حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
ناميارو قانوندان ۽ هاءِ ڪورٽ بار جو اڳوڻو صدر قاضي محمد اعظم لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد/ڪراچي(رپورٽ: غلام حسين خاصخيلي/ضياءَ قريشي) اڳوڻو ايم پي اي، ناميارو قانوندان ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر، قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جو ننڍو ڀاءُ قاضي محمد اعظم 93 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ضياءَ الدين اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، قاضي محمد اعظم عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سرواڻ قاضي اسد عابد جو چاچو هو، مرحوم هڪ پٽ عاصم عباسي ۽ چار نياڻين سميت سمورو قاضي خاندان سوڳوار ڇڏيو آهي، قاضي محمد اعظم جو جنم پهرين جنوري 1929 تي حيدرآباد ۾ ٿيو. قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڪالت ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ڪيترائي ڀيرا صدر به رهيو. هو دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي ضياالدين اسپتال ۾ داخل هو، جتي رات جو دم ڌڻي حوالي ڪيائين، قاضي محمد اعظم سماج سڌارڪ قاضي افضل عابد، عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي چيئرمين، اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ فيڊرل ڪائونسل جي ميمبر قاضي اسد عابد ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا جو چاچو هو سندس لاڏاڻي جو ٻڌي قاضي اسد عابد، ميان مقصود، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻيا اسپتال پهچي ويا، نامياري قانوندان قاضي محمد اعظم جي جنازي نماز اڄ عصر جي نماز بعد مسجد عثمان سي ويو مولانا عبدالستار ايڌي روڊ ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد مرحوم جو مڙهه تدفين لاءِ نيو ويندو، قاضي اعظم جي لاڏاڻي تي مرحوم جي ڪراچي واري رهائشگاهه تي مٽ مائٽ پهچي ويا آهن، هوڏانهن اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر الحق فون ڪري ڏکويل ڪٽنب سان پير الاهي بخش ڪٽنب پاران تعزيت ڪئي هو جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪراچي پهچي رهيو آهي.