حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
سپريم ڪورٽ سيشن عدالتن کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواستون ٻڌڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جسٽس آصف سعيد کوسا پاڪستان جي سيشن عدالتن پاران ڪيس داخل ڪرڻ جو درخواستون ٻڌڻ جو اختيار ختم ڪندي شق 22 اي ۽ 22 بي ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ جي خلاف ڪو به ماڻهو عدالت کان رجوع نه ڪري سگهندو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ان حوالي سان ضلعي جي اعليٰ پوليس عملدار جي سربراهي ۾ ڪمپلينٽ سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ڪيس داخل ڪرائڻ بابت ملڪ جي سڀني سيشن عدالتن جو درخواستون ٻڌڻ جو اختيار ختم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪيس داخل ڪرڻ بابت شق 22 اي، 22 بي ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي ڪو به فريادي ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ عدالت کان رجوع ڪري نه سگهندو، چيف جسٽس جي فيصلي کانپوءِ عدالتن نوٽيفڪيشن جاري ڪندي فريادين کي هاڻي ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪمپلينٽ اداري سان رجوع ڪرڻ جو چيو آهي، ڊسٽرڪٽ ڪمپلينٽ سيل ايس پي جي سربراهي ۾ قائم ڪيو ويندو، چيف جسٽس قومي جوڊيشل پاليسي جي اجلاس ۾ سيڪشن 22 اي ۽ 22 بي جي خاتمي جي منظوري ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لاهور جي سيشن عدالتن 15 هزار کان وڌيڪ درخواستون اڌ ڪلاڪ  اڪلائيندي ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن کان درخواستون واپس وٺي ورتيون هيون، سيشن 22 اي ۽ 22 بي تحت ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ روزانو لاهور ۾ 100 کان وڌيڪ درخواستون داخل ٿينديون هيون جنهن سان عدالتن تي ڪيسن جو بار پئجي رهيو هو ۽ جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ سيشن عدالت کان اهي اختيار واپس وٺي ورتا آهن ۽ هاڻي پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار جي خلاف ڪو به ماڻهو انصاف جي لاءِ عدالت کان رجوع نه ڪري سگهندو.