي صرف ايم ڪيو ايم جي وزيرن کي نفيس قرار ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم پهريان ملڪ جي عوام جا مسئلا حل ڪري ۽ مهانگائي ختم ڪري. بيروزگاري سبب نوجوان خودڪشيون ڪري رهيا آهن. پر اقتداري ايوان ۾ ويٺل تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي رڳو ڪرپشن ئي نظر اچي رهي آهي