نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
ورسيءَ جي مناسبت سان تحريڪ پاڪستان جو انمول ڪردار حاجي غلام نبي ڏهراج
در محمد ملاح

موت, جنهن لاءِ سنڌ جي مزاحمتي شاعر ابراهيم منشي چيو آهي ته ڪا حياتي موت اٿئي ڪو موت حياتي هوندو آهي، هندستان جي حڪمران سلطان ٽيپو جو قول آهي ته ”گدڙ جي هزار سال زندگي کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي سئو بار افضل آهي.“ نامور شخصيتن جو تجزيو ڪرڻ ۽ انهن جي ڪيل خدمتن جذبن ۽ سندن ورثي کي ياد ڪرڻ به هڪ بهتر عمل آهي، ماضي ۾ جھاتي پائي ان جو ڇيد ڪرڻ ماڻهن واقعن ۽ تاريخن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ به ضروري آهي، ان سان نه صرف انهن شخصيتن ۽ سندن زندگي ۽ دور جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي بلڪه فردن توڙي قومن کي خودشناسي جو موقعو ملي ٿو. اهڙي پرک جي نتيجي ۾ سنڌ سونهاري جي هر واهڻ وستي ڳوٺ شهر ۾ انيڪ ڪردار سماج سڌارڪ ۽ انسان دوست ڪردارن جو ڏس پتو ملي ٿو، جن پنهنجي سموري حياتي سچ جي سربلندي قوم جي خدمت لاءِ سرانجام ڏني آهي، جيڪي پنهنجي ڌرتي قوم ۽ ثقافت سان بي پناهه محبت ڪندي ان جي بچاءَ توڙي پرچار لاءِ پاڻ پتوڙي چڪا آهن، پنهجي ڌرتي ۽ قوم سان بي پناهه محبت رکندڙ هارين پٺتي پيل ماڻهن جي حالت سڌارڻ مسلمانن کي انگريز گورن جي غلامي مان نجات ڏيارڻ سميت ٻين انيڪ صنتعن سان سينگاريل هڪ عظيم انسان ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشهروفيروز جي قديمي شهر محبت ديرو سان به سلهاڙيل آهي، جنهن جو تحريڪ آزادي جدوجهد ۾ وڏو اهم ڪردار رهڻ ڪري کيس مڃتا به ملي آهي، اهو تاثر عام ٿيو ته ان جو تحريڪ آزادي جي بهادر ۽ ارڏن ليڊرن ۾ شمار هيو، جيڪو پنهجي ضمير تحريڪ آزادي جي اڳواڻن سان نهايت سچو ۽ وفادار رهيو، دراصل هو هر ڪمٽمينٽ جو ڄڻ بنياد هيو، جيڪو ڪنهن مقصد ڪنهن نصب العين سان واڳيل هجي ته پوءِ ڪنهن ڏاڍ ڏهڪاءُ ظلم بربريت سان مهاڏو اٽڪائڻ سان ڪيئن ڪيٻائيندو. اهڙن اندر جي روشن خيال ماڻهن مان سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج پڻ هڪ آهي، جنهن جي گھڻ رخي شخصيت ماڻهن کي بيحد متاثر ڪيو، هن عام ماڻهن کي ظلم ڏاڍ ڏهڪاءُ ناانصافين جي خوف، اجائين ريتن رسمن جي پنجوڙ مان آزاد ڪرڻ ذهني سجاڳي واري ان مقصد لاءِ غريب مسڪين ماڻهن ۾ شعور ۽ بيداري جي لاٽ ٻاري تحريڪ آزادي جو آواز اٿاري انهن جي ذهنن کي کوليو ۽ کين صحيح واٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪڏهن اسلام جو سهارو ته ڪڏهن ڪميونسٽ فڪر جو مقصد هيو، انسان ۽ انسانيت جي ڀلائي ڪڏهن ادب ته سياست وسيلي ان اهي مقصد ماڻڻ جي جدوجهد ڪئي، ان راهه ۾ هلندي کيس ڪيترائي ڏک ڏسڻا پيا، سختيون سهڻيون پيون پر مزاحمت نه ڇڏي، هن نئين فڪر کي قبول ڪندي ان ۾ يقين رکيو ته آزادي جي تاريخي ڪردار ۽ اڻڳڻين خوبين جي مالڪ سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ سج جيان روشن آهي، جنهن 1886ع ۾ محبت ديرو جي محبت واري ڌرتي تي جنم ورتو، سندس جنم جو هنڌ به محبت ديرو آهي ته آخري آرامگاهه پڻ اتي آهي، جواني ۾ پير پائڻ سان هن هر ڪنهن سان مضبوط تعلقات جوڙي پاڻ ۾ خود اعتمادي جانثاري ۽ روشن خيالي جا جوهر پيدا ڪيا جنهن علائقي جي ماڻهن کي خدمت صداقت بهادري مهمان نوازي سان قرب جي ڪڙي ۾ جوڙي انهن جي دلين ۾ پاڻ مڃايو، جنهن جي دل ۾ ملڪ قوم لاءِ بي پناهه محبت هئي، سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج قائداعظم محمد علي جناح جو ويجھو رفيق تحريڪ پاڪستان جو رهنما هيو، جڏهن مسلمانن کي هڪ الڳ قوم تصور ڪرڻ عيب سمجھيو ويندو هيو ته ان وقت مسلمان غريب هارين جي حالت خراب ۽ بدتر هئي ته هن مرد مجاهد تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ شامل ٿي قائداعظم سان ٻانهن ٻيلي بڻجي انگريز گورن پاران مليل ڌمڪين جي ڪابه پرواهه نه ڪندي انگريزن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، جيڪو دشمنن لاءُ دهشت جي علامت بنيل هيو جنهن جو ڳاڻيٽو تحريڪ پاڪستان جي کاهوڙي ۽ جاکوڙي ڪردارن ۾ سڃاتو وڃي ٿو، سندس عملي ادبي روحاني تهذيبي رفعت ۽ بلندي چنڊ تارن وانگر چمڪندڙ آهي،

سندس زندگي انسانيت جي خدمت جي آئيني دار هوندي هئي، جنهن پنهنجي جدوجهد واري عرصي دوران ڪيترن ئي نامور شخصيتن سان پنهنجا تعلقات جوڙيا، جن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح، يوسف هارون، مير غلام علي ٽالپر، پير الاهي بخش، قاضي محمد اڪبر، محمد هاشم، غلام رسول جتوئي، عبدالستار پيرزادو، عبدالحميد جتوئي، قاضي عبدالمجيد عابد، مير جعفر خان جمالي، نواب نبي بخش ڀٽو، نواب اڪبر بگٽي ۽ عطا محمد مري قابل ذڪر آهن. قائد اعظم تحريڪ آزادي جي هلچل جي سلسلي ۾ ان وقت جڏهن نوابشاه پهتل هيو ته سندس نظر هن پرجوش نه وڪامڻ نه جھڪڻ واري قداور شخصيت حاجي غلام نبي ڏهراج تي پئي جنهن هن کي پنهجي ويجھن ساٿين ۽ آزادي جي پروانن جي صف ۾ شامل ڪيو، جنهن دوران سندس جوش جذبو همٿ ڏسي انگريزن کيس ان صف مان ٻاهر نڪرڻ لاءَ وڏيون آڇون ڪيون، پر تحريڪ آزادي جي هن هيري انهن وڏين آفرن کي ٺڪرائي انگريز سامراج کي اهو پيغام ڏنو ته آزادي اصول ضمير تي ڪڏهن به ڪا سودي بازي نه ٿيندي آهي، اهڙن ڪارنامن سرانجام ڏيڻ تي تحريڪ آزادي جي هيرو طور سڃاتو ويندو هو، ان ثابت قدمي سبب نواب شاهه ضلي ۾ کيس قومي ڪمانڊو جي حيثيت سان سڃاتو ۽ ياد ڪيو پيو وڃي، برصغير تي هڪ سال حڪومت ڪندڙ انگريزن، مسلمانن ۽ هندن جا پراڻا واسطا ٽوڙڻ لاءِ جڏهن هڪ خطرناڪ منصوبو جوڙيو، جنهن ۾ هڪ طرف مهاتما گاندي جواهر لال نهرو ۽ ڪانگريس جا ٻيا اڳواڻ ته ٻئي طرف قائد اعظم ۽ ان جا حمايتي هئا، جيڪي اڳواڻ هند پاڪ جا دورا ڪرڻ لڳا، آزادي جا نعرا ٻڌڻ سان سچا هيرا پتنگ پروانا قابل تحريڪ جا جانثار مجاهد ٿي صف اول وارين ساٿين ۾ شامل ٿيندا ويا، جن ۾ سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج پڻ شامل هيو، 1911ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه مان چونڊ وڙهي هن جاکوڙي ڪردار ڪاميابي ماڻي، ائين ئي 1946ع ۾ هن هڪ ٻي سياسي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو، دلچسپ مقابلو اهو هو ته نوابشاهه ۽ دادو ضلعن ۾ ٻن تڪن تي جي ايم سيد سان قاضي محمد اڪبر ۽ نوابشاهه واري تڪ مان بااثر طاقتور شخصيت سيد محمد علي شاهه جيڪو وزير پڻ رهيو ان جو مقابلو سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج سان ٿيو جنهن مقابلي ۾ سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ايم ايل اي چونڊجي هن حلقي جي سياست ۾ پنهنجو وڏو ڌاڪو ڄمايو. هن انمول ڪردار ۽ نه وسرندڙ انسان دوست شخصيت حاجي غلام نبي خان ڏهراج 9 فيبروري 1970ع تي وفات ڪئي.

هن وقت ڏهراج خاندان محبت ديرو جو سرپرست اعليٰ رئيس عبدالغفار خان ڏهراج جنهن ۾ پنهجي والد ۽ ڏاڏي واريون سموريون صلاحيتون ۽ خوبيون سمايل آهن، جنهن جي سوچ سراسر عوامي ڀلائي ۽ بهبود واري آهي جيڪو پڻ انسانيت جي خدمت ۾ يقين رکي ٿو. کيس لطيف سائين جي خوبصورت سٽن سان ڀيٽا پيش ڪجي ٿي ته:

وڃي ٿيو وڻڪار هت نه ڳولين هوت کي،

لڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچو ٻي پار،

نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو.