حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
حڪومت بلاول ڀٽو جي جيل ڀريو تحريڪ واري اعلان کي معمولي نه سمجهي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (رپورٽ اعجاز لغاري) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ سينيٽر مولا بخش چانڊيو وزيراعظم عمران خان کي مشورو ڏنو آهي ته اهو ملڪ ۾ انتقام ۽ انتشار وارو ماحول پيدا ڪرڻ بدران سياسي استحڪام قائم ڪري، حڪومت بلاول ڀٽو جي جيل ڀريو تحريڪ واري اعلان کي معمولي ڳالهه سمجهڻ بدران ان جو نوٽيس وٺي، ملڪ ۾ محب وطن عذاب ۾ ۽ پابندي مڙهيلن کي رعايتون ڏنيون پيون  وڃن، دهشتگردي کي ڌار ڪرڻ ئي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري نه رڳو سنڌ اسيمبلي جي پر سنڌ جي حق حاڪميت جي به توهين ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن خلاف رڻ ٻاريو پيو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان صوبن کي مايوس ڪري رهيو آهي، خاص ڪري سنڌ کي وڌيڪ مايوس ڪيو پيو وڃي، اهو عمل درست ناهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي مطالبن جو مذاق اڏايو پيو وڃي، اهو سٺو عمل ناهي، وفاقي اڪائين جو مذاق اڏائڻ بدران ان جو احترام ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته پ پ ڪڏهن به سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، ڪراچي سنڌ جي دل آهي، ڪراچي سميت سنڌ جي ڪنهن به شهر کي ورهائڻ واري سازش ناڪام بڻائي ڇڏينداسين، هن چيو ته وزيراعظم جي پاليسين ڪري پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، هن چيو ته ملڪ جا محب وطن عذاب ۾ آهن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن کي رعايتون ڏنيون پيون وڃن، جنهن دهشتگردي سان پاڪستان، قوم ۽ ادارن کي نقصان مليو آهي، هاڻي ان دهشتگري کان عليحدگي اختيار ڪرڻ ئي ملڪ جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته نواز شريف کي مون ڪڏهن به قومي وزيراعظم تسليم ناهي ڪيو پر اڄ اهو مشڪلاتن ۾ آهي اسان جمهوري ۽ سياسي روايتن جي پاسداري ڪندي نواز شريف کي علاج جون بهتر سهولتون ڏيڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا، هن چيو ته بلاول ڀٽو جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي، ان جو حڪمرانن کي سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن حڪمرانن سنجيدگي اختيار نه ڪئي ته بلاول ڀٽو اوچتو ملڪي سياست ۾ ڌماڪو ڪندو، هن چيو ته اسان نجومي ناهيون پر ملڪي حالتن کي ڏسي ڪري ملڪ جي ايندڙ صورتحال بابت ٻڌائي سگهون ٿا، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران خان کي سياسي انتقام وارو رستو ترڪ ڪرڻو پوندو، عوام حڪمرانن جي قدمن جو جائزو وٺي پيو، جيڪڏهن حڪمرانن قدم درست نه ڪيا ته عوام جو سخت رد عمل سامهون ايندو ۽ هڪ اهڙي تحريڪ شروع ٿي ويندي، جنهن کي ڪو به روڪي نه سگهندو، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ ۽ قومي ليڊرن جو مذاق نه اڏائي، عمران خان قومي ادارا وڪرو ڪري ملڪ نٿو هلائي سگهي، هن چيو ته قومي ادارا ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ آهن، هن چيو ته موجوده حڪمرانن حڪومت ۾ ايندي ئي عوام کي رليف ڏيڻ بدران عوام کي مهانگائي، بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.