حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
ايف اي ٽي ايف دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لاندرنگ روڪڻ لاءِ پاڪستان کان نوان مطالبا ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمي اداري فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ صرافا بازارن کي دستاويز بنائڻ، سون جي وڪري ۽ خريدڻ کي ريگيولر بنائڻ ۽ ضلعي سطح تي رجسٽرڊ ويلفيئر ٽرسٽ جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ سميت ٻين مطالبن جي لسٽ ناڻي واري وزارت جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ کي روڪڻ جا مطالبا به ڪيا ويا آهن. ايف اي ٽي ايف سان ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان ٽي دور ٿيڻا آهن، ان کانپوءِ جون ۽ جولاءِ ۾ ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف اي ٽي ايف طرفان ڏنل تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته سون جي خريد ۽ فروخت لاءِ بئنڪ ڪارڊ ۽ ٻيون رجسٽرڊ شيون استعمال ڪيون وڃن، ملڪ ۾ زيور خريد ڪندڙن جي ڊيٽا گڏ ڪئي وڃي ته جيئن سون ۽ زيور دهشتگرد تنظيمن تائين نه پهچي سگهن. ان کان علاوه ضلعي سطح تي ٽرسٽ جي اڪائونٽن جا تفصيل به گڏ ڪيا وڃن ۽ انهن تفصيلن تي ٻڌل اليڪٽرانڪ ڊيٽا بئنڪ قائم ڪئي وڃي، جنهن جي تسلسل سان گڏ مانيٽرنگ ڪئي وڃي ته جيئن ان جو غلط استعمال نه ٿئي، ايف اي ٽي ايف هدايت ڪئي آهي ته زيور خريد ڪندڙن جي ڊيٽا گڏ ڪئي وڃي ته جيئن پابندي مڙهيل تنظيمن تائين سون ۽ زيورن جا تحفا نه پهچي سگهن. ايف اي ٽي ايف پنهنجي  مطالبن جي لسٽ ۾ چيو آهي ته ضلعي سطح تي رجسٽرڊ ٽرسٽ جي ڊيٽا به گڏ ڪئي وڃي ۽ ضلعي سطح تي ريگوليشن جو نظام فوري طور تي ٺاهيو وڃي ۽ ٽرسٽ جي اڪائونٽن جا تفصيل به گڏ ڪيا وڃن. پاڪستان اڄ ايف اي ٽي ايف کي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي رپورٽ به پيش ڪندو. ذريعن موجب پاڪستان طرفان ايف اي ٽي ايف کي جمع ڪرائي ويندڙ هي ٽين عملدرآمد رپورٽ هوندي.