نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
رانجهاڻي قتل جو نوٽيس دير سان وٺڻ وارين خبرن ۾ صداقت ناهي: ناصر شاهه

ڪراچي (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري واقعي جو نوٽيس دير سان وٺڻ وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، جوابدار رحيم شاهه جي گرفتاري به وڏي وزير جي حڪم تي ٿي آهي، جوابدار ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي قانون جي پڪڙ کان بچي نه ٿو سگهي. سنڌ اسيمبلي آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته  ارشاد رانجهاڻي جي قتل جو ڪيس دير سان داخل ٿيڻ جي ڪري جوابدار رحيم شاهه جي گرفتاري دير سان ٿي. هن چيو ته وڏي وزير جي حڪم تي پوليس رحيم شاهه کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندو.