حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
حڪمران ۽ مخالف ڌرين وچ ۾ وڌندڙ تاءُ!
جمعو 15 مارچ 2019ع

گذريل ڪجهه ڏينهن کان سياسي صورتحال ۾ تاءُ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. حڪمران ۽ مُخالف ڌر جا ذميوار ماڻهو هڪ ٻئي کي چتاءَ ڏئي رهيا آهن. ٻه ڏهاڙا اڳ سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌريءَ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته نواز شريف، زرداري، خورشيد شاهه ۽ خواجه آصف پنهنجي آخري چونڊ وڙهي چُڪا، هاڻي نوجوانن جو وارو آهي. سندس اِهو به چوڻ هو ته مخالف ڌر جي سياستدانن کي ڳچيءَ کان پڪڙي ڪرپشن جو پئسو واپس ڪرڻ جو چيو آهي. ٻئي پاسي مخالف ڌر به هڪ هڪاڻيءَ واري موڊ ۾ نظر اچي رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداريءَ وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته اسان جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار آهيون. جيلن، ڌمڪين ۽ دٻاءُ وارن حربن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. هُن ٽن وفاقي وزيرن کي هٽائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. اربعا ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ اسپيڪر آغا سراج درانيءَ سان ملاقات کان پوءِ پ پ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀُٽو جو چوڻ هو ته اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪرڻ ۽ سندس گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن سان بدتميزي ڪرڻ جي اسين مذمت ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته اسپيڪر جو عهدو تمام اهم هوندو آهي، پر کيس گرفتار ڪري سنڌ اسيمبليءَ تي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ حملو ڪيو ويو. پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين اِهو به چيو ته بي نامي اڪائونٽس وارو ڪيس سنڌ جو، ملزم سنڌ جا، شاهد ۽ اڪائونٽس به سنڌ جا آهن پر ڪيس پنڊي ۾ هلندو؟ پنڊيءَ ۾ آخر اهڙو ڇا آهي جو ڪيس اوڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي؟

حڪمران ۽ مخالف ڌر وچ ۾ وڌندڙ اِن ڇڪتاڻ جا هونئن ته ڪيترائي ڪارڻ آهن، پر هڪڙو ڪارڻ اِهو به آهي ته حڪمران پنهنجا واعدا پاڙڻ ۾ بُريءَ ريت ناڪام ويا آهن، بلڪه جڏهن کان اُنهن حڪومت سنڀالي آهي، مُلڪ ۾ مهانگائيءَ کي ڄڻ ته هٿي ملي وئي آهي، اُن کان علاوه تبديليءَ جون جيڪي دعوائون ڪيون ويون هيون، سي پڻ ڪنهن به موڙ تي ڏسڻ ۾ نه پيون اچن، تنهن ڪري اُها پنهنجي ساک بچائڻ خاطر ڪرپشن جي ڪيسن کي اُڪلائڻ چاهي ٿي ۽ بدقسمتيءَ سان اُهي سمورا ڪيس مخالف ڌر جي اڳواڻن تي داخل آهن. ٻئي پاسي مخالف ڌر جا اڳواڻ اِهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته کين انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اُهي مختلف وقتن تي سرڪار جو گهيرو تنگ ڪرڻ جا پڻ چتاءَ ڏيندا رهن ٿا. پر ڪنهن به قسم جي ڪا اڳرائي هيستائين ڏسڻ ۾ نه آئي آهي، جنهن جو هڪ ڪارڻ خود مخالف ڌر جي پارٽين ۾ موجود ويڇا آهن، جنهن ڪري اُهي احتجاج جو ڪو گڏيل سڏ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. پر جهڙي نموني حڪمران ڌر جا وزير مخالف ڌر جي پارٽين کي لفظن ذريعي چيڙائي رهيا آهن، تنهن کي ڏسندي اِهو ممڪن به نظر اچي ٿو ته اُهي ڪنهن به وقت گڏيل ڪو احتجاج ڪري سگهن، جنهن جو نه ته سرڪار کي ڪو فائدو رسڻو آهي نه وري مخالف ڌر جي پارٽين کي، بلڪه اهڙي ڪنهن فضا جُڙڻ سان مُلڪ ۽ عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ٿيڻ جا امڪان آهن. تنهن ڪري اسين ان راءِ جا آهيون ته حڪمران ڌر جي ذميوار ماڻهن کي پنهنجي روين ۾ نرمي آڻڻ گهرجي ۽ اهڙي گفتگوءَ کان ڪنارو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان مخالف ڌر جي ماڻهن ۾ تاءُ پکڙجڻ جو انديشو هُجي. جيڪڏهن اِئين نه ڪيو ويو ته پوءِ مخالف ڌر جيڪا في الحال ڳالهين جي حد تائين چتاءَ ڏئي رهي آهي، سا عملي طور به احتجاجي واٽ اختيار ڪري سگهي ٿي.

قاضي محمد اعظم جو وڇوڙو!

موت هڪ اٽل حقيقت آهي، جنهن به هن دنيا ۾ جنم ورتو آهي، اُن کي هڪ ڏينهن پنهنجي حقيقي مالڪ ڏانهن ضرور ورڻو آهي، پر ڪي شخصيتون پنهنجي زندگي ۾ ايترو ڪجهه ڪري وينديون آهن جو اُنهن جو وڇوڙو دنيا لاءِ ڪنهن صدمي کان گهٽ ناهي هوندو. وري جي اُن شخصيت جو تعلق ڪنهن اهڙي خاندان سان هُجي، جيڪو علمي، ادبي توڙي سياسي حوالي سان ساک رکندو هُجي ته ان جو صدمو نه رُڳو سندس گهر ڀاتين، پونئيرن بلڪه هڪ وسيع حلقي ۾ محسوس ڪيو ويندو آهي. اهڙي ئي شخصيت جو مالڪ قاضي محمد اعظم هو، جيڪو ڪالهه 93 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب پنهنجي مالڪِ حقيقيءَ سان وڃي مليو. قاضي محمد اعظم پنهنجي پوري زندگي جستجو ۽ جاکوڙ ۾ گذاري، پاڻ قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو، حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ڪيترائي ڀيرا صدر رهيو. هو عبرت گروپ آف پبليڪيشنز جي سرواڻ قاضي اسد عابد ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا جو چاچو هو. قاضي محمد اعظم کي غريب پرور ۽ سماج سڌارڪ طور ڄاتو ويندو هو. سندس وڇوڙي سببان سماج ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو گهڻي وقت تائين ڀرجي نه سگهندو. هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ اسين سندس ڪُٽنب سان پاڻ کي برابر جو شريڪ سمجهون ٿا ۽ ڌڻيءَ در دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي.