حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
نيب پاران ڄام خان شوري جا وارنٽ جاري، نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي درخواست

ڪراچي(بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽر جنرل نيب پاران اميگريشن ۽ پاسپورٽ جي ڊي جي کي خط لکي نيب آرڊيننس جي سيڪشن 27 تحت سنڌ جي ايم پي اي ڄام خان شورو جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ چيو ويو آهي، لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيب طرفان ڄام خان شوري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، ان ڪري سمورن اميگريشن سينٽرن ۽ عالمي ايئرپورٽن تي اهو اطلاع ڏنو وڃي ته مٿي ڄاڻايل فرد جو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ممڪن نه ٿي سگهي ۽ سندس ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش جي صورت ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر انٽيليجنس اينڊ سيڪيورٽي نيب ڪراچي نعمان مشتاق کي اطلاع ڪيو وڃي ته جيئن وارنٽن جي تعميل ٿي سگهي.