نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
بالي ووڊ ايڪشن هيرو اجي ديوگن ”مي ٽو“ مهم تي سوال اٿاري ڇڏيا

ممبئي(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ ايڪشن هيرو اجي ديوگن ”مي ٽو“ مهم تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، هڪ انٽرويو دوران اجي ديوگن جو چوڻ هو ته مي ٽو مهم دوران جن تي الزام لڳايا ويا، اهي ثابت به ڪرڻ ضروري آهن، جيڪڏهن صرف الزام ئي لڳائڻ جي ڳالهه آهي ته ان مهم جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو، منهنجي نظر ۾ جيڪي به ان حوالي سان ڏوهي آهن، انهن خلاف ثبوت منظر عام تي آندا وڃن جيئن الزامن جي حقيقت به سامهون اچي سگهي، هن چيو ته مان پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران اهڙو ڪو ڪم ڪيو ئي ناهي، جو مون کي ڪو خوف ٿئي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه هجي به ها ته سڀ کان پهريان منهنجي زال ڪاجول ئي ان کي منظرعام تي آڻي ها.