نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج، مظاهرا، ريليون، ڌرڻا

حيدرآباد(نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، ڪارڪنن، شهرين، سول سوسائٽي ۽ ساڃاهه وندن پاران احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، قاتل کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو: رپورٽ موجب ڪراچي جي نيشنل هاءِ وي ڀينس  ڪالوني موڙ ڀرسان قومي ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي يوسي چيئرمين رحيم شاهه پاران بي دردي سان گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف سنڌ سول سوسائٽي فورم ۽ ڪراچي ٿنڪرس فورم جي سڏ تي “ جسٽس فار ارشاد رانجهاڻي” جي بينر هيٺ سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ نوجوانن گورنر هائوس سامهون ڦوهارا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ عورتن جو وڏو انگ پڻ شامل هو، ان موقعي تي عرفان عالماڻي، الاهي بخش بڪڪ، اعجاز سامٽيو ، محبوب عباسي، عنايت کٽياڻ، شيرين کوکر، ماهين هيسباڻي، نبيلا اسلم، سيما شيخا سميت ٻين اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن  شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي مطالبو لکيل هو ته واٽ ويندڙ کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ وحشي جوابدار کي گرفتار ڪيو، ڄامشورو ۾ جسقم ڪارڪنن ڪامريڊ سومر جمالي جاويد شورو، ايس يو پي يوٿ فرنٽ عبدالرسول جکراڻي، جمشيد سنڌي، ۽ ڄامشورو ايڪشن ڪاميٽي جي ڪارڪنن ربنواز ابڙو، دربان عالماڻي ۽ ٻين اڳواڻن ڌار ڌار احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرو ڪيو، لاڙڪاڻي جيئي سنڌ تحريڪ، سنڌ يوٿ فارم، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، ايس يو پي يوٿ فرنٽ، ايس ٽي پي، سمان اتحاد، جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سميت وڪيلن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، هوڏانهن قمبر ۾ پاڪستان خاصخيلي اتحاد طرفان روشن خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳوائي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هوڏانهن وارهه ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪن، شهرين، جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن سرتاج چانڊيو، عبدالغفار مير جت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  مظاهرو ڪيو، نوابشاهه ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن بخشل باغي، منور سراج، جسقم پاران ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي سرفراز ميمڻ ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪن ۽ اڳواڻن شاهنواز ڪيريو، رستم شاهه، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ٽنڊوڄام ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي سڏ تي سنڌو نواز گهانگهرو، سهيل ڀٽو، پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ سنڌ جي اڳوڻي جوائنٽ سيڪريٽري انيسا ولي الله جي اڳواڻي ۾ سوين نوجوان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مظاهرو ڪيو، عمرڪوٽ ۾ سياسي سماجي ڌرين جي ڪارڪنن گل منير ولهاري، ارباب ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شڪارپور ۾ اديبن پاران همير چانڊيو، نياز سرور بدوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نعريبازي ڪئي وئي، شهدادڪوٽ ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن وزير کوسو، رفيق کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن عبداخالق خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، جسقم، پي ٽي آءِ، وڪيل، سول سائٽي طرفان دلمراد ڏاهاڻي، حفيظ مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري قاتل رحيم شاهه کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هالا ۾ سول سوسائٽي سردار اياز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ملير ۾ جيئي سنڌ تحريڪ(ڪرناڻي گروپ) ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن آڪاش کٽي، رشيد سڌايو، قاسم شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، هوڏانهن ٽنڊوالهيار ۾ عوامي راڄ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن سيد خليل شاهه ۽ اربان ڪري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مٺياڻي ۾ دڪاندار ايوايشن جي اڳواڻن حبيب مشوري، فياض شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هوڏانهن ڏوڪري، سامارو، مبارڪپور، ٿاڻو بولاخان، ٺري ميرواهه، جهڏو، جوهي، شاهپور جهانيان، گڊو، هنڱورجا، محرابپور، چوهڙ جمالي، گپچاڻي، گمبٽ، بوزدار وڏا، مرزاپور، سڪرنڊ، ميهڙ، هنڱورجا، ٽالهي، فريد آباد، شاهپورچاڪر،  قاضي احمد، نصير آباد، دڙو، ڪوٽڙي سائيٽ، هالا، ميرپور بٺورو، لعلورائنڪ، باڊهه، سن، نئون ڪوٽ، سيوهڻ، ڪنب، ڪڪڙ، ڪنري، گهارو، کپرو، غلام الله، نواب ولي محمد، جروار ۽ ڦلجي ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن، شهرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار رحيم شاهه کي گرفتار ڪري انصاف ڪرڻ جي گهر ڪئي.