نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
ارشاد رانجهاڻي قتل خلاف سنڌ جاڳي پئي، ڪراچي ۾ قومپرست اڳواڻن جي سربراهي ۾ ڌرڻو

حيدرآباد(نمائندن وٽان) ارشاد رانجهاڻي جي بيدرداڻي قتل تي سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، ڪراچي ۾ ڪار ساز وٽ 3 ڪلاڪ ڌرڻو، مرڪزي قومپرست اڳواڻ شريڪ، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران مظاهرا رپورٽ موجب ارشاد رانجهاڻي جي قتل تي سنڌ جي آواز سنڌ حڪومت کي لوڏي ڇڏيو، قاتل رحيم شاهه گرفتار ٿي ويو، ڪارساز تي هزارين ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، جسقم اڳواڻ صنعان خان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، نصرت سحر عباسي، آصف بالادي ۽ ٻين احتجاج جي اڳواڻي ڪئي، ارشاد رانجهاڻي جي قتل تي سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ آواز گونجي اٿيو، پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ناصر شاهه ۽ سعيد غني احتجاج ڪندڙن وٽ پهتا ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي. احتجاج ڪندڙ سمورا ماڻهو ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ شاهه لطيف ٿاڻي تي پهتا، 6 ڏينهن اڳ ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ قومي ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي يو سي چيئرمين رحيم شاهه پاران بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، رحيم شاهه واقعي کي ڦر مزاحمت قرار ڏنو هو جنهن تي سنڌ ۾ احتجاج جي اهڙي لهر ڇائنجي وئي جنهن گذريل ڏينهن سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي پڻ لوڏي ڇڏيو، هزارين ماڻهو صرف سوشل ميڊيا جي ڪال تي ڪراچي جي اهم شاهراه شاهراع فيصل تي ڪارساز وٽ پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڪار ساز تي 3 وڳي ڌاري قافلا پهچڻ شروع ٿي ويا، 4 وڳي احتجاج شروع ڪيو ويو. احتجاج ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو قافلن جي صورت ۾ شريڪ ٿيا، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، دادو، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپور خاص ۽ ٻين ضلعن ۾ پڻ ماڻهن شرڪت ڪئي. ڪراچي مان پڻ وڏي انگ ۾ عام ماڻهن پاران شرڪت ڪئي وئي جن ۾ عورتن جو پڻ وڏو انگ شامل  هو. جسقم اڳواڻ صنعان خان قريشي ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي قافلن جي صورت ۾ پهتا. جيئي سنڌ تحريڪ، جسقم آريسر، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي دودو ديشي، سنڌ نيشنل فرنٽ، عوامي جمهوري پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن پاران پڻ شرڪت ڪئي وئي. هن احتجاج ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کان علاوه سول سوسائٽي پاران پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي. سنڌ جي اديبن، دانشورن، فنڪارن، قلمڪارن توڙي صحافين پڻ شرڪت ڪئي. ڪراچي جي تاريخ ۾ پهريون احتجاج هو جنهن جو سڏ ڪنهن به پارٽي نه ڏنو هو پر سوشل ميڊيا تي احتجاج جي ڪال کي ايتري موٽ ملي جو هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ سمورن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کي پنهنجا پنهنجا جهنڊا آڻڻ کان پڻ منع ڪيو ويو جنهن تي ڪنهن به پارٽي جو جهنڊو نظر نه آيو جڏهن ته پارٽي اڳواڻ توڙي ڪارڪن شريڪ رهيا. ڪار ساز وٽ شاهراه فيصل تي ٿيندڙ پرامن احتجاج ۾ روڊ بند نه ڪيو ويو، شاهراه فيصل تي ٽريفڪ معمول جيان هلندي رهي، ٽين وڳي شروع ڪيل احتجاج رات جو 8 وڳي تائين جاري رهيو، احتجاج ۾ فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ارشاد سرانجهاڻي جو ڀاءُ منور رانجهاڻي چيو ته آئون سنڌ جي عوام جو شڪر گذار آهيان جن اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، منهنجي ڀاءُ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، هو لڇندو رهيو پر ظالم رحيم شاهه منهنجي ڀاءُ کي اسپتال پهچائڻ بجاءِ گاريون ڏيندو رهيو. هن چيو ته منهنجو ڀاءُ ڏوهاري نه هو هن جو ڪو به ڏوهاري رڪارڊ ناهي، اسان سان ظلم ڪيو ويو  آهي. رحيم شاهه کي ڦاسي تي لٽڪايو وڃي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، ارشاد رانجهاڻي هڪ قومي ڪارڪن هو، هن جو ڪو به ڪرمنل رڪارڊ ناهي، ارشاد رانجهاڻي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو. جسقم ارشاد رانجهاڻي جي وارثن سان گڏ آهي ۽ اسان رحيم شاهه کي سزا ڏيارڻ تائين وارثن سان گڏ هونداسين. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌين کي هٿ وٺي هڪ سازش تحت ماريو پيو وڃي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت پڻ شامل آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت هئڻ باوجود ڇهن ڏينهن تائين احتجاج ڪيو ويو پر اڃا تائين ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اڄ عوامي سمنڊ اٿلي پيو آهي، سنڌ جو عوام مطالبو ٿو ڪري ته رحيم شاهه خلاف قتل ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان سنڌين کي ڪراچي ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين، ڪراچي سنڌ جو دل آهي هتي افغاني ۽ ڌاريا ايترا طاقتور ٿي ويا آهن جو ڌرتي ڌڻين کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪن ٿا، هنن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. احتجاج جاري هو ته پيپلز پارٽي جو اڳواڻ صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني پهچي ويا، ان موقعي تي جذباتي منظر سامهون آيا، احتجاج ڪندڙ ارشاد رانجهاڻي جا قاتل گرفتار ڪيو جا نعرا هڻندا رهيا ۽ سنڌ ڌرتي جا نعرا پڻ هڻندا رهيا. ان موقعي تي ٻنهي صوبائي وزيرن احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته پيپلز پارٽي ارشاد رانجهاڻي جي وارثن سان گڏ آهي، اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ به اسان ڳالهايو آهي ۽ وڏي وزير ڪارروائي لاءِ سخت هدايتون پڻ ڪيون آهن، جڊيشل انڪوائري جي حوالي سان پڻ وڏي وزير پاران حڪم ڏنو ويو آهي. هنن چيو ته اوهان جو جيڪو به مطالبو آهي ٻڌايو اهو هن وقت ئي حل ڪيو ويندو جنهن تي احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاهيون ٿا ۽ هن وقت هي سڀ ماڻهو شاهه لطيف ٿاڻي ڏانهن ويندا، اوهان به اسان سان گڏ هلو، جنهن تي صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني پڻ احتجاج ڪندڙن کي چيو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي حوالي سان پوليس کي هدايتون ڏنيون ويون آهن هن وقت ئي ايف آءِ آر داخل ٿي ويندي جنهن بعد احتجاج ڪندڙ سمورا ماڻهو قافلي جي صورت ۾ شاهه لطيف ٿاڻي تي پهتا ۽ رحيم شاهه خلاف ارشاد رانجهاڻي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني. هوڏانهن جيڪب آباد ۾ بار ايسوسئيشن جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪارروائي، جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٺٽو ۾ وڪيلن ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري سخت احتجاج ڪيو ۽ قتل واقعي خلاف زوردار نعريبازي ڪئي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بارايسو سئيشن پاران بار جي صدر مير محمد جمالي جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس گهرائي مذمتي ٺهراءُ پاس ڪيو، نوشهروفيروز ۾ جسقم اڳواڻن اسد عمراڻي، منير وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، نوشهروفيروز ضلعي بار پاران عدالتن جو ڪاروهنوار  معطل ڪري ضلعي بار کان پريس ڪلب تائين مظاهرو ڪوي ويو، شڪارپور ينگ ونگ طرفان مير عاطف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، مورو ۾ وڪيل برادري عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرو ڪوي ۽ جيئي سنڌ محاذ آريسر گروپ ۽ جسقم بشير گروپ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مظاهرو ڪيو، رتوديرو ۾ جسقم اڳواڻن آصف اوڍو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، قمبر ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جسقم، جساف، يوٿ فارم، سچوا، پ پ شهيد ڀٽو، صحافين ۽ سول سوسائٽي طرفان ڌار ڌار احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا، شهدادڪوٽ ۾ پ پ(ش ڀ) جي اڳواڻن وزير کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊوالهيار ۾ عوامي راڄ تحريڪ پاڪستان پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، نوابشاهه ۾ جسقم جي اڳواڻن علي رضا خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ٽنڊومحمدخان ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن صدر اقبال حاجاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، دادو ۾ خاصخيلي اتحاد جي چيئرمين سرائي نياز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، هوڏانهن ٻانڌي، ڪوٽڙي سائيٽ، ڪوٽڙي، نئون ڪوٽ، ميهڙ، دڙو، سڪرنڊ، سجاول، اڳڙا، ڪنڊيارو، ميرپور بٺورو، اسلام ڪوٽ، جاتي، ٿرڙي محبت، سانگي، جهڏو، ڪڪڙ، خانپور، قبو سعيد خان، ڀان سعيد آباد، هنڱورجا، پنو عاقل، ڪنڌڪوٽ، نصير آباد، شاهپور جهانيان، قاضي احمد، ڪڍڻ، خانواهڻ، گهارو، ڳڙهي خيرو، دولتپور صفن، سن، جهوڪ شريف، ڄام صاحب، ماتلي، مقصودو رند، گولاڙچي ۽ تنگواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا ۽ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث رحيم شاهه کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.