نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
ارشاد رانجهاڻي قتل ۾ ملوث يوسي چيئرمين نيٺ گرفتار، تماشو ڏسندڙ ماڻهن خلاف به ڪارروائي تي غور

ڪراچي (بيورو رپورٽ) قومي ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي تي فائرنگ ۾ ملوث يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو رحيم شاهه جي گرفتار ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي اوڀر عامر فاروقي جي سربراهي ۾ قائم جاچ ٽيم جي شروعاتي فائنڊنگ کانپوءِ عمل ۾ آئي ڊاڪٽر امير احمد شيخ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ارشاد رانجهاڻي ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث هو ته انکي زخمي ڪرڻ کانپوءِ اسپتال منتقل ڪرڻ ضروري هوسيلف ڊيفينس جي حق جون به ڪجهه حدون آهن ڪنهن کي به سيلف ڊفينس جي آڙ ۾ ظلم ڪرڻ جو حق ناهي جڏهن ارشاد زخمي ٿي پيو ته ان کي فوري طور اسپتال منتقل ڪرڻ ضروري هو موقعي تي بيهي تماشو ڏسندڙ ٻين ماڻهن جي خلاف به ڪاررائي تي ته غور ڪري رهيا آهيون.