نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
ارشاد رانجهاڻي جي خون سان انصاف ڪيئن ٿي سگهندو؟
نسيم بخاري

ست ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ يو سي چيئرمين رحيم شاھ هٿان بيدرديءَ سان ڏينھن ڏٺي جو قتل ٿيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجھاڻي جي خون سان انصاف لاءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ مسلسل احتجاجي صدائون بلند ٿي رهيون آهن، ارشاد رانجھاڻي کي سرعام نه رڳو گولين جو بک بڻايو ويو پر تڙپندڙ ارشاد رانجھاڻي کي اسپتال پهچڻ به نه ڏنو ويو. ارشاد جا وارث کيس اسپتال پهچائڻ لاءِ رڙندا ۽ سڏڪندا رهيا، پر انهن جون رڙيون ڪنهن به روح ۾ رحم پيدا ڪري نه سگھيون. رحيم شاھ سرعام پنهنجي واردات جو فخريا اعتراف ڪندو رهيو، ڪنهن به کيس پڪڙي لاڪپ ۾ نه ڪيو. هو هاڻ وڌندڙ دٻاءُ سبب امڪاني گرفتاريءَ کان گهٻرائجي پرڏيھ فرار ٿيڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي حق ۾ احتجاج ڪرائي پنهنجي حيثيت محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. رحيم شاھ جيڪا کليل دهشتگردي ڪئي آهي اها نسورو ناحق آهي، اها ڏاڍ آهي ۽ اها ظلم آهي. رحيم شاھ جي دعويٰ کي جيڪڏهن درست به مڃجي تڏهن به کيس قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ڇو ته جيڪڏهن رحيم شاھ کي اها واردات ڦٻي وئي ته پوءِ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هر ماڻهو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو ۽ نتيجي ۾ پاڻ وٽ اڳ ئي انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو تصور ٿيندڙ قانون ۽ ان جو سسٽم ويتر مشڪوڪ بڻجي ويندو. رحيم شاھ کي جيڪڏھن ڪو خوف هو، جيڪڏهن ڪو خطرو هو ته هو ڏوھ جي ڏوهاري ماڻهوءَ کي پڪڙي قانون حوالي ڪري ها يا جيڪڏھن فائر ڪرڻ صفا اڻ ٽر هو ته ارشاد رانجھاڻي کي هڪڙي ڄنگھ ۾ گولي هڻي ها پر ان مٿان گولين جو مينهن وسائڻ ۽ زخمي ارشاد رانجھاڻي جي ويجهو ڪنهن کي به اچڻ نه ڏيڻ، ان کي فوري طبي امداد کان محروم ڪرڻ، اها سڄي صورتحال بنيادي انساني حقن جي سمورن قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، اها انساني حقن تي ڌاڙو آهي، داداگيري ۽ بدمعاشي جو بدترين مثال آهي. ارشاد رانجھاڻي جو ڪو به ڪرمنل رڪارڊ نه آهي ۽ نه ئي وري هن جي دامن تي ڪي اهڙا داڳ آهن، جو ان مٿان ڪو به شڪ ڪري سگهجي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هر ننڍو وڏو ان ناحق خون خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. سنڌ جون سياسي، سماجي ۽ ادبي ڌريون مقتول اڳواڻ جي قتل خلاف مسلسل احتجاجي طور متحرڪ آهن ۽ مسلسل احتجاجن جو ئي ردعمل آهي، جو ٽي ڏينھن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڌرتي، پنهنجي وطن ۽ پنهنجي گادي واري شهر ۾ بيگناھ مارجي ويل ارشاد رانجھاڻيءَ جي خون جو نوٽيس ورتو آهي ۽ قتل جي ڇنڊ ڇاڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير قاتل يو سي چيئرمين رحيم شاھ کي ترت گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پر لڳي ايئن ٿو ته اها هدايت رڳو لفظي هدايت آهي يا ته ان ۾ ڪا سنجيدگي ناهي يا وري سنجيدگي آهي ته پوءِ سنڌ جي وڏي وزير جي حڪمن کي ڪا اهميت نه پئي ڏني وڃي. وڏي وزير جي حڪمن کان انڪار ثابت ڪري ٿو ته يو سي چيئرمين قاتل جا هٿ شايد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان به مضبوط آهن جو اهو ڪنهن پڪڙ ۾ نٿو اچي.

پ پ جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري يا سندس والد آصف زرداريءَ، ارشاد رانجھاڻي جي دردناڪ قتل تي اڃان تائين ڪو ڀرپور ردعمل نه ڏيکاريو آهي. عالمي، ملڪي ۽ سنڌ سطح جي انساني حقن وارين تنظيمن به اڃان تائين ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. اها سڄي صورتحال ثابت پئي ڪري ته سنڌ جو رت ڪيڏو سستو آهي ۽ ڪيڏو غير اهم آهي! سوال هي آهي ته آخر ايئن ڇو آهي؟ سنڌي ماڻھو ايڏو بي يارو مددگار ڇو آهي؟ ۽ سنڌي ماڻهوءَ کي ايڏو آسان شڪار ڇو پيو سمجهيو وڃي؟ سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان نه اچايو آهي ته پوءِ آخر ان کي تڙپندڙ ارشاد رانجھاڻيءَ جي صورت ۾ ظلمتن جي نت نئين تاريخ ڇو ٿي ڏسڻي پوي؟ جن جن به رحيم شاھ جي فائرنگ کانپوءِ ارشاد رانجھاڻيءَ جي تڙپڻ واري وائرل ٿيل ويڊيو ڏٺي آهي، انهن جي دل جي ڪيفيت ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن ته آخر اسان سان پنهنجي ئي وطن ۾ هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي! سنڌي ماڻهو ته پي ٽي ايم جي جلسن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو آهي، اهو ته نقيب الله محسود واري واقعي تي به مظلوم ڌر سان گڏ هو، سنڌي ماڻهو ته کنڀجي ويل ماڻهن جي حوالي سان پي ٽي ايم جي ڌرڻن ۾ به شرڪت ڪئي آهي، پر سوال اهو آهي ته پختون تحفظ مومينٽ هجي يا عوامي نيشنل پارٽي انهن مان ڪنهن هڪ به ارشاد رانجھاڻيءَ جي قتل جي مذمت ڇونه ڪئي آهي ۽ قاتل کي قاتل ڇونه چيو آهي؟ پ پ پ يا مخالف ڌر، سنڌ اسيمبلي يا قومي اسيمبلي ۾ ارشاد رانجھاڻي جي قتل جي اصل سچائيءَ کي سامھون آڻڻ جي حوالي سان ڪا قرارداد آڏو آڻڻ کان ڇو لنوائي رهي آهي؟ ڇا اها ڳالھ وقت جي ضرورت نه آهي؟ جيئي سنڌ تحريڪ ڪارساز ڪراچيءَ وٽ ارشاد رانجھاڻيءَ جي قاتل جي گرفتاريءَ لاءِ زبردست احتجاج ڪيو آهي. قومي عوامي تحريڪ ارشاد رانجھاڻيءَ جي قتل جي حوالي سان انتهائي وقتائتي ردعمل سان آڏو آئي آهي. اياز لطيف پليجو سول سوسائٽي، اديبن، شاعرن ۽ قلم ڪارن پنهنجي وس ۽ وت آهر آواز اٿارڻ جي اپيل ڪئي آهي. اڄ سئو ڪلاڪ واري چتاءُ پوري ٿيڻ کانپوءِ رحيم شاھ جي گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ قومي عوامي تحريڪ ڀرپور احتجاجي حڪمت عملي جي حوالي سان سوچ ويچار ڪري رهي آهي. اها ئي اوليت هر پارٽي ۽ ڌر جي هئڻ گهرجي. ڇو ته جيڪڏهن اڄ هڪ مظلوم خون وقت جي واءُ ۾ بنا ڪنهن داد رسي ڪک پن ٿي ويو ته پوءِ سڀاڻي هر گهر، هر گهٽي ۽ هر شهر ۾ ڏاڍ مڙسي ٿيڻ شروع ٿي ويندي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙي دهشتگردي جا دڳ بند ڪجن، ان کي چٿي ۽ چيڀاٽي پورو ڪجي ته وري ڪو ماءُ جو لال جوانيءَ ۾ بيدرديءَ سان مارجي نه وڃي ۽ ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ منور رانجهاڻي کي ميڊيا آڏو واقعي جي شفاف جاچ ۽ ان کان اڳ قاتل جي گرفتاريءَ جو مطالبو نه ڪرڻو پوي. ارشاد رانجهاڻي جنھن حال ۽ جن حالتن ۾ تڙپي تڙپي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، انهن جو واءُ سواءُ جڏهن سندس جيجل امڙ تائين پهتو ته اها به ان سور جي سَٽ صحيح نه سگھي ۽ صدمي ۾ فوت ٿي وئي. ايئن هڪ ٻئي پٺيان ڳڀرو پٽ ۽ ان جي امڙ قتل ٿيا آهن. ان ڪري اهو ٻٽو قتل آهي، جنهن جي نه رڳو ايف آئي آر ٿيڻ گهرجي پر الزام هيٺ آيل قاتل کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي. ڇو ته رحيم شاهه رڳو هڪ فرد کي قتل نه ڪيو آهي پر ان پوري انسانيت کي قتل ڪيو آهي. هن قانون جو قتل ڪيو آهي، هن رياست اندر خود پنهنجي رياست قائم ڪرڻ وارو گناھ ڪيو آهي. سوال اهو آهي ته آخر ان جي ايڏي وڏي پيٽ ڀرائي جو ڪو ٽوڙ به آهي يا نه؟ آخر هن ملڪ ۾ ڪو راڻي راڻو آهي به يا نه؟ آخر ڪو قانون، آئين ۽ عدالتون آهن يا نه؟ سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جڏهن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي الوداعي تقريب کي خطاب ڪيو هو ته اُن ۾ چيو هو ته هر معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس نه وٺندس ۽ جن جن معاملن کي ضروري سمجهيو، انهن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺبو. سو چيف جسٽس آصف سعيد کوسي کي گذارش آهي ته هو ملڪي ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي، ارشاد رانجهاڻيءَ جي قتل جو نوٽيس وٺي ۽ اصل سچايون عوام آڏو آڻي ته جيئن اڄ کانپوءِ ڪنهن به ٽرڙي طاقتور ۽ بااثر ماڻهوءَ کي ڪنهن مسڪين کي خون ڪرڻ کان اڳ سؤ ڀيرا امڪاني خطرن تي سنجيده سوچ ويچار ڪرڻي پوي ۽ اهو ڪنهن به بيگناهه کي نشانو بڻائڻ کان باز اچي. اها ساڳئي گذارش سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به ڪجي ٿي. ڇو ته معاملو جڏهن پاڻمرادو نوٽيس جو هوندو ته ان ۾ انصاف جي فراهمي يقيني بڻبي، ابهام ۽ انومان دور ٿيندا ۽ ٿيڻ به گهرجن. ڇو ته اها وقت جي ضرورت آهي ۽ ان جو پورو پورو قدر ئي اسان کي مستقبل جي خطرناڪ خرابين کان بچائي سگهي ٿو.

رحيم شاھ سنڌ جي دل ڪراچيءَ ۾ جيڪا سنڌي قومپرست اڳواڻ جي رت وهائي آهي، اها حقيقت ۾ سنڌ ۾ نسل پرستيءَ جي بنياد تي خوني کيل رچائڻ واري سازش آهي، جنهن جو سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.سنڌ مس مس نسلي خونريزين مان جان ڇڏائي آهي، ان ڪري سنڌ کي هڪ ڀيرو وري نسل پرستي واري ڇڪتاڻ ڏانهن نه ڌڪيو وڃي ۽ جيڪا سوچ ان ڪڌي ڪم ۾ رڌل آهي، تنهن جي پاڙ اکيڙي وڃي ۽ اهو تڏھن ئي ممڪن بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ملڪ جا اهم قانون لاڳو ڪندڙ ادارا لاڳاپيل معاملي ۽ ان جي سنگينيت کي سمجهندي سدباب لاءِ نه رڳو سوچ ويچار ڪن پر ان جي ازالي جو به اهتمام ڪن.

حيرت جهڙي ڳالھ آھي ته سنڌ جي وڏي وزير جي ضلعي دادو سان تعلق رکندڙ ارشاد رانجهاڻيءَ جي تڏي تي مراد علي شاهه نه پهتو آهي. ارشاد رانجهاڻي جو ٽيجهو ٿي چڪو آهي، ان جي قبر جي مٽي اڃان آلي آهي، هن جي قبر جي مٽي سڪڻ کان اڳ قاتل سوگهو ٿيڻ ۽ جيل ۾ هئڻ گهرجي. ڇو ته اڄ جيڪڏهن رحيم شاھ کي رهزني جو ڪو به سيڪ نه آيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهو خون خوار وڌيڪ رت وهائيندو ۽ معاشري سميت انتظاميا لاءِ مٿي جو سور بڻبو. ان ڪري نانگن کي کير پيئارڻ کان اڳ نتيجا به نظر ۾ رکيا وڃن.

سوال اهو آهي ته اڄ جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن راوڙي جي ڪنهن سنڌي هٿان رت وهي ها ته صورتحال ڇا هجي ها؟ آخر اسان سنڌي پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي مخالف قوتن سان مهاڏو ڇو نٿا اٽڪائي سگهون. اسان جون قومپرست پارٽيون جن سببن جي ڪري ڪمزور ٿيون آهن، انهن سببن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي اصلاح ڪري، انهن کي مضبوط ڇو نٿا بڻائي سگهون. انهن سوالن جي جوابن بابت جيڪڏهن اڄ به سنجيده سوچ ويچار نه ڪئي وئي ته پوءِ شايد ايتري دير ٿي چڪي هوندي، جنهن جو ازالو ممڪن ئي نه هوندو. ان ڪري سنڌ ۽ سنڌين کي هڪ ٿي سوچڻو پوندو. ڇو ته ان کانسواءِ پاڻ وٽ ڪا ٻي واھ ئي نه بچي آهي.