نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
ارشاد رانجهاڻي جو بيگناهه قتل
ايم اي لاشاري

سنڌ سان گڏ اسان جي ملڪ اندر اهڙا کوڙ سارا واقعا ۽ حادثا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن سان انسانيت جو ڪنڌ پڻ جهڪيو پوي، بلڪه ڪجهه سانحن کي ڏسي ته دل رت جا ڳوڙها روئندي آهي ته هي اسان ڪهڙي سماج ۾ ٿا رهون، ڇا اسان جي ملڪ ۾ هڪ انساني جان جي قيمت ايتري سستي آهي، جو جنهن کي جيئن وڻي ٿو اُتي هڪ انسان کي بي رحمي ۽ دليري سان ماري اُن کي چور، ڏوهاري ۽ دهشتگرد قرار ڏنو ٿو وڃي يا کڻي اِئين به چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن هڪ واقعي يا سانحي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ فورن ٻيو حادثو ڪيو يا ڪرايو ٿو وڃي. تازو ڪجهه ڏينهن پهريان سنڌ نگري جي هڪ ننڍڙي شهر خيرپور ميرس ۾ ٿيل افسوسناڪ واقعو جنهن ۾ هڪ 13 سالن جي معصوم نياڻي رمشا وساڻ کي 9 گوليون هڻي بي رحماڻي انداز ۾ قتل ڪيو ويو، جنهن جو قاتل ذوالفقار وساڻ هڪ بااثر شخصيت جو تمام ويجهو ماڻهو، جنهن کي ڪجهه ڏينهن تائين ته لڪايو ويو پر سوشل ميڊيا ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ تي هليل سنڌي قوم جي جهدوجهد رنگ لاتو ۽ اسان جي سنڌ گورنمينٽ ننڊ مان جاڳي پئي ۽ نوٽيس ورتا، جنهن کانپوءِ هن معصوم نياڻي جي قاتل ذوالفقار وساڻ کي خيرپور پوليس گرفتار ڪري ورتو.

رمشا جي واقعي کانپوءِ وري هڪ نئون واقعو ڏسڻ ۾ آيو، رمشا وساڻ جي قتل کانپوءِ ڪراچي جي ضلعي ملير واري علائقي ڀينس ڪالوني جي رهواسي هڪ قومپرست اڳواڻ کي ڏينهن ڏٺي جو بي رحمي سان روڊ تي سرعام گوليون هڻي اُن کي ڦٽو ڪري بار بار هن کي چور، ڏوهاري ۽ دهشتگرد پُڪارڻ سان گڏ اُتي بيٺل هڪ وڏي ماڻهن جي هجوم مان ڪنهن به هڪ شخص کي ارشاد رانجهاڻي جي ويجهو اچڻ نه پئي ڏنو ويو، اُها سڀ ديدا دليري فقط هڪڙي شخص پئي ڪئي، جنهن جو نالو سيد رحيم شاهه ٻُڌايو ويو آهي. اُهو بااثر رحيم شاهه جنهن جو چوڻ هو ته هي هڪ ڦورو ۽ دهشتگرد آهي ۽ هن مون کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، جنهن تي مون پنهنجي بچاءُ ۾ هن کي گوليون هڻي زخمي ڪري وڌو آهي. جيڪڏهن ڪجهه دير لاءِ اِئين به کڻي چئجي ته ارشاد رانجهاڻي واقعي به رحيم شاهه کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ۽ هن پنهنجي سيلف ڊفينس خاطر گولي هلائي، ڇاڪاڻ ته هو پهريان جي گولي هلائي وجهي ها ته رحيم شاهه مارجي به سگهيو پئي. ارشاد رانجهاڻي جي گولي سان جيڪو موٽرسائيڪل تي سوار هو ۽ رحيم شاهه پنهنجي ويگو گاڏي ۾ ويٺل هو ۽ ان ئي گاڏي ۾ سندس هڪ پرسنل گارڊ به موجود هو، جيڪو پڻ هڪ جديد ۽ آٽوميٽڪ هٿيار سان ليس هو، ڇا اُن گارڊ کي اهو خيال نه آيو ته پهريان هن ڦورو کي مان گولي هڻان ته ڪٿي هي منهنجي مالڪ يا باس کي گولي نه هڻي وجهي يا ڪنهن فلم جي شوٽنگ پئي هلي جو رحيم شاهه جي گارڊ انتظار ڪيو ته نه منهنجو مالڪ پهريان لهي اچي گاڏي تان اهو هيڪر گولي هڻي پوءِ مان هڻندس يا پوءِ جيڪو اهو حڪم ڪندو ته ساڳئي ريت هتي به ڪجهه اهڙو ئي منظر ڏسڻ ۾ مليو ته پهريان رحيم شاهه پاڻ جيڪو گاڏي ۾ اڳيان فرنٽ سيٽ تي ويٺو هو، گاڏي مان لهي نوجوان ارشاد رانجهاڻي مٿان سڌا فائر ڪيائين ۽ گوليون لڳڻ سبب ارشاد زمين تي ڪري پيو ۽ بلڪل ساڳئي وقت اُتي بيٺل ماڻهن جي هجوم مان هڪ سدا آئي ته هي منهنجو ڀاءُ آهي ۽ هي ڪو چور يا ڦورو ناهي، مون کي ڇڏيو ته مان هن کي اسپتال کڻي وڃان ته اُتي رحيم شاهه جيڪو پنهنجو پسٽل کڻي سرعام بيٺل هو، اُن هن کي اجازت نه ڏني ته هن کي اسپتال کڻي وڃجي، مطلب ته رحيم شاهه پنهنجي حڪمراني يا بادشاهت قائم ڪري ويٺو هو يا کڻي چئي سگهجي ٿو ته ان علائقي يا اُن چوڪ کي ساڳي ٽائيم تي ماڻهن جي هيڏي هجوم بابت وزيرستان يا عراق جي انهن شهر جو مثال بڻائي ويٺو هو، جنهن ۾ ڪجهه وقت پهريان داعش وارا ڏينهن ڏٺي جو ڪنهن انسان جو سر جسم کان ڌار ڪري چوڪن ۽ چوراهن تي ٽنگي ڇڏيندا هُئا، هي منظر به انهن کان گهٽ نه هو.

هاڻي ڳالهه ائين به ڪري سگهجي ٿي ته اُتي بيٺل سمورن ماڻهن ۾ ڪنهن هڪ به اهو ڇو نه سوچيو ته انسانيت تي رحم کائي ۽ رحيم شاهه جي چنبي مان زبردستي ڪڍي ارشاد رانجهاڻي کي فرسٽ ايڊ لاءِ اسپتال منتقل ڪجي، ڇو ته ڏوهاري ۽ چور پنهنجي جاءِ تي پر قانونن فرسٽ ايڊ هن جو بنيادي حق هو. هڪ ڀيرو ارشاد رانجهاڻي جي حياتي بچي وڃي ها، اُن کانپوءِ رحيم شاهه اُن کي گرفتار ڪرائي ها، ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس به هلي سگهيو پئي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ قانون آهي ۽ چور يا دهشتگرد کي ان جي ڏوهه جي سزا ڏيڻ ججن جو حق آهي پر اهو سڀ تيستائين ممڪن هو، جيستائين ارشاد رانجهاڻي جي ساهه جي تند هلي پئي ۽ هو جيئرو هو. هن جي مرڻ کانپوءِ انسانيت جو هجڻ اسان انسانن ۾ ۽ قانون جي پيروي ڪيتري آهي ۽ قانون جي هجڻ جو احساس بابت ان سموري واقعي ۾ اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هاڻ ڳالهه اها آهي ته ارشاد رانجهاڻي جو ناحق بي رحمي سان ٿيندڙ قتل سڄي قوم جي مٿان هڪ سواليا نشان ڇڏي ويو آهي ته جيئن مون کي هن سماج بي رحمي سان ڪيو، بلڪل ائين ئي ڪجهه ڏينهن يا هفتن کانپوءِ ڪو ٻيو ارشاد رانجهاڻي ڪنهن نئين رهزن جي ور چڙهندو ۽ ان کي به بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويندو پر اهو پارٽ مٽيل هوندو، جيئن هاليووڊ جي فلمن ۾ هڪ فلم جا گهڻائي پارٽ هوندا آهن، بلڪل ائين ئي اسان وٽ پارٽ مٽيل ڪجهه نئون منظر ئي ايندو پر ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ! ڇوته اسان ايڏا بي حس ٿي چُڪا آهيون جو اسان اهڙيون ڳالهيون ۽ منظر روز ڏسون ٿا ۽ اسان شايد اهو سوچي ڏسي ڪري به خاموش ٿي ويندا آهيون ته ڪٿي ڳالهائڻ کانپوءِ اسان جو نمبر نه اچي وڃي ۽ اهو ساڳيو ڪنهن ٻي هنڌ اسان سان نه پيش اچي. ها بلڪل اهڙو واقعو اسان سان به پيش اچي سگهي ٿو يا اُن کان به وڌ جڏهن اسان اهڙن ارشاد رانجهاڻي جي واقعن تي آواز نه اُٿارينداسين، ماٺ ڪري ڀٽ بڻجي ويهنداسين، تڏهن اهو سڀ ڪجهه ممڪن آهي نه ته ٻي صورت ۾ اسان ڌرتي ڌڻي هر رحيم شاهه جهڙي دشمن کي ان جي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي اُهو پيغام ڏئي سگهون ته سنڌ اسان جي آهي ۽ اسان اُن جا وارث آهيون ۽ ڪراچي اسان جي سنڌ جو گاديءَ جو شهر آهي ۽ اُتي رهندڙ اسان جا ماروئڙا ننڌڻڪا ناهن، اُنهن کي ڪابه تڪليف پهچندي يا ڪنهن به سنڌ کي ڪٿي ڪا به تڪليف پهچندي ته اسان ماٺ ڪري ويهي تماشو ڏسڻ وارن مان ناهيون، اسان ڳالهائڻ ۽ قانون جي دائري ۾ رهي گهڻو ڪجهه ڪرڻ وارا آهيون، جهڙي طرح هن وقت صورتحال ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ته سنڌي قوم پنهنجي هڪ بيگناهه قتل ٿيندڙ نوجوان جي خون سان انصاف ڪرڻ لاءِ روڊ رستن توڙي مظاهرن، ريلين ۽ ڌرڻن ۾ هر وک اڳيان وڌندا پيا نظر اچن، صرف اهو ئي نه بلڪه سوشل ميڊيا ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر وغيره تي به هڪ منفرد ۽ تمام بهترين انداز ۾ جدوجهد ڪندي نظر ايندڙ آهن. بلڪل ائين ئي جيڪڏهن هن قوم جا حوصلا بلند رهيا ۽ شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه کي ته ڦاسي جي تخت تي پُڄائبو پر ان سان گڏوگڏ اڳتي هلي مستقبل ۾ اهڙي قسم جو ڪُڌو سانحو يا حادثو ڪرڻ ۽ ڪرائڻ وارو ڀلي کڻي ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي پر سوچڻ تي مجبور ضرور ٿيندو ته ڪٿي هڪ ٻي ارشاد رانجهاڻي کي ائين غلطي سان ٻيهر مارڻ سان وري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان الائي ٻيا ڪيترا ارشاد رانجهاڻي جي صورت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻاهر نڪري پيا ته اُنهن کي منهن ڏيڻ تمام ڏُکيو ٿي پوندو.