حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
پاڪستان جي اقتصادي ۽ معاشي استحڪام لاءِ سفارتڪاري جو قدم فائديمند ثابت ٿيندو: اسد عمر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ جي معاشي، دفاعي ۽ پرڏيهي چئلينجن تي ٽن وفاقي وزيرن جي اهم ملاقات ٿي آهي، جن ۾ اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود قريشي شامل هئا. ملاقات ۾ ٽنهي ملڪ جي معيشت،دفاع ۽ پرڏيهي معاملن سميت اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ۽ معاشي استحڪام لاءِ سفارتڪاري جو قدم فائديمند ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزير شاهه محود قريشي جو چوڻ هو ته ملڪ جي معاشي استحڪام ۾ اي ويزا، سياحت، واپار ۽ اندروني سيڙپڪاري کي هٿي سنگ ميل ثابت ٿيندي. بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته پرڏيهي وزارت بهترين سفارتڪاري ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ڏانهن ڇڪايو. ان موقعي تي اسد عمر ۽ پرويز خٽڪ دنيا اڳيان پاڪستان جو اميج سٺي انداز ۾ اجاڳر ڪرڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي مبارڪ ڏني.