نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
اصغر خان عملدرآمد ڪيس ۾ ملوث فوجي آفيسرن خلاف چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اصغر خان عملدرآمد ڪيس ۾ فوج جي ملوث  آفيسرن جي خلاف چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته فوجي آفيسرن جي خلاف ڪورٽ مارشل ڇو نه ڪئي وئي، فوجي عملدار ته پنهنجن ماڻهن جي ايڊريس به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي به پئسا مليا هُئا يا نه؟ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اصغر خان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد چيو ته فوجي آفيسرن جي خلاف ڪورٽ مارشل ڇا جي لاءِ نه ڪيو ويو آهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته انڪوائري ۾ ثبوت سامهون اچڻ تي ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو، اٽارني جنرل چيو ته فراڊ يا ڪرپشن جي معاملي تي رٽائرمينٽ کانپوءِ به ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿي، جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ڇا الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي به پئسا ڏنا ويا هئا ڪيس ۾ انهن جو نالو آيو آهي نه ئي ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ ڪو انهن جو ذڪر آهي، اٽارني جنرل چيو ته ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ الطاف حسين جو نالو آهي ۽ الطاف حسين پاڪستان ۾ نه آهي، ان حوالي سان برطانوي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، الطاف حسين ۽ ڪجهه ٻين جوابدارن جي حوالگي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان جلد اڳڀرائي جو به امڪان آهي جنهن تي جسٽس اعجاز الااحسن چيو ته فوجي عملدار ته پنهنجن ماڻهن جي ايڊريس به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، جسٽس گلزار احمد چيو ته ايف آءِ اي وارا ته هٿ مٿي کڻڻ لاءِ تيار آهن، جنهن تي عدالت فوج کي ملوث آفيسرن خلاف چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي جڏهن ته ايف آءِ اي رپورٽ جو جائزو دفاع واري وزارت جي جواب سان گڏ ورتو ويندو ۽ ڏسنداسين ته عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ٿيو آهي يا نه جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي.