حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
تبديلي سرڪار پاران ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جي اڳواٽ آگاهي، عوام رڙيون ڪندو: اسد عمر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تبديلي سرڪار ملڪ جي ترقي ۾ مهانگائي جو ڪردار ڳولي ورتو آهي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان اچڻ بابت اڳواٽ آگاهي ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿيڻ وارو آهي، عوام رڙيون ڪندو پر ملڪ جي معيشت بحال ٿيندي ته مهانگائي ۾ ته اضافو ٿيندو، قومي اسميبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسد عمر چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت بجلي جي قيمت کي چونڊ مهم جي لاءِ استعمال ڪيو، هن هڪ سال ۾ توانائي جي شعبي ۾ 450 ارب روپين جو خسارو ڪيو ۽ گئس جي ڪمپنين ۾ 150 ارب روپين جو نقصان ڪيو، هن چيو ته ملڪ جي معيشت مستحڪم ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي پر مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ڇو ته بجلي ۽ گئس جون قيمتون وڌيڪ وڌايون وينديون، جنهن تي ماڻهو رڙيون ڪندا پر جڏهن ملڪ ترقي ڪندو ته مهانگائي ۾ اضافو ضرور ٿيندو، ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان اختلاف ختم ٿي ويا آهن ۽ قرض جي لاءِ ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف وڌيڪ قدم کڻڻ جو چيو جيڪي اسان کنيا آهن ۽ اسٽيٽ بئنڪ ۽ ناڻي واري وزارت پاران کنيل قدم ڪافي آهن، آءِ ايم ايف خرچ گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ بجلي ۽ گئس جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ جو چيو آهي ۽ ڊالر کي به مارڪيٽ اگهه تي آڻڻ جو چيو آهي پر في الحال ڊالر جي قيمت نه وڌائينداسين.