نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
پهريون ڀيرو هڪ وزيراعظم آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهيو آهي: خواجا آصف

سيالڪوٽ (م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف جو چوڻ آهي ته عمران خان جي لهجي مان محسوس ٿئي ٿو ته هو انتهائي پريشان آهي ۽ سياسي ماڻهو هر وقت اليڪشن لاءِ  تيار رهندا آهن.  سيالڪوٽ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته حڪومت پاڻ پنهنجي دشمن آهي، بيورو ڪريسي کي ڪم نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ گذريل ڇهن مهينن ۾ حڪومت صرف پراڻن منصوبن تي ئي تختيون لڳايون آهن.  هن چيو ته نظام کي خطرو آهي ۽ اسان کي خدشا آهن پوءِ به چاهيون ٿا ته نظام هلي، حڪومت نوٽ ڇاپي رهي آهي ۽ هينئر تائين 1400 ارب ڇاپي چڪي آهي. خواجا آصف چيو ته عمران خان جيڪو 22 سالن تائين چوندا رهياسين ان تي عملدرآمد نه ڪيو، هاڻ کيس اڪنامڪ ايڊوائزر به ڇڏي وڃي رهيا آهن، پهريون ڀيرو هڪ وزيراعظم آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهيو آهي، هن چيو هو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان بهتر آهي آپگھات ڪري ڇڏيان. ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ جو فائدو نه ٿيندو پر ان سان حالتون بگڙجنديون ۽ اسان ڪنٽينرن تي نه ٿا چڙهڻ چاهيون، اسان به ان نظام کي بند ڪري سگهون ٿا.