نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
شادي بابت اشارا ملندا رهندا آهن، عائشه گلالئي سان شادي جو ذڪر ٿيو: نعيم الحق

لاهور( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار نعيم الحق چيو آهي ته شادي بابت مختلف ماڻهن طرفان اشارا ملندا رهدنا آهن، عائشه گلالئي سان رڳو شادي بابت ڳالهيون ٿيون. هڪ انٽرويو ۾ نعيم الحق چيو ته جيڪڏهن نيب طلب ڪيو ته ضرور وينداسين، وزيراعظم جي پگهار صدر کان گهٽ آهي، آئين ۾ ڪجهه شيون اسلام جي روح خلاف آهن. هن چيو ته ڪرڪيٽ جي ڏينهن ۾ به عمران خان جو صلاحڪار رهي چڪو آهيان، جيڪي ڳالهيون مون کي عمران خان کي ٻڌائڻ گهرجن اهي کيس ٻڌائي ڇڏيندو آهيان، شديد دٻاءُ باوجود ڪڏهن به عمران خان جي مٿي تي گهڻج نه ڏٺو آهي.