حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
وري ملاقات ٿيندي الائي نه!
ميان مير چانڊيو

ڪوٽ لکپت جي جيل ۾ باندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پ پ جي سربراهه نوجوان بلاول ڀُٽي جي ملاقات ٿي آھي. ملڪ جا تجزيي نگار ان ملاقات کي ڪيترائي عنوان ڏيئي رهيا آھن. بحر ڪيف اها ملاقات ٻن سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي ملاقات آھي. اها ملاقات حالتن سان گڏجي مقابلي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيڻ جي ملاقات آھي. اها ملاقات ماضيءَ جا فاصلا گهٽائڻ لاءِ گڏجڻ جي ملاقات آھي. دنيا جي نظر ۾ اها ملاقات ڀل ته سياسي پس منظر ۾ ئي هجي پر ظاهر ۾ اها ملاقات هڪ بيمار باندي جي عيادت ڪرڻ دوران ٿيل ملاقات آھي.

اها ملاقات ان وقت ٿي آھي. جڏھن انهن اڳواڻن ۽ سندن پارٽين تي ڏکيو وقت نازل ٿيو آھي. ڇاڪاڻ ته هن وقت سياست جي ڊڪشنريءَ ۾ انهن اڳواڻن جي پارٽين جي معنيٰ ۽ سڃاڻپ بدلائڻ ڪارڻ سر ٽوڙ ڪوششون هلي رهيون آھن. ملڪي تاريخ ۾ سياست جي ڊڪشنري ۾ اڄ به ڪيترن ئي پارٽين جا فقط نالا ملن ٿا، ليڪن اڄ انهن جو وجود باقي نه آھي. سو ڪڏھن ڪڏھن جڏھن سياست ۾ لڪون لڳنديون آھن ۽ ڏينهن تپندا آھن، ته ان وقت اهڙيون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آھن. ورنه پ پ ۽ نون ليگ هڪ ٻئي جون سخت مخالف پارٽيون رهيون آھن. ڇاڪاڻ ته جنهن وقت ڀُٽي صاحب کي سوليءَ چاڙهڻ جا سانباها ڪيا پئي ويا ته ان وقت ميان نواز شريف جنرل ضياءَ جو منظورِ نظر بڻجي چڪو هو ۽ هو اقتدار جي مسند تي پهچي چڪو هو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي گرفتاري کان عدالتي قتل تائين هن نه فقط اهي لقاءَ اکين سان ڏٺا ۽ ڪنن سان ٻڌا، پر هو ان حڪومت جو حصو هو، جنهن حڪومت ڀُٽي کي تخت تان هٽائي سوليءَ تي لٽڪايو هو.

هيءَ ملاقات ان ملاقات جهڙي نه آھي، جا ملاقات مياڻيءَ جي جنگ جي پڄاڻي جي ٻي ڏينهن فوجي ڇانوڻي ۾ جنرل سر چارلس نيپئر سان مير نصير خان، مير شھداد خان، مير حسن علي خان جي ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ انگريز جنرل کين تلوارون ته موٽائي ڏنيون پر کين فوجي ڪيمپ ۾ نظر بند رکيو، جنهن بعد پهريائين پوني ۽ بعد ۾ کين ڪلڪتي موڪليو ويو. جتي پاڻ هڪ ٻئي پٺيان فوت ٿيا.

هيءَ ملاقات ڀُٽي جي دوست پيلومودي ۽ ڀُٽي وچ ۾ ٿيل ملاقات جهڙي نه هئي جا سانتا ڪروز هوائي اڏي جي وي آءِ پي روم ۾ پيلومودي جي درخواست تي ٿي هئي، جنهن ۾ پيلومودي ھڪ هنڌ لکيو هو، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ صدر ايوب خان ڪولمبو ويل هئا. ايوب خان سامونڊي ٻيڙي جي هڪ جهاز ۾ ۽ ڀٽو هوائي جهاز وسيلي واپس پاڪستان پئي آيو. هن چيو ته مون ڏاڍي ڏکيائي سان ڪسٽم عملدارن کي ان تي راضي ڪيو ته ڀُٽي صاحب کي ساڻس ملائين.

هيءَ ملاقات نه وري شيخ مجيب ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي وچ ۾ ڍاڪا ۾ ٿيل ملاقات جهڙي آھي، جا 17 مارچ 1871ع تي يحيٰ خان جي زور ڀرڻ تي ٿي هئي. ڀٽو جڏھن ڍاڪا پهتو ته پهرين مجيب چيو ته هو ڀُٽي سان نه ٿو ڳالهائڻ چاهي. جڏھن ڀٽو ڪمري مان اٿي ٻاهر وڃڻ لڳو ته مجيب سندس هٿ پڪڙي چوڻ لڳو ڀاءُ مون کي بچاءِ. ايئن چئي ٻئي اڳواڻ ٻاهر هلڻ لڳا. مجيب، ڀُٽي کي چيو ته هو اولھ پاڪستان جو وزيراعظم بنجي وڃي ۽ کيس اوڀر پاڪستان جو وزيراعظم بنجڻ ڏي.

بلاول ۽ نواز جي ملاقات اهڙي ملاقات به ناهي، جهڙي ملاقات بينظير ڀٽو سندس ماءُ سان گڏ سندس قيدي پيءُ ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڪال ڪوٺڙي ۾ اڀي پير لوهي سيخن جي پويان ڪئي هئي، جنهن ۾ بينظير ۽ نصرت جا لڙڪ اکين مان ايئن ٽمي رهيا هئا، جيئن برسات بيهڻ کان پوءِ پکو ٽمڻ لڳندو آھي.

هيءَ ملاقات نه ته ڪا روحاني رشتن جي آخري ملاقات جيان آھي، ۽ نه ئي جنڪشن تي ريل چُرڻ وقت پرديس ويندڙ سان آخري موڪلاڻي جي ملاقات جيان آھي، جنهن ۾ جذبا آهون ۽ سيسراٽن ۾ تڙپندا آھن، اکيون ٽم ٽم لڙڪن سان ٽمنديون آھن.

هيءَ ملاقات انهن ملاقاتن کان به ڪيتري نه مختلف آھي، جيڪي ملاقاتون ڪنهن تتل ڏينهن دوران ڪونڀٽ جي ڇانوَ ۾ ٿينديون آھن. هيءَ ملاقات انهن ملاقاتن کان به گهڻو مختلف آھي، جيڪي ملاقاتون پهڻ ڪٽيندي ڪنهن جابلو غار جي ٿڌي ڇانوَ ۾ هلڪي هوا جي شور ۾ ٿينديون آھن. هيءَ ملاقات انهن ملاقاتن جهڙي آھي، جيڪي ملاقاتون سرمائيدار پنهنجو واپار وڌائڻ ۽ نقصان کان بچڻ لاءِ ڪندا آھن ۽ هو انهن ملاقاتن دوران اهي به سوچيندا آھن ته ٻئي جي کل ڪيئن لاهجي؟ ۽ پنهنجي کل ڪيئن بچائجي، جيتوڻيڪ نون ليگ جي کل ته لاٿي وئي آھي ۽ اڃان ان جي کل وڌيڪ خراب ڪرڻ لاءِ ڪنهن سياسي گهم واري موسم جو انتظار ڪيو پيو وڃي. ليڪن پ پ کي ڏکيا ڏينهن ڏيکارڻ لاءِ تياري ڪرائي پيئي وڃي.

پاڪستان جي سياست ۾ هر دور ۾ نوان تجربا ٿيندا رهيا آھن. ڪڏھن ون يونٽ جي شڪل ۾ ته ڪڏھن مارشلائن جي شڪل ۾ ته ڪڏھن وري نون ماڻھن کي تيار ڪري اقتداري آکاڙي ۾ لاٿو ويندو آھي. اهڙين حالتن ۾ جمهوري ڪاز کي نقصان پئي رسيو آھي. پاڪستان ۾ سياست جا اهي ٻه الميا رهيا آھن، هڪ ته ڪائي پارٽي اقتدار ماڻي ۽ ٻيو ته اها هميشه اقتدار ۾ رهي.

مون سياست ۾ انهن پاسن کي گهڻي گهرائيءَ سان محسوس ڪيو آھي ۽ مون اهو به محسوس ڪيو آھي ته اقتداري ڌريون ۽ مخالف ڌريون اڪثر ڪري ڪوڙ ۽ ڏٽن تي وقت گذارين ٿيون. جنهن سان عوام جي اعتماد کي سخت ڇيهو رسيو آھي ۽ انهن جي سياست ڏانهن سوچ فقط دوکي سان اقتدار حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي.

موجوده حڪومت هيستائين ٻيو ڪجھ ڪرڻ کانسواءِ اهو ڪجھ ڪري سگهي آھي جو ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل سياستدانن کي سخت گهيري ۾ وٺي سندن احتساب شروع ڪري ڇڏيو آھي، ۽ اهو ڊپ، ڊاءُ ڪرپٽ سياستدانن ۽ آفيسر شاهي کي ڏنو ويو آھي ته آئنده ايئن ڪرڻ سولو ڪم نه هوندو. اها ڪرپشن جي روڪٿام ڪنهن حد تائين رڪي آھي، پر اڃان به اهڙن ماڻھن وٽ ڪيئي اهڙا طريقا آھن، جن جي ڪري هو آهستي ئي سهي پر پنهنجو ڪم ڪندا رهن ٿا.

جيتوڻيڪ منهنجي سياست ۾ ڪا گهڻي دلچسپي نه رهي آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن حالتون اهڙو ته ڌڪي ڇڏينديون آھن، جو انهن ۡحالتن تي هڪ ذميدار اديب جي حيثيت ۾ لکڻ به فرض ٿئي ٿو. جيستائين مون لکڻ جي شروعات نه ڪئي هئي، تيستائين مون سياست ۾ ڪم ڪيو هو، سياست ۾ ڪم ڪرڻ ڪري ڪيترن ئي اڳواڻن کي ويجهي کان ڏسڻ پسڻ جو موقعو مليو هو. هلندي هلندي جڏھن ڏٺم ته سياست ۾ عام ماڻھن لاءِ فقط دلاسن کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي ته خاموش ٿي ويس ۽ مون کي يوناني فلسفي سائمو نائيڊس جا ڪنهن سپاهيءَ جي قبر تي لکيل اهي لفظ ياد آيا،

’هتي اوهان جا فرمانبردار ستل آھن جي اوهان لاءِ ماريا ويا جن کي اوهان وساري ڇڏيو.‘

ڪارساز حملي ۾ ماريل پ پ جي جيالن جو پ پ حڪومت فقط يادگار ئي ٺھرائي سگهي آھي، باقي انهن جي ڪٽنبن جي ڪيتري پرگهور لڌي ويئي آھي؟ اهو سوال اڄ به هڪ سوال ئي رهجي ويو ۽ جتي ڪٿي پڇيو وڃي ٿو.

نواز- بلاول ملاقات جيتوڻيڪ سياست ۾ ھڪ جمهوري روايت آھي، ان ملاقات سان جمهوري قدرن جي پاسداري ٿيندي، پر اڳيان هلي ڏسجي ته سياسي حالتون ڪيڏانهن ٿيون پلٽو کائين؟ هڪ ٻئي جي حريف جماعتن جي اڳواڻن جون اڳيان هلي ٻيون به ملاقاتيون ٿين ٿيون يا هڪ ٻئي کان رٺل پريمين جي ملاقات جيان هي ملاقات به آخري ملاقات ٿي رهي.