نيب ٽيم ڪي ڊي اي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو****منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪڏهن اسيمبلي فلور کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو: فهميده مرزا****لکي وٺو صدي جي پڄاڻي تي پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي معيشت هوندو: اسد عمر****گرفتاري کانپوءِ سڀ منڊيلا بڻجي ويندا آهن، احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: وزيراعظم
حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ بيل آئوٽ پيڪيج تي اتفاق، پاڪستان کي قرض ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: ڪرسٽين لوگارڊ

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سان عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي مينجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لوگارڊ ملاقات ڪئي. وزير اعظم عمران خان جي آءِ ايم ايف جي منيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لوگارڊ سان ملاقات دبئي ۾ ٿيندڙ ورلڊ گورنمنٽ سمٽ جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ناڻي واري وفاقي وزير سميت ٻيون اختياريون موجود هيون. ملاقات ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ بيل آئوٽ پيڪيج تي ڳالهيون ڪيون ويون. عالمي مالياري اداري جي منيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لوگارڊ جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان سان سٺي ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۾ هلندڙ معاشي ترقي ۽ مستقبل جي امڪانن تي ڳالهيون ٿيون، معيشت جي بهتري لاءِ پاڪستان سان تعاون جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان سان جاري آءِ ايم ايف پروگرام تي ڳالهيون کي نظر ۾ رکندي ڳالهيون ٿيون. پاڪستان کي امداد ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان جي حڪومت صحيح معاشي قدم کڻي رهي آهي، معيشت جي بهتري لاءِ پاڪستان سان تعاون جاري رکنداسين، پاڪستان آءِ ايم ايف معاشي اصلاحن ۽ روزگار کي هٿي ڏيڻ لاءِ متفق آهن، پاڪستان عملدارن سان ڳالهيون جاري رهنديون ۽ قرض پروگرام کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏينداسين. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي موجب فيصلائتي پاليسين ۽ معاشي سڌارن جي مضبوط پيڪيج سان پاڪستاني معيشت ۾ مضبوطي ايندي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته آءِ ايم ايف جو پاڪستان سان تعاون واکاڻ جوڳو آهي، معاشي اصلاحون ڪري رهيا آهيون، حڪومت پاڪستان معيشت جي استحڪام لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لوگارڊ وچ ۾ ٿيل ملاقات جي حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي آءِ ايم ايف سربراهه ڪرسٽين لوگارڊ سان ٿيل ملاقات فائديمند رهي، پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان اتفاق ٿي ويو آهي، اڳتي وڌڻ جي بنيادي اصول تي پهچي ويا آهيون، آءِ ايم ايف سان بنيادي نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي، ڪامياب مفاهمت کي جلد عملي جامو پهرايو ويندو، ملڪي معيشت جي ترقي جو پروگرام آڻينداسين، ڪمزور ۽ مالي مشڪلاتن جي شڪار طبقي کي تحفظ فراهم ڪنداسين. بنيادي اصولن تي اڳڀرائي ٿي آهي، جلد ٽيڪنيڪي تفصيل طئي ٿيندا. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي ايندڙ مالي سال دوران 6 ملين ڊالر قرض ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. حڪومت جي معاشي وفد ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ملاقاتن ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان جي شرطن کي مڃيندي قرض ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته هو پنهنجي اداري ايف بي آر ۾ سڌارا آڻيندا. معاشي وفد آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان سوشل سڪيورٽي نيٽ ورڪ ۾ اڳ کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويندو.  حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته پنهنجي خرچن ۾ وڌيڪ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي ويندي جڏهن ته آءِ ايم ايف جي وفد حڪومت جي بجلي جا وڌيڪ اگهه نه وڌائڻ جو موقف قبول ڪيو آهي ڇو ته هو اڳ ئي وڌايل اگهن تي متفق آهن.