نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
آءِ ايم ايف سان مسئلو ڊيل نه پر شرطن جو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان مسئلو ڊيل نه پر نه ڊيل بابت شرطن جو آهي. برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي فواد چوڌري چيو ته اهڙي شفاف ڊيل چاهيون ٿا جيڪا ننڍي مدي ۾ پاڪستان لاءِ مددگار ثابت ٿي ۽ اسان جي ڊگهي معاشي مقصدن تي اثرانداز نه ٿي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن اتفاق راءِ سان بيل آئوٽ پيڪيج جو خواهشمند آهي، اهڙا شرط نه ٿا چاهيون جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچي.