نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
سراپا احتجاج بڻيل سنڌ کي نظرانداز نه ڪريو!
اڱارو 12 فيبروري 2019ع

ڪراچيءَ ۾ ارشاد رانجهاڻيءَ کي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف ڪالهه سڄي سنڌ سراپا احتجاج ڏٺي وئي. ڪراچيءَ ۾ ڪارساز وٽ شاهراهه فيصل تي زندگيءَ جي هر شعبي سان واڳيل ڌرتي ڌڻين گڏ ٿي احتجاجي ڌرڻو هنيو ۽ وحشت جو مظاهرو ڪندڙ رحيم شاهه کي گرفتاريءَ ڪري مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اُن کان علاوه حيدرآباد ۾ پڻ مختلف سياسي، سماجي، علمي توڙي ادبي ڌرين احتجاج ڪيو ۽ قاتل کي ڪٽهڙي تائين رسائڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻيءَ جي بيدرديءَ سان قتل واري واقعي خلاف احتجاج ڪيا ويا. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يوسي چيئرمين رحيم شاهه هٿان ارشاد رانجهاڻيءَ جي قتل واري واقعي بابت ڊي آءِ جي اوڀر عامر فاروقي جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته اڃا جاچ پوري ئي نه ٿي آهي ته ارشاد رانجهاڻي کي ڦورو قرار ڏنو ويو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ پوليس به ملوث آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ذميوارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ آءِ جي سنڌ ۽ اي آءِ جي ڪراچي کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ساهيوال سانحي جيان ڀينس ڪالوني واقعي ۾ پوليس کي آجو قرار نه ڏنو ويندو. ضرورت پئي ته آئون پاڻ قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس ۽ ذميوارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائينداسين.

ٻه ڏهاڙا اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ارشاد رانجهاڻيءَ جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پر نه ڄاڻ اُهي الائي ڪهڙا ڪارڻ هُئا جو پوليس جي اعليٰ عملدارن وڏي وزير جي اِن بيان کي ڪنهن خاطر ۾ ئي نه آندو، ويتر مقتول کي ڦورو ڄاڻائي ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ايترو ئي نه پر هُن پاڻ قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ۽ ذميوارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. وڏي وزير جي اِن بيان کي جيڪڏهن جاچيو وڃي ته اُن جا ٻه مطلب نڪرن ٿا، هڪڙو اِهو ته پوليس ڪنهن مفاهمت خاطر اِهو ڪيس وڃائڻ گهري ٿي، ٻيو مطلب اِهو آهي ته قاتل ڌُر سگهاري آهي، جنهن ۾ پوليس هٿ وجهڻ کان لنوائي رهي آهي. ڪجهه به هُجي. قاتل جنهن بيدرديءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، اُن کي قرار سزا اچڻ ئي گهرجي. جيڪڏهن هُو اِن واقعي ۾ آجو قرار ڏنو ويو ته پوءِ اِها هڪ روايت بڻجي ويندي ۽ سُڀاڻي سڀڪو پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ کي اوليت ڏيندو.

اسين حيران ته اِن ڳالهه تي آهيون جو قاتل رحيم شاهه وڏا هجوم ڪٺي ڪري اُنهن کي خطاب ڪندي پنهنجي وحشت کي لسانيت جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن پوليس وڏي وزير جي حُڪم تي عمل ڪندي قاتلن جي گرفتاريءَ کي يقيني بڻايو هُجي ها ته هُن کي اهڙي حرڪت جي جرئت نه ٿئي. نه ئي سڄي سنڌ ۾ غم ۽ غصي جي لهر اِئين ڇانيل هُجي ها، جيئن اڄ نظر اچي رهيو آهي. ماڻهو هيستائين ته پُرامن احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪٿان به ڪا اڻوڻندڙ خبر سامهون ناهي آئي، پر جيڪڏهن اُنهن جي مطالبن کي اڻٻڌو ڪيو ويو ته پوءِ غم جي لهر شدت به اختيار ڪري سگهي ٿي. تنهن ڪري اِن مامري کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. اسان هنن ئي ڪالمن ۾ اڳ به اِهو چئي چُڪا آهيون ته هيءُ مسئلو نهايت ئي حساس آهي جو انهيءَ سڄي ڪارروائيءَ جي وڊيو ڪلپ پوري سنڌ ۾ وائرل ٿي چُڪي آهي، جنهن ۾ واضح طور نظر اچي رهيو آهي ته رحيم شاهه نه رُڳو ارشاد رانجهاڻيءَ کي تڙپندو ڏسي فخر محسوس ڪري رهيو آهي، بلڪه هُو اُتي بيٺل ماڻهن کي به سندس  واهر کان روڪيندي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن مان هُن جي نفسيات جو چڱيءَ ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته منجهس انسانيت جو ڪيترو درد آهي! هُن نه رُڳو هڪ نوجوان جي جان ورتي آهي، پر لسانيت جو لبادو اوڍي ڪراچيءَ کي بدامنيءَ جي باهه ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري ٻٽو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جو پڻ هن کان پُڇاڻو ٿيڻ گهرجي. اسين پُراميد آهيون ته سنڌ جو وڏو وزير اِن ڪيس جي پاڻ پوئيواري ڪندو ۽ قاتل کي قرار سزا ڏياري مقتول جي وارثن سان انصاف ڪرائيندو.