حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
سياست جي اُڀ تي گهرا ٿيندڙ ڇڪتاڻ وارا بادل!
مظهر خاصخيلي

پ پ جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيب هٿان ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سان سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهچي هڪ ڪلاڪ ملاقات ڪرڻ کان پوءِ پ پ جي ڪجهه اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هر دفعي پ پ جو احتساب ڇو ۽ ڇاجي لاءِ ڪيو ٿو وڃي؟ آخر اهڙو ڇا آهي؟ بي نامي اڪائونٽن وارو ڪيس، ملزم ۽ شاهد سڀ ڪجهه سنڌ جو آهي ته پوءِ ڪيس ڪنهن ٻئي هنڌ ڇو؟ نيب کي صرف سنڌ ۾ ڪرپشن نظر اچي ٿي، باقي صوبن ۾ ڪرپشن نظر ڇو نٿي اچي؟ بلاول جيڪي ڳالهيون پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيون آهن، انهن ۾ ڪافي ڪجهه سچائي به آهي ۽ اهو سچ آهي ته پ پ جي خلاف سدائين جڏهن به ڪا ڪارروائي ٿي آهي ته اها راولپنڊي ۾ ڪئي وئي آهي. پر ان کان به وڏو سچ اهو آهي ته اها پ پ ڀُٽي ۽ بينظير واري هئي ۽ اڄ جنهن پ پ جو بلاول چيئرمين آهي، اها پ پ نئين قيادت جي آهي. ان سچ کي به مڃڻو پوندو ۽ جهڙي نموني 13 مارچ تي اربع جي ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، ان ۾ ڪيل ڪجهه اهڙيون ڳالهيون جن تي ڪافي سوال ٿي رهيا آهن ۽ ڪجهه باشعور فرد سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته 11 مارچ تي بئنڪنگ ڪورٽ ڪراچي جي عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ ايم اين اي فريال ٽالپر جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ۾ 15 مارچ تائين واڌ ڪئي هئي. ۽ نيب پاران ڪيس راولپنڊي کڻي وڃڻ جي حوالي سان داخل ڪيل دخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو، جيڪو اڃا ٻڌايو ناهي ويو ۽ بئنڪنگ ڪورٽ پاران آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جنهن جي تاريخ 15 مارچ تي پوري ٿيندي، ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري پاران پريس ڪانفرنس ڪري اهو چوڻ ته ڪيس راولپنڊي جي عدالت ۾ ڪهڙي نموني هلندو. جڏهن ته ڪيس جا سمورا شاهد سنڌ جا آهن ۽ جعلي اڪائونٽ به سنڌ ۾ داخل ٿيل آهن. سا ظاهر ڪري ٿي ته اِها ڪانفرنس کانئس ڪرائي وئي آهي.

ميڊيا وسيلي اهي ڳالهيون به عوام تائين پهچي ويون آهن ته بلاول جي پريس ڪانفرنس ختم ٿيڻ وقت نيب سنڌ اسيمبلي اڳيان ڄام خان شورو جا گرفتاري وارنٽ کڻي پهچي وئي هئي پر هو ان ڪافلي مان نڪري ويو هو. نيب کيس گرفتار ڪرڻ جي لاءِ جاچي رهي آهي. گذريل 10 سالن کان وٺي سنڌ جي مٿان پ پ جي سرڪار جڙيل آهي. انهن 10 سالن اندر سنڌ ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي ۽ سنڌ جي نوجوانن کي ڪهڙو روزگار مليو آهي، اها ڳالهه به سنڌ جو هر باشعور فرد سمجهي ٿو، باقي هن وقت سنڌ اندر جهڙي نموني سان بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي، ان جي ڳالهه جا وري صحيح انگ اکر ڪجهه پنن تي لکي بيان نٿا ڪري سگهجن ۽ حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترن بيروزگار نوجوانن کي روزگار سرڪاري ادارن اندر جيڪڏهن مليو به آهي يا وري ڏنو ويو آهي ته ان جي به هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اها ساڳئي پراڻي تاريخ رهي آهي. ڀلي ڪجهه اچي يا نه، پورا ڪاغذ ٺهيل هجن يا وري نه، پر جيڪو جنهن نوڪريءَ جو اگهه مقرر ٿيل آهي، اهي پيسا جيڪڏهن ايجنٽ وٽ پهچي ويا ته اوهان پنهنجي گهر ويٺا هجو. آرڊر اوهان وٽ پاڻ پهچي ويندو ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي. جن ماڻهن وٽ پيسو آهي، اهي پنهنجي نوجوانن کي انهن جي مرضي واري نوڪري وٺي ڏئي رهيا آهن ۽ جن والدين وٽ پيسا ناهن ڀلي انهن جا پٽ يا وري نياڻيون هوشيار هجڻ سان گڏ پنهنجي هٿن ۾ ڊگيون کنيو گهمن، انهن جي نوڪري تي بين لڳل آهي. هن سموري صورتحال کي پيدا ڪنهن ڪرايون آهي ۽ سنڌ ۾ هن صورتحال جو ڪير ذميوار آهي؟ ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته ان جون سياسي ڌريون ذميوار آهن ۽ ڪجهه ڌرين جو وري اهو خيال اهي ته اصل واڳ ڌڻي جيڪي پڙدي جي پويان ويٺل آهن، اهي هن سموري صورتحال جا ذميوار آهن. هن وقت سنڌ جي جيڪا صورتحال خطرناڪ بڻيل آهي، ان کي سچ پڇو ته ڪجهه سٽن ۾ هتي بيان نٿو ڪري سگهجي. سموري سنڌ اندر عجيب ۽ غريب ماحول جڙي ويو آهي ۽ اهڙي صورتحال جي ڪري جنهن کي به سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ۽ محبت آهي، اهي ماڻهو يا وري ساڃاهه وند تمام گهڻو پريشان آهن ته هي حالتون سنڌ کي ڪاڏي وٺي وينديون؟

هڪ طرف لکين نوجوان بيروزگاري جي ڪري تمام گهڻو پريشان آهن جن جي پريشاني جي ڪري انهن جا والدين ۽ سمورا گهرڀاتي ڳڻتيءَ ۾ آهن ۽ ڪجهه وري نوجوان بيروزگار جي ڪري ڏوهن جي دنيا ۾ هليا ويا آهن ۽ ڪجهه وري منشيات جا عادي ٿي ويا آهن، ان جي لاءِ هاڻي بهتر اهو آهي ته اصل واڳ ڌڻي سنڌي ماڻهن مٿان رحم کائي، انهن جي ڦٽن مٿان مرحم رکن ۽ سنڌ جي لکين نوجوانن ۾ پيدا ٿيل احساسِ محروميءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جوڳا اپاءَ وٺن. جيستائين سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته اسين اِن تي ارها ناهيون، پر موٽ ۾ سنڌ توڙي سنڌ جي نوجوانن کي به ته ڪجهه ملڻ گهرجي. حالت اِها آهي ته جو ٿر ۾ روزاني معصوم ٻارڙا فوت ٿي وڃن ٿا، اسپتالن ۾ مناسب سهولتون ناهن، ماڻهن کي روزگار ناهي، ٻنين لاءِ پاڻي ڪونهي. ٻنيون ته ٺهيو پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي. عام ماڻهو پ پ کان پرانهان ٿيندا وڃن پيا. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن بلاول ڀُٽو زرداري جيل ڀريو تحريڪ يا ڪنهن ٻئي احتجاج جو ڏس ڏئي ٿو ته ڇا کين اُها موٽ ملي سگهندي، جيڪا هُن کان اڳ واري قيادت کي ملندي هُئي!

جيتوڻيڪ بلاول ڀُٽو زرداريءَ کان پوري مُلڪ کي تمام گهڻيون اُميدون آهن. جهڙي نموني هُن ميان صاحب سان جيل ۾ وڃي ملاقات ڪري ساڻس عيادت ڪئي، اُن کي سندن مخالف به ساراهي رهيا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته بلال ڀُٽو زرداريءَ کي ڪرپشن واري مامري جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، خاص ڪري سندس پارٽيءَ ۾ جنهن جنهن ماڻهوءَ تي ڪرپشن جا الزام آهن، اُنهن کي پارٽيءَ کان تيستائين پاسيرو ڪيو وڃي ها، جيستائين اُهي عدالتن ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪري سُرخرو نه ٿين ها، پر ايئن ڪرڻ بدران پارٽي ماڳهين ٽڪراءَ واري پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، جنهن سان جيتوڻيڪ اُها پنهنجي ماڻهن تي امڪاني سختيءَ کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب ته ٿي سگهي ٿي، پر بلاول ڀُٽو مان خلق کي جيڪي اُميدون هيون، اُنهن اُميدن کي پيپلز پارٽي هميشه لاءِ وڃائي سگهي ٿي. ڏسجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال ڪهڙي بيهي ٿي ۽ جيڪڏهن مخالف ڌر واقعي به ڪا گڏيل تحريڪ هلائي ٿي ته پوءِ حڪومت کين ڪهڙيءَ ريت مُنهن ڏيندي، اِهو پاڻ ايندڙ وقت تي ڇڏيون ٿا!