حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
جج روايتي سوچ ۾ پيل آهن، غريبن ۽ اميرن لاءِ جدا جدا انصاف نه هجڻ گهرجي: فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جج روايتي سوچ ۾ پيل آهن،عدالتي سڌارا اڻٽر آهن، امير ۽ غريب جي لاءِ جدا جدا انصاف نه هجڻ گهرجي، اميرن جي لاءِ جيل فائيو اسٽار هوٽل ۽ غريبن جي لاءِ گهر به جيل بڻيل آهن، جيستائين عام ماڻهو کي اهو احساس نه ٿيندو ته هن ملڪ ۾ امير ماڻهو ۽ غريب ماڻهو جي لاءِ هڪ ئي قانون آهي ان وقت تائين پاڪستان اڳتي نٿو وڃي سگهي، حڪومت، عدليه ۽ وڪيل گڏجي عدالتي سڌارا ڪري سگهن ٿا، عدالتي سڌارن سان قومي معيشت ۾ به بهتري ايندي، هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري جو طريقيڪار واضح هجڻ گهرجي، اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڄي ملڪ جي وڪيلن به رت جو نذرانو پيش ڪيو آهي، اڄ جنهن هال ۾ اسان ويٺا آهيون اهو 2014ع ۾ شهيد ٿيندڙ وڪيلن جي نالي سان منسوب آهي، پاڪستان جي هر طبقي دهشتگردي جي خلاف پنهنجو رت ڏنو آهي، هن چيو ته اسلام آباد بار ايسوسيئيشن ۾ پنج هزار ۽ هاءِ ڪورٽ بار ۾ پوڻا چار هزار وڪيل پنهنجون پيشيوراڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت پاڪستان جون حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، ملڪ ۾ راندين جا ميدان آباد ٿي رهيا آهن، ان بهتر ٿيندڙ صورتحال ۾ وڪيلن جون قربانيون به شامل آهن، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته آئون وڪيل طور بار اسلام آباد ۾ پريڪٽس ڪندو رهيو آهيان مون کي خوشي آهي ته اڄ به آئون پنهنجي وڪيل برادري سان ڳنڍيل آهيان. هن چيو ته اسلام آباد جا ميمبر به وڏن وڏن عهدن تي رهيا آهن پر بدقسمتي سان انهن پنهنجا پنهنجا گهر تي تمام وڏا ڪري ورتا پر بار جي حالت تي ڌيان نه ڏنو. وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين عمارت ۾ منتقل ٿي وڃي ته پوءِ ضلعي عدالتن کي اتي منتقل ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته جڏهن وزيراعظم اها ڳالهه ڪندو آهي ته ايترو وڏو وزيراعظم هائوس 11 سئو ڪينال تي ٺاهيو ويو آهي ته قومي خزاني کي بي دردي سان ڦريندڙن اهو چوندا آهن ته ان جي ضرورت آهي، هن چيو ته چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ سي ڊي اي چيئرمين سان ڳالهه ڪئي ويندي ته هو ضلعي عدالتن جو دورو ڪري وڪيلن جا مسئلا ٻڌن ۽ انهن جو فوري حل يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ اسان عام ماڻهو کي فائدو ڏيڻو آهي ته عدالتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، حڪومت، عدليه ۽ وڪيل گڏجي عدالتي سڌارا ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته اسلام آباد جو نئون ماسٽر پلان بڻجي رهيو آهي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان وڏين عمارتن ٺاهڻ جي اجازت ڏني آهي، هن چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته سمورين بار ايسوسيئيشنز کي گڏ کڻي هلون، هن چيو ته اسلام آباد ۾ ججز روٽيشن جو مسئلو هلي رهيو آهي ۽ اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويندو، هن چيو ته سچي ڳالهه اها آهي ته ڪو برابر نه آهي امير ماڻهو جي لاءِ جيل فائيو اسٽار هوٽل بڻيل آهي ۽ غريب ماڻهو جي لاءِ گهر جيل بڻيل آهي، هن چيو ته جج به روايتي سوچ ۾ پيل آهن، ان لاءِ هاڻي عدالتي سڌارا اڻٽر ٿي ويا آهن، هن چيو ته آئون سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججن کي خط لکي رهيو آهيان ته هر ضلعي ۾ نارواسلوڪ جي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ ٻه جج مقرر ڪيا وڃن، هن چيو ته حڪومت جي بار ايسوسيئيشن سان ويجها رابطا ضروري آهن، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي دل عام ماڻهو جي لاءِ ڌڙڪندي آهي هو پاڪستان جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿون ان جي نيت ۽ ڪوشش تي شڪ نٿو ڪري سگهجي، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ وڏي بحران مان نڪتا آهيون، هاڻي اسان کي معاشي بحران مان نڪرڻو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جو سپورٽر مڊل ڪلاس جو ماڻهو آهي، اسان ڪرپشن روڪڻ تي ڪو به ٺاهه نٿا ڪري سگهون، فواد چوڌري چيو ته هن وقت پاڪستان جي جيڪا صورتحال آهي اسان کي عمران خان کان بهتر ماڻهو ڪو نٿو ملي سگهي، هن چيو ته ماڻهن نظام جي تبديلي جي لاءِ اسان کي ووٽ ڏنو آهي، حڪومت ڪوبه ٺاهه نه ڪندي، هن چيو ته بلاول ڀٽو جيل ڀريو تحريڪ جي ڳالهه ڪئي آهي لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ضرورت نه آهي اتي جا جيل پاڻ ئي ڀرجي ويندا ۽ ٻين صوبن جي پيپلزپارٽي هڪ بيرڪ ۾ بند ٿي ويندي، چوڌري فواد حسين چيو ته انتقامي سياست جي ڳالهه ڪندڙ رڳو الزام لڳائي رهيا آهن، اهي ڪيس ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي هڪ ٻئي جي خلاف داخل ڪيا هُئا، اسان ته ڪو جج ڀرتي ناهي ڪيو ۽ نه ڪو ڪيس بڻايو آهي، هن چيو ته ست مهينن ۾ حڪومت جو ڪو به اسڪينڊل سامهون ناهي آيو، خزانو به حيران هوندو ته ست مهينن ۾ ان کي ڪنهن ڦريو نه آهي. هوڏانهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي بيان تي اڌ ڪلاڪ ۾ يوٽرن وٺندي قومي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، فواد چوڌري بار ڪائونسل کي خطاب ڪرڻ وقت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وچولي طبقي جي سياست کي بچائڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي جي وڏي وزير، وزيرن ۽ ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ ضروري هو جيڪڏهن ائين نه ڪيو وڃي ها ته ان سان وچولي طبقي جي سياست ختم ٿي وڃي ها، هن چيو ته مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافو ضروري آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پاران اضافي کي غير ضروري قرار ڏئي ٽوئيٽ ڪرڻ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ئي فواد چوڌري پنهنجي اڳ ۾ ڏنل بيان تي فوري طور تي يوٽرن وٺندي اضافي کي ماڳهين وزيراعظم ۽ حڪومت جي پاليسين جي خلاف ورزي قرار ڏيندي پنهنجون نئون موقف جاري ڪندي چيو ته پنجاب جي وڏي وزير ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن پاران پاڻ کي نوازڻ وارا قدم وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي پاليسين سان ٽڪراءُ ۾ آهن، ان پاليسي تي فوري نظرثاني ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن پاڻ کي نوازڻ جا قدم نه رڳو وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي پاليسين جي ابتڙ آهن پر تحريڪ انصاف جي پاليسي جو سراسري مذاق اڏايو ويو آهي، ان پاليسي تي فوري طور تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.