حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
حڪومت سرمائيدارن ۽ واپارين لاءِ منافعي بخش ڪاروبار جي موقعن تي يقين رکي ٿي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئون پاڪستان پرامن ۽ اڀرندڙ سماجي ۽ معاشي موقعن سان ڀرپور آهي. ٻن ڏينهن جي سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ 25 ملڪن جي شريڪ نمائندن وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزراعظم جو چوڻ هو ته اڄ جو پاڪستان تبديل ٿي چڪو آهي ۽ نئون پاڪستان پرامن ۽ اڀرندڙ سماجي ۽ معاشي موقعن سان ڀرپور آهي. هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن ۽ اهو عمل حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين ۽ سهولتن ۾ بهتري ظاهر ڪري ٿو. عمران خان چيو ته حڪومت سيڙپڪارن ۽ واپارين لاءِ منافعي بخش ڪاروبار جي موقعن تي يقين رکي ٿي، ڇو ته ڪاروباري برادري کي منافعي بخش بڻائڻ سان ڪاروباري عمل ۾ تيزي ايندي ۽ ڪاروباري سرگرمين سان روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد سمٽ ٿيڻ پرڏيهي سيڙپڪارن جي پاڪستان تي اعتماد جو ثبوت آهي.