حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڳالهايون ٿا ته اسان کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (رپورٽ: ضياءُ قريشي)  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف پابندي مڙهيل تنظيمن سان گڏجي چونڊون وڙهيون ۽ اسان پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڳالهايون ته اسان کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو آهي. بينظير پارڪ ڪلفٽن ۾ وڻڪاري مهم جي افتتاح جي موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت ۾ جڏهن اپوزيشن ملڪي مفاد جي باري ۾ ڳالهائيندي مودي کان جواب طلب ڪري ته ڀارتي وزيراعظم کين ملڪ دشمن قرار ڏيندو آهي، اهڙو ئي اسان پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن بابت حڪومت کان جواب گهرون ٿا ته اسان کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي ٻاراڻن بيانن جو سلسلو بند ڪري سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهو ملڪ لاءِ اهم وقت آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ماحولياتي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پهرئين ڏينهن کان ڪوششون ڪري رهي آهي، شهيد بينظير ڀٽو به پنهنجي حڪومتي دور ۾ وڻڪاري تي ڪم ڪيو هو جڏهن ته آصف علي زرداري هڪ ون مين، ون ٽري جو تصور پيش ڪيو هو. پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت طرفان وڻڪاري شروع ڪرڻ سٺو قدم آهي ۽ اهو سلسلو اڳتي وڌائيندي لياري ۽ ملير تائين وڌائينداسين. ان موقعي تي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه. صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروس سيد ناصر حسين شاهه، بلديات وارو وزير سعيد غني ۽ پڻ موجود هئا.