نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
پاڪستاني رانديگرن جي آئي سي سي ٽي-20 رينڪنگ ۾وڏي اڏام

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب پاڪستان ٽيم ٽي پوائنٽون وڃائڻ باوجود بدستور پهرين پوزيشن تي موجود آهي، بيٽنگ جي شعبي ۾ پاڪستان جي بابر اعظم 885 پوائنٽن سان بدستور پهرين پوزيشن برقرار آهي. فخر زمان پنجين کان ڇهين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته حسين طلعت 19 درجا ترقي ڪري 56 هين نمبر تي پهتو. بالنگ جي شعبي ۾ شاداب خان هڪ درجو هيٺ ٿي ٽئين نمبر تي هليو ويو آهي. شاهين آفريدي 28 درجا ترقي ڪندي 48 هين نمبر تي اچي ويو آهي. عماد وسيم 5 درجا ترقي ماڻيندي چوٿين پوزيشن سنڀالي ورتي، فهيم اشرف نائين نمبر تي موجود آهي.  آل رائونڊرن جي فهرست ۾ پاڪستان جو ڪو به رانديگر شامل ناهي.