نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
جماعت اسلامي پاران رانجهاڻي قتل جي مذمت، قاتل کي سزا ڏيڻ جي گهر

ڪراچي (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي  محمد حسين محنتي  ڪراچيءَ ۾ ڀينس ڪالوني موڙ تي يوسي چيئرمين رحيم شاهه هٿان قوم پرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي جي ماورائي عدالت قتل جي شديد مذمت ڪندي گُهرڪئي آهي ته قاتل کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي، هن چيو ته ملڪ ۾ ڪوبه شخص ڀلي اهو ڪيڏو به کڻي بااثر ۽ طاقتور ڇو نه هجي ان کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ارشاد رانجهاڻي کي سرِعام گوليون ۽ سندس دردناڪ موت سڄي انسانيت کي شرمائي ڇڏيو آهي،.ارشاد رانجهاڻي جو بيدردي سان قتل درندگي جي بدترين مثال آهي، سنڌ حڪومت رمشا قتل ڪيس کان وٺي ارشاد رانجهاڻي جي سرِعام قتل تائين خواب خرگوش ۾ سُتل آهي، ميڊيا، سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران وڏي پيماني تي احتجاج کان پوءِ وزيراعلى مُراد علي شاهه ۽ سندس حڪومت جاڳي پئي آهي، ارشاد رانجهاڻي جو قتل معاشري ۽ حڪومت لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي.هن گهر ڪئي ته واقعي جي اڻ ڌري جانچ ۽ قاتل توڙي ان جي سرپرستن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي. پوليس ان واقعي تي شرمناڪ ڪردار ادا ڪيو آهي جن کي پنهنجي عهدن تان فوري طور تي هٽائي سندن خلاف موثر ڪاروائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن آئنده اهڙي قسم جي واقعن جو تدارڪ ٿي سگهي.