حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
ٺهرائن مٿان ٺهراءُ ڇا پيو ثابت ڪري!
نسيم بخاري

 3ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي گڏيل اتفاق راءِ سان هڪڙو ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، جنھن ۾ سنڌ اندر سمورن اسڪولن کي هر صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ڏيڻ لاءِ پابند بڻايو ويو آهي. ٺهراءُ جي پسمنظر ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ شاعر سيد سردار شاھ ڏاڍيون زبردست وطن دوست ۽ سماج دوست ڳالھيون ڪيون آهن. هن جيڪو ڪجھ چيو آهي سو هر سنڌيءَ جي سوچ جي عڪاسي آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا رڳو ڳالهيون ڪرڻ ئي ڪافي آهن؟ ڇا عملي حوالي سان ڪا اڳڀرائي نه ٿيڻ گهرجي؟ وقت ۽ حالتون ڪنهن اهم ۽ مثبت تبديليءَ جي تقاضا نه ڪري رهيون آهن؟ سنڌ سُرهي تڏهن ٿئي ها جڏهن وڏو وزير سائين مراد علي شاھ يا تعليم وارو وزير سنڌ اندر سنڌي نه پڙهائيندڙ خانگي اسڪولن جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ سندن رجسٽريشن رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ها يا ان ڏس ۾ اهڙي ڪارروائي لاءِ ڪو خط پٽ لکي ها. تڏھن خلق کي اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي ها ته پ پ رڳو سنڌ ڪارڊ کيڏندي ناهي پر سنڌ ڪاز جي حوالي سان ڪجھ ڪري به ڏيکاريندي آهي. سنڌ جو وڏو وزير يا تعليم جو وزير جيڪڏهن سنڌي نه پڙهائيندڙ خانگي اسڪولن جا وچور وائکا ڪري ها، تڏهن واھ واھ ٿي وڃي ها ۽ خبر پئجي وڃي ها ته سنڌي ٻوليءَ سان ساڙ رکندڙ ڪهڙا اسڪول آهن ۽ انهن جي مالڪن جون نيتون ڪهڙو ڪم پيون ڪن.

سردار علي شاھ هندستان جو حوالو ڏيندي اها ڳالھ ته ياد ڏياري آهي ته اتي سنڌي ٻوليءَ سميت ڇٽيھ مختلف ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو مليل آهي پر اهو ذڪر نه آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيتري عرصي کان ستن ٻولين کي قومي ٻولي بڻائڻ واري بل کي يقيني صورت ڏيارڻ لاءِ ڪيترا ڀيرا لک پڙهه ڪئي وئي آهي؟ تعليم جو وزير قومي اسيمبليءَ ۾ قومي ٻولين بابت بل جي حوالي سان رڳو افسوس جو اظھار ڪري چڪو آهي، پر سنڌ کي افسوس بدران عمل جي ضرورت آهي. سنڌ ڄاڻي ٿي سنڌ اسيمبليءَ اهو ٺهراءُ 2010ع، 2011ع مارچ ۽ سيپٽمبر 2016ع ۾ به پاس ڪيو هو، پر سوال اهو آهي ته انھن ٺهرائن ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو يا انهن جو ڪهڙو کڙ تيل نڪتو؟

مونکي ته ان ڳالھ تي حيرت ٿيندي آهي ته جيڪي ڪم حڪومت کي ڪرڻا هوندا آهن، اهي ڪرڻ بدران رڳو دلاسو ڏيڻ ئي ضروري ڇو سمجهندي آهي. جڏھن ته اها به حقيقت آهي ته مادري ٻولي کي اهميت نه ملڻ وارو معاملو ئي هن ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو سبب بڻجي چڪو آهي. بنگالي ٻوليءَ کي جيڪڏهن جائز مقام ملي ها ته اڄ بنگلاديش آزاد رياست جي حيثيت ۾ وجود نه رکي ها.

سنڌ ۾ حڪمران جماعت جي عورت اڳواڻ ماروي فصيح شاھ طرفان پيش ٿيل بل تي سنڌ سوچي ٿي ته آخر ڇا سبب آهي جو رڳو ٺهرائن مٿان ٺهراءُ پاس ڪيا پيا وڃن ۽ عملي طور تي پ پ سرڪار ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ به تيار نظر نه پئي اچي. سنڌ سرڪار جو ڪو به وزير مشير يا ترجمان هنن سٽن لکجڻ تائين اها وضاحت نه ڪري سگهيو آهي ته آخر هڪ نئين ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي ۽ اهو ته گذريل ٺهرائن ۽ نئين ٺهراءُ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

سنڌ ۾ ساڍا ٻارنهن هزار خانگي اسڪول آهن، انهن مان جيڪڏهن ڪن چاليھ، پنجاھ اسڪولن خلاف ڪارروائي ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ها ته عوام کي لڳي ها ته سچ پچ به پ پ سرڪار سنڌي ٻوليءَ واري معاملي تي سنجيده آهي پر افسوس ته مٿين سمورن ڪرڻ جهڙن ڪمن جي حوالي سان ڪجھ به ٿي نه سگھيو آهي. جن پرائيويٽ اسڪولن جي ڪارروائي جي ڳالھ ڪئي وئي آهي، انهن پرائيويٽ اسڪولن جي سرڪار تي اک ئي نه ٿي ٻُڏي. انهن جي پيٽ ڀرائيءَ جو اندازو انهيءَ ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته اونهاري ۾ سرڪار جيڪو موڪلن جو اعلان ڪندي آهي، هو انهن تي عمل نه ڪندا آهن ۽ پنهنجو پروگرام جاري ڪندا آهن.

سنڌ سرڪار پاران سنڌي پڙهائڻ بابت پاس ڪرايل نئون ٺهراءُ به بلڪل ان قانون جهڙو ٿو لڳي، جنهن مطابق عام مسافر بسن ۽ ويگنن جا ڀاڙا طئي هڪڙا ٿيل هوندا آهن، پر خلق کان ٽرانسپورٽر انهن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي ڀاڙو وٺندا آهن. اڄ به هر ضلعي ۽ ڊويزن جي حوالي سان انيڪ نوٽيفڪيشن موجود آهن ۽ منظرِعام تي آهن پر حيثيت ۾ ڊڪٽيٽر ضياءَ جي لفظن ۾ ڪاغذ جي ٽڪڙي کان وڌيڪ نه آهي. سو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جن خانگي اسڪولن جي سرڪار تي اک ئي نه ٻڏندي هجي، اهي تازي سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءُ جو ڪهڙو اثر قبول ڪندا؟

 1973ع ۾ صوبائي ٻولي کي دفتري ٻولي جو درجو مليل آهي. وفاق سان به پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ لک پڙهه ڪري سگهجي ٿي، ته پوءِ آخر ڇا سبب آهي جو سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري کاتن ۾ انگريزي تي ڀاڙيو ويندو آهي؟ سنڌ کي سچي پچي خوشي تڏهن ٿئي ها جڏهن سنڌ جي سمورن کاتن ۾ دفتري لک پڙهه سنڌي ٻوليءَ ۾ يقيني بڻائي وڃي ها. تڏهن ئي سنڌ سمجهي ھا ته سنڌ اسيمبليءَ جي منظور ڪيل ”دي سنڌ ٽيچنگ پروموشن“ واقعي به ڪارائتي شيءِ آهي. سنڌي ٻولي جو استعمال  1972 ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ طور پڙهائي ويندي. ساڳئي قانون ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته سنڌ حڪومت کي اهو اختيار حاصل هوندو ته اها سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان رولز ٺاهي ۽ حڪومت اهڙا رولز به ٺاهي سگھي ٿي، جنھن تحت سنڌي ٻوليءَ کي اسڪولن ۾ ڪنهن به مرحلي تي لازمي مضمون قرار ڏيندي، سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ اڪيڊميز ۽ بورڊ ٺاهيا ويندا. اهڙي طرح سنڌ سرڪار ادارن، آفيسن، سنڌ اسيمبلي، ڪورٽس ۽ ٻين ادارن ۾ سنڌي ٻولي جي استعمال لاءِ پڻ حڪومت رولز ٺاهي سگهندي ۽ قدم کڻي سگهندي. اهڙي طرح ان قانون ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته سنڌ حڪومت سنڌي ٻوليءَ کي صوبي جي ادارن ۾ لاڳو ڪرڻ جا مڪمل اختيار رکي ٿي. اهڙي طرح سنڌ پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوٽ (ريگيوليشن ۽ ڪنٽرول) ايڪٽ 2005ع تحت پڻ سنڌ حڪومت خانگي تعليمي ادارن ۾ پنهنجون پاليسيون لاڳو ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي ۽ خانگي تعليمي ادارا پڻ سنڌي ٻولي لازمي طور تي پڙهائڻ جا پابند آهن. پر سنڌ ۾ تقريبن سمورا خانگي اسڪول سنڌي ٻولي نٿا پڙهائين. ايتري قدر جو ڪراچي جي سرڪاري تعليمي ادارن مان سنڌي به کي نيڪالي ڏني وئي آهي. ان نيڪالي پويان پراون سان گڏ پنهنجن جو به هٿ آهي. جن نسل پرست ٽولي کي خوش رکڻ لاءِ تاريخ جي مجرم هئڻ وارو تعارف حاصل ڪرڻ کان به نه ڪيٻايو آهي. اهو نسل پرست ٽولو جن کي خوش ڪرڻ ۽ خوش رکڻ پ پ پارٽي سدائين اڳ کان اڳري رهي، تنهن کي تاريخ پنهنجي منطقي انجام تي پهچائي ڇڏيو آهي. سو پ پ ان نسل پرست ٽولي کي نظر ۾ رکندي پنهنجي مستقبل جي حوالي سان به سنجيده سوچ ويچار ڪري ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ان جو حشر به ماضيءَ جو ڪو قصو بڻجي وڃي. پ پ هن وقت تائين سدائين سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو ۽ فائدا ورتا پر هاڻ جو بقا سنڌ ڪاز ۾ آهي ته سنڌ ڪاز لاءِ جنهن سچائيءَ جي ضرورت آهي اها عملي طور تي به ڏسڻ ۾ اچي. ڏسڻو اهو آهي ته اهڙو واءُ ڪڏهن ٿو وري.