حڪومت مالي سال جي 8 مهينن دوران ڪيترو قرض ورتو، تفصيل جاري****مريم نواز جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات، ڪارڪنن جو هنگامو****وزيراعظم طرفان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب****وفاقي ڪابينا ۾واڌ لاءِ مشورا، اتحادين پي ٽي آءِ کان وڌيڪ وزارتون گهري ورتيون
پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي پلي آف ۾ اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ دُوبدو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي پلي آف ۾ اڄ ڪراچي ڪنگز جو مقابلو دفاعي چيمپئن اسلام آباد يونائيٽڊ سان ٿيندو، ڪراچي جي ميدان تي رٿيل مئچ ۾ ڪاميابي ۽ ڪواليفائر ۾ رسائي لاءِ ٻئي ٽيمون ننهن چوٽي جو زور لڳائينديون، دوبدو مقابلن ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ کي ڪراچي ڪنگز تي سرسي حاصل آهي، ٻنهي ٽيمن اهم ناڪ آئوٽ مقابلي لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ ٻنهي جون نظرون ڪاميابي تي آهن، تجزيه نگارن طرفان ٽاس کي اهم قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن پچ بيٽنگ لاءِ سازگار قرار ڏني وئي آهي، هدف جي چيس ۾ مشڪلاتون ٿي سگهن ٿيون، جنهن ڪري دلچسپ مقابلي جا امڪان آهن.