حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
حڪومت ڪيرائڻ مسئلي جو حل ناهي، اسان کي به پنج سال ملڻ گهرجن: شاهه محمود

ملتان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪيرائڻ مسئلي جو حل ناهي، تنهن ڪري اسان جي حڪومت کي به 5 سال ملڻ گهرجن، ڪجھ قوتون آهن جيڪي پورس جا هاٿي آهن، سرڪار ڪيرائڻ مسئلن جو حل هجي ها ته ڪا به حڪومت نه هلي سگھي ها، ٽرين مارچ ڪيو. سنڌ مارچ ڪيو پنجاب اچن، اهو بلاول جو سياسي حق آهي.  ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت غير ذميواراڻا بيان ڏيندو آهي. اسان کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي، 19 مئي تائين ڀارت ۾ چونڊن جو سلسلو جاري آهي، تنهن ڪري پاڪستان کي محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته مودي جي باري ۾ وزيراعظم جي بيان کي اصل حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو آهي.  پرڏيهي وزير چيو آهي ته منهنجي نظر ۾ نيب خودمخيتار ادارو آهي، فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد آهي. نيب ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ اسان مدد ڪري، عوام کي اميد آهي ته نيب ڪرپشن فري پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته ڪرپشن جو خاتمو تحريڪ انصاف جي ايجنڊا آهي. ان جو چوڻ هو ته بيورو ڪريسي جو ڪم حڪومت جي پاليسي تي عمل ڪرڻ آهي. بيورو ڪريسي جو فرض آهي ته حڪومت جي پاليسي کي عملي جامو پهرائين، جڏهن ته بيورو ڪريسي ۾ تمام گهڻا سٺا آفيسر آهن. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته گذريل 10 سالن جي حڪومت معيشت کي تباهه ڪيو، ملڪ تي قرضن جو بار وڌيڪ آهي. پوئين 10 سالن ۾ رڪارڊ قرض ورتو ويو آهي، تنهن ڪري مهانگائي جو سبب 8 مهينن کان پي ٽي آءِ حڪومت کي قرار نٿو ڏئي سگهجي. اسحاق ڊار ڊالر کي پنهنجي پاليسي موجب روڪيو هو، اسد عمر سميت ڪير به چپٽي وڄائي حالتون درست نٿو ڪري سگھي. 2018ع ۾ عوام تحريڪ انصاف کي چونڊيو هو، اسان جي حڪومت کي به 5 سال ملڻ گهرجن، 5 سالن کانپوءِ عوام جيڪو فيصلو ڪندي قبول هوندو، جڏهن ته حڪومت ڪيرائڻ مسئلي جو حل ناهي.  شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم ايران ۽ چين جو دورو ڪندو، ايران اسان جو دوست ملڪ آهي، سرحدن تي حالتون بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چي ته دوحا ۾ طالبان ۽ آمريڪا ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اميد آهي ته آمريڪا طالبان ڳالهين ۾ پيش رفت هوندي، جڏهن ته افغانستان ۾ امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو. افغان امن ڳالهيون ۾ بطور دوست ملڪ شريڪ آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هزارا سانحي ۾ ڏيکاءُ جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، جاچ ڪرڻي آهي، ڪوئيٽا ۾ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، هزارا ڪميونٽي پاڪستان جو اهم حصو آهي، جائزو وٺي رهيا آهيون ته حملي ۾ ڪير ملوث آهي.