حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
دوائون مهانگيون ڪرڻ وارو فيصلو!
ڇنڇر 12 جنوري 2019ع

سڄي ملڪ ۾ دوائن جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب دوائن جي قيمتن ۾ 9 کان 15 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين گذريل نواز حڪومت کان به دوائون مهانگيون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو پر ان جي منظوري نه ڏني وئي هئي، جنهن تي دوا ساز ڪمپنين سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو، پر هاڻ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کانپوءِ مهانگيون ٿيندڙ دوائن ۾ کنگهه، الرجي، بلڊپريشر، شوگر، مليريا ۽ چمڙي سميت ٻين بيمارين جي دوائن سوڌو اينٽي بائيوٽڪ، معدي، سور ۽ اکين جي مرض جون دوائون به شامل آهن. 

صحت، انساني زندگي جي بنيادي ضرورتن مان هڪ آهي ۽ عوام ان جو حقدار به آهي پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ان کي ڪابه اهميت ناهي ڏني وئي، اهو ئي سبب آهي ته اڄ به سنڌ سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ ڏورانهن علائقن جا رهواسي صحت جي سهولتن کان وانجهيل نظر ٿا اچن، مٿان وري دوائون مهانگيون ڪري غريب ماڻهن جي اهنجن ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف دنيا ۾ هِن وقت اُهي ئي ملڪ ترقي ۽ خوشحاليءَ جي منزل ماڻي چڪا آهن، جن پنهنجي عوام کي صحت ۽ تعليم جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون، جيڪڏهن اُنهن قومن وٽ صحت ئي نه هجي ها ته هُو نه تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي پنهنجي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏياري سگهن ها، ان ڪري اسان وٽ به سڀ کان وڏي رُڪاوٽ اها ئي آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ غريب عوام کي صحت جون سهولتون نظرانداز ڪري نه صرف احساس محرومي کي وڌايو پيو وڃي بلڪه هن ملڪ کي وقت گذرڻ سان گڏ پٺتي ڌڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن صحت جي حوالي سان خاص ڪري غريب عوام کي ملندڙ سهولتن جو جائزو وٺجي ته صورتحال انتهائي بددترين نظر ايندي، هڪ طرف ملڪ ۾ دوائن جي معيار تي سوال اُٿندا رهيا آهن ته مٿان وري دوائون به مهانگيون ڪري عوام کي علاج ۽ معالج جي بنيادي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي، آخر هن غريب عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اقتدار ڌڻي انهن کي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ ايتري لاپرواهي ۽ بي ڌياني جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. اڄ به اقتدار ڌڻي رڳو سنڌ جي ئي انهن ڏورانهن علائقن جو دورو ڪري ڏسن، جتي کين اهي غريب ۽ لاچار خاندان ئي ملندا، جيڪي مختلف جسماني ۽ ذهني بيمارين ۾ مبتلا هجڻ ڪري علاج ڪرائڻ جي به سگهه نٿا رکن، ٻئي طرف حڪومت دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي دوائون مهانگيون ڪرڻ جي اجازت ڏئي غريب ماڻهن کان ڄڻ ته جيئڻ جو حق کسي رهي آهي، افسوس ته ماضيءَ جي حڪمرانن جيان موجوده حڪومت جون عام ماڻهن کي صحت جون بنيادي سهولتون ڏيڻ واريون دعوائون به حقيقت جي اُبتڙ ثابت ٿيون آهن،

اها به حقيقت آهي ته ڊاڪٽر اڳ ئي پنهنجي نجي ڪلينڪن تي ايندڙ مريضن کي مهانگيون دوائون خريد ڪرائي ڪمپنين کان وڏي تعداد ۾ وڪرو ٿيندڙ دوائن تي ڪميشن حاصل ڪندا آهن ته ساڳئي وقت لوڪل ڪمپنين کي ڪميشن عيوض جعلي دوائون وڪرو ڪرڻ جي اجازت به ڏني وڃي ٿي، صحت جي شعبي ۾ عوام سان ٿيندڙ ظلم اڃا اِتي ختم نٿو ٿئي بلڪه سرڪار، جيڪا هر سال پنهنجي بجيٽ ۾ اربين رپيا صحت جي شعبي لاءِ مختص ڪري ٿي، اهي فنڊ ۽ رقمون به هٿ سان بي لاڀائتيون بڻايون ويون آهن ته جيئن عام ماڻهو بجاءِ جو سرڪاري اسپتالن جو رُخ ڪري، هو خانگي اسپتالن ۽ پرائيوٽ ڪلينڪن مان علاج ڪرائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏي ته جيئن دوائن جي ڪارربار کي هٿي ملي سگهي، دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين، ڊاڪٽرن ۽ حڪومت جي ان معاملي تي هڪ هٽي ۽ ملي ڀڳت جي ڪري ئي اسان جو ملڪ صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي، ان ڪري اها نهايت افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته دوائن جون قيمتون وڌائي غريب ماڻهن تي اربين رپين جو اضافي بار وڌايو ويو آهي، حڪومت کي ان حوالي سان پنهنجي ڪيل فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، گڏوگڏ مخالف ڌر ۾ شامل جماعتن کي به پارليامينٽ ۾ ان معاملي تي اثرائتو آواز اُٿارڻ گهرجي ته جيئن مهانگائيءَ جي هن دور ۾ ٻيو نه ته عوام کي صحت جون مناسب اگهه تي سهولتون ته ملي سگهن.