نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
واقعو ڦر مزاحمت تان پيش آيو، رحيم شاهه اسپتال پهچائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيو: ڊي آءِ جي ڪراچي

ڪراچي: ڪراچي پوليس ارشاد رانجهاڻي قتل واقعي تي بدستور پنهنجي موقف تي قائم، ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي آءِ جي اوڀر عامر فاروقي جو چوڻ آهي ته واقعو ڦر مزاحمت تان پيش آيو، رحيم شاهه ارشاد رانجهاڻي کي زخمي ڪرڻ بعد اسپتال پهچائڻ ۾ روڪاٽ بڻيو ان ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪندڙ رحيم شاهه کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس پاران رحيم شاهه جي گرفتاري ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ ظاهر نه ڪئي وئي پر مٿس زخمي کي اسپتال پهچائڻ ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جو سبب ڄاڻائي گرفتاري ڪئي وئي، ان حوالي سان ڊي آءِ جي اوڀر عامر فاروقي پاران پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي وئي. عامر فاروقي جو چوڻ آهي ته رحيم شاهه ڦر مزاحمت تي سيلف ڊفينس ۾ فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ارشاد رانجهاڻي زخمي ٿيو، زخمين ٿيڻ بعد ارشاد رانجهاڻي کي اسپتال پهچائڻ گهرجي ها جنهن ۾ رحيم شاهه ۽ واقعي واري جاءِ پهتل سب انسپيڪٽر جي غفلت ۽ لاپرواهي آهي جنهن سبب زخمي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. هن چيو ته رحيم شاهه کي سيلف ڊفينس ۾ فائرنگ ڪرڻ جو حق ضرور آهي پر سيلف ڊفينس ۾ هن کي اهو حق حاصل ناهي ته زخمي کي اسپتال کڻي وڃڻ به نه ڏئي ان ڪري رحيم شاهه کي گرفتار ڪيو ويو  آهي. هن چيو ته هن واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪجهه سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪيا ويا آهن، واقعي بعد پهتل ايڌي رضاڪار جو بيان پڻ قلمبند ڪيو ويو آهي، اتي موجود اکين ڏٺن شاهدن جو بيان پڻ قلمبند ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته واقعو ڦر مزاحمت آهي ۽ مارجي ويل ارشاد رانجهاڻي ڦورو هو جنهن رحيم شاهه کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن فائرنگ ڪئي.