حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
’ورچي نه ويٺي...‘
شعبان وسطڙو

ڪڏهن ڪڏهن ذهنن ۾ جيڪا ترقي پسند جي نواڻ واري اٿل پُٿل ايندي آهي، انهي ۾ ماڻهوءَ جا جذبا به جوان ڀاسندا آهن ۽ اُها اُٿل پُٿل تاريخي وهڪرا به وهائي ڇڏيندي آهي، پر انهي جون يادون ۽ انهن جا نشان رهجي ويندا آهن ۽ انهن جو ڪيل پورهيو، انهن کي هميشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيندو آهي. اُهي وقت جا ذهين ماڻهو سڏبا آهن، جيڪي پنهنجي ذهانت جي زور، سوچ ۽ رٿا تحت ايندڙ وقت جون اڳڪٿيون ڪندا آهن، جيڪي سو سيڪڙو سچ ثابت ٿينديون آهن. اهڙن ذهين ماڻهن ۾ نارائڻ شيام وقت جو اهو آواز ٿي گذريو، جيڪو آواز پَڙاڏو بڻجي اڄ به هر وقت اسان جي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي.

کليل بي نور وانگر، لڳو پئي گهر جو دروازو،

اچي بيٺينءَ تون در تي، ائين ان ۾ روشني آئي.

نارائڻ نوشهروفيروز جو کاهي قاسم جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ 25 جولاءِ 1922ع تي گوڪلداس خاڪواني جي گهر ۾ جنم ٿيو. بنيادي تعليم نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه مان حاصل ڪري ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين.

نارائڻ شيام ننڍڙي هوندي کان ئي ذهين، ادب ڏانهن مائل رهيو ۽ شاعري ۾ اهڙو ته مقام ماڻيائين جو سنڌ ۽ هنڌ جو وڏو شاعر ٿي گذريو ۽ شاعريءَ ۾ نيون صنفون متعارف ڪرايائين ۽ پنهنجي ذهني پختگي تحت فارسي صنفن کي به عام فهم واري سولي سنڌي ٻولي ۾ پيش ڪيو. نارائڻ شيام جنهن سنڌي جديد ۽ ترقي پسند شاعري جو بنياد وڌو، سندس شاعري ۾ جيڪا تڙپ ۽ درد سمايل آهي، اهو ئي درد ڌرتيءَ وارن جو درد آهي، جيڪا سندس شاعريءَ جي واقعي وڏي خوبي هوندي آهي ته هو ڌرتي وارن جي تڙپ کي پنهنجي اندر ڪيئن ٿو محسوس ڪري.

هن جيڪا به شاعري ڪئي، اُها پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪئي آهي. تڏهن ته هو عوامي شاعر جي محبت ماڻي چُڪو آهي. هن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مفادن ۽ ڏُکن لاءِ شاعري کي نه چٽيو آهي پر هو ته ماڻهن جا ڏُک ۽ درد پنهنجي من ۾ محسوس ڪندو هو. هو پنهنجي من ۾ جيڪا سِڪ سموئي رهيو هو، انهيءَ آسري تي ته:

اڄ شاهه جي رسالي تي نظرون کُپي ويون،

موٽي صدين کان پوءِ ٿي، ڄڻ سنڌ مون ڏٺي.

ماڻهو اندر ۾ تڏهن ڀري پوندو آهي، جڏهن وڇوڙي جو درد ورلاپ ڪري ورندو آهي. تڏهن من ۽ تن هيڪلو ڀاسندو آهي. ڇو ته ڌرتي جو وڇوڙو ته رولي ڇڏيندو آهي ۽ اهڙو درد نارائڻ شيام به ڀوڳيو ۽ پنهنجي وطن لاءِ آخري پَلن تائين نيڻن کي کليو ئي رکيو. انهي آس تي ڌرتي جو ديدار هڪ وار ضرور ٿيندو. اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي، جڏهن ڌرتي ڌڻي، ڌرتي ڌڪاڻا ٿي وڃن.

پر اهڙا ماڻهو ايڏا ته ذهين ٿين ٿا، جو انهن کي انهن مڙني ڳالهين جو جهڙو الهام ٿيندو هجي ته جيون جي موڙ تي اسان سان ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، تڏهن ته شيام ڪنهن سمي وڏي واڪ چيو ته:

آءٌ ته هڪ آواز فضا ۾، گم ٿي ويندو سانءِ،

مون کي ڏسڻ کانپوءِ گگن ۾، واجهه وڏا وجهجان.

پر پوءِ جڏهن هڪ طوفان آيو، جڏهن ڌرتي جا مالڪ ڌرتي ڌڪاڻا بڻجي ويا، تڏهن شيام جهڙي سگهاري شاعر کان جهڙي رڙ نڪري وئي ته:

ڏسيو هزارين رهبرن، هڪ ئي راهه گذر،

رستا هئين هزار، هڪڙي گمراهي ڪڍيا.

جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي وطن، ٻولي ۽ ماڻهن سان محبت هوندي آهي، جيڪي تيز ذهن جا مالڪ هوندا آهن، اُنهن جي نگاهه به ڏاڍي تيز هوندي آهي ۽ هو وقت ۽ حالتن جي پَرک رکي اهڙيون ته اڳڪٿيون ڪندا آهن، جهڙي هنن جي من ۾ اها ڳالهه اڳواٽ ئي سمايل هجي يا جهڙوڪ کين الهام ٿيندو هجي، اهڙي خبر نارائڻ شيام اسان کي اڳواٽ ئي ٻُڌائي ڇڏي هُئي، جهڙوڪ خبردار ۽ هوشيار ڪندو هجي ته اسان مان ڪنهن به انهيءَ تي ڌيان نه ڏنو ۽ آهستگي سان اُها شيءِ اسان کان جهڙوڪ پَري ٿيندي پئي وڃي ۽ اُها ڳالهه جهڙي سچ ثابت ٿيندي هجي ته؛

الا ائين مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

نارائڻ شيام اُها آگاهي اسان کي ڪئين سال اڳ ڏني هُئي، جنهن تي اسان توجهه نه ڏني ۽ هاڻي اُها ڳالهه حقيقت جو روپ ڌاري چُڪي آهي ته ٻولي کي اسان ڪيئن وساريندا پيا وڃون، جيڪا سراسر زيادتي آهي. پنهنجن ٻارن کي انگريزي ميڊيم وارن اسڪولن ۾ داخل پيا ڪرايون، جتي سنڌي سبجيڪٽ جو نانءُ نشان ئي ناهي پر اسان جي ڪَن تي جونءَ به نٿي چُري ۽ اسين هُش ۾ خوش ته اسان جو ٻار انگلش ميڊيم پيو پڙهي، گٽ مٽ انگريزي پيو ڳالهائي پر پنهنجي ٻوليءَ جو فڪر ئي ڪانهي ته جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي، ان جو ازالو ڪير ڀريندو. ان لاءِ سنجيدگيءَ سان ويهي سوچڻو پوندو ۽ ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو، نه ته ڪامريڊ لينن جي انهيءَ چواڻي کي اڳيان رکي همت ڪبي ته ”فنا ٿيو يا پوري طاقت سا اڳتي وڌو. ڇو ته تاريخ اسان جي آڏو هي ئي ٻه رستا رکيا آهن“.

نارائڻ شيام سنڌي شاعري کي جيڪا وسعت بخشي اُها ڪمال جي آهي، سندس شاعري ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ به لفظ ڄڻ بارش جون اُهي ڪڻيون هجن، جيڪي جڏهن جسم کي ڇُهن ته من کي جهڙوڪ قرار ڀاسي. هن جيڪو ٻوليءَ جو جادو پنهنجي شاعريءَ ۾ جڳايو آهي، انهي جادوئي سحر ۾ سموري قوم ورتل آهي. اسان کي سندس ڪيل علمي ادبي پورهئي تي فخر آهي، ته هن شاعريءَ کي هڪ نئين جلا بخشي ۽ هڪ نئون روپ ڏنو. نارائڻ شيام زندهه آهي ۽ زندهه رهندو. هن جي جدائي جسماني سهي پر روحاني طرح اسان جي روحن ۾ رچي رهيو آهي. اهڙي سوچ ۽ لوچ رکندڙ شخصيتون سالن پُڄاڻان ملنديون، جن پنهنجي سموري زندگي محنتن ۽ ڪشالن ۾ گذاري ۽ هڪ پل به سک سان نه ويٺا ته جيئن پنهنجي محنت سان ڪجهه نه ڪجهه ڪري پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪيو وڃون. شاهه صاحب جي انهي شعر جيان ته؛

جان جان هُئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءَ پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.