حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
ملڪ اندر صحيح احتساب ٿئي ته ايوانن ۾ اڪثر ميمبرن کي جيل نصيب ٿيندي: سراج الحق

مٺي (ڊ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير ۽ سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته  موجودہ حڪومت تجرباتي بنیادن تي ملڪ کي هلائي رهي آهي،جنهن کي پنج سال سکڻ ۾ لڳي ويندا،هن وقت حڪومت جي ڪارڪردگي ناهي ته انهي ته ڪهڙي ڳالھ ڪجي،پنج سال بعد هن ملڪ جو ڪهڙو حشر هوندو اهو خدا ڄاڻي ٿو،انڊيا جي طرف کان جيڪو چئلنجز سامهون آهن انهي چئلنجز کي صحيح نموني منهن ڏيڻوپوندو،ملڪ اندر اگر صحيح احتساب ٿئي ته ايوانن ۾ اڪثريت ماڻهن کي جيل نصيب ٿيندي،پر هن حڪومت احتساب جي نالي کي خوار خراب ڪري ڇڏيو آهي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن مٺي ۾ 60 بسترن تي قائم الخدمت فائونڊيشن اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. سراج الحق چيو ته الخدمت ٿر جي عوام لاءِ عظيم عاليشان اسپتال قائم ڪئي آهي،پوئتي پيل هن علائقي ۾ ايڏو وڏو صحت مرڪز عوام لاءِ وڏو تحفو آهي،هن ٿر جهڙي خطي ۾ وڏن  وزيرن وزيراعظمن اچي گهڻا ئي اعلان ڪيا پر الخدمت عملي طور تي اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو انهن جي صلاحيتن کان به وڏو ڪم آهي،ٿر جي مريضن جي چهرن تي وڏو اعتماد نظر آيو آهي ۽ خوشي ٿي آهي،ٿر ۾ پاڻي،صحت ۽ خوراڪ جا وڏا مسئلا آهن،ھن اسپتال ۾ سئوسيڪڙو علاج مفت آهي،هي پروجيڪٽ پوري ملڪ جي فلاحي منصوبن مان بي مثال آهي،جماعت اسلامي سياست کان بالاتر ٿي ڪري عوام جي خدمت ڪري رهي آهي،ڇو ته اسين انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکون ٿا،هن صحراءِ ٿر جي ماڻهن جي خدمت جذبي کانسواءِ ممڪن ناهي،باقي ماڻهو سوچيندا آهن  اسان جي رضاڪارن ڪري ڏيکاريندا آھن،سراج الحق وڌيڪ چيو ته مستقبل جو هڪ روشن ٿر ڏسي رهيو آهيان،هتي ماڻهو ڪمائڻ ايندا،الله پاڪ ٿر کي خزانن سان مالامال ڪري نوازيو آهي،ٿر واسي وڏا خوشنصيب آهن،ٿر جا ماڻهو باصلاحيت آهن،هتي مسلمان ۽ هندو برادري امن سان رهي ٿي،جنهن کي اخلاقيات سکڻي هجي ته هو ٿر اچي ڏسي،جتي پاڻي ناهي پر محبتن جا چشما موجود آهن،اگر حڪومت چاهي ته ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي مفت صحت جون سهولتون ڏيئي سگهي ٿي،آئين ۾ موجود آهي ته عوام کي صحت سميت بنيادي سهولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي،پر اسان جا حڪمران انڌا ۽ ٻوڙا آهن،آئون اڄ اعلان ڪيان ٿو ته موقعو مليو ته اسان جي  پاڪستان ۾ ڪوبه ٻار بکيو نه سمهندو رياست جو ڪم ٽيڪس جمع ڪرڻ ناهي،بلڪ  عوام  جي خدمت ڪرڻ آهي،پر هتي اسان وٽ ابتو سسٽم هلي رهيو آهي جيڪو ٻار طاقتور هجي انهي کي رياست يعني ماءُ کير ڏيندي آهي ۽ ڪمزور ٻار رڙيون ڪندو رهندو آهي،اسان جو جهيڙو ڪنهن فرد سان نه پر ظالماڻي نظام جي خلاف آهي،ڇو ته انقلابي تبديلي صرف الله جي نظام ۾ آهي،انهي.موقعي تي جماعت اسلامي صوبي سنڌ جي امير محمد محنتي،معراج الهدي صديقي،مولانا اسد الله ڀٽو،الخدمت پاڪستان جي صدر عبدالشڪور،اعجاز الله،جماعت اسلامي ٿر جي امير مير محمد بليدي،سبحان سميجو ۽ ٻين به خطاب ڪيو.