نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف جوڊيشل انڪوائري ڪافي ناهي: نصرت عباس

دادو (ڊ ر) فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ۽ايم پي اي نصرت سحر عباسي دادو پھچي ارشاد رانجھاڻي جي وارثن سان تعزيت بعد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته جڊيشل انڪوائري جو چوڻ ڪافي نه آھي ٖ وڏي وزير کي استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي ھو ھوم منسٽر به آھي ٖ مھذب ملڪن ۾ ايئن ٿيندو آھي ٖجھڙي طرح معصوم رمشا وساڻ جو قتل ٿيو آھي ۽ ڪجھ ڏينھن بعد ارشاد رانجھاڻي جو قتل به ان سلسلي جي ڪڙي نظر اچي پئيٖ ھن چيو ارشاد رانجھاڻي کي ڇو سرعام گوليون ھنيون ويون آھن ۽ قاتل رحيم شاھ سرعام گھمي رھيو آھي. ان سلسلي ۾ سڀاڻي اسمبلي جي اجلاس ۾ ڳالھائينداسين ۽ اگر ڳالھائڻ نه ڏنو ويو ته ان وقت تائين احتجاج ڪيو ويندو جيستائين جواب نه ٿو ملي ٖ ھن چيو ته رحيم شاھ خلاف ايترا ڪيس آھن ۽ ان کي ٽڪيٽ ڪيئن ڏني وئي اھو به سوال اسمبلي ۾ پڇيو ويندو ٖ ھن چيو اگر ڏوھارين کي ئي ٽڪيٽون ڏيڻون آھن ته پوء اسان شريفن توبنھ  ڪئي پوء سڀ ڏوھاري اسمبلين ۾  اچي وڃن .