حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
احتساب عُرف انتقام جو انجام!!
مدثر نظر بلوچ

اسٽيفن ڪووي جو قول آهي ته ”انتقام جي آڙ ۾ ٿيندڙ احتساب جو ردعمل ايندڙ نسلن ۾ نظر ايندو آهي.“ ان جملي ۾ وڏو درس سمايل آهي، پر ان تي غور ڪير ڪري؟ اهو وڏو الميو آهي، اسان جي ملڪ ۾ به اڄڪلهه احتساب جو هُل گهڻو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، تبديلي جي نانءُ تي اڻ ڏٺل پر اڻ لڪل سيڙهي تي چڙهي اقتدار جي ايوانن ۾ پهتل تحريڪ انصاف حڪومتي واڳون سنڀالڻ بعد احتساب جو نعرو هنيو ۽ پراڻا فائيل کوٽي ٻيهر ڪيس هلائڻ شروع ڪيا آهن ته ڪي وري نوان اسڪينڊل به سامهون آندا آهن، پر جيڪڏهن اسان انهي احتساب واري عمل تي سرسري نظر وجهون ته اهو منصفاڻو يا غيرجانبدار ڪٿان به نظر نه پيو اچي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سڀ کان وڏي جاچ اداري نيب ۾ ته گهڻن ئي سياسي اڳواڻن خلاف ڪرپشن جي جاچ هلندڙ آهي، جنهن ۾ خود تحريڪ انصاف جا اڳواڻ به شامل آهن پر ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته صرف مخالف ڌڙن کي هدف بڻايو پيو وڃي، ان جا کوڙ سارا مثال آهن، پر ان جي ثابتي ان مان ئي ٿي وڃي ٿي ته هڪ طرف تحريڪ انصاف اها دعويٰ ڪري ٿي ته نيب مڪمل بااختيار ۽ آزاد ادارو آهي ته ٻي طرف وري نيب جي جاچ ۾ مداخلت سميت پنهنجي لڏي جي ماڻهن کي رليف ڏيارڻ سميت مخالف ڌڙن جي جاچ رپورٽ کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال ڪرڻ مان ئي کير ۽ پاڻي جو فرق واضح ٿي وڃي ٿو.

نواز ليگ جي لڳ ڀڳ سموري قيادت ۽ اهم اڳواڻ نيب ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ مرڪزي اڳواڻ جيل ۾ به آهن، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي قيادت سميت اڪثر اڳواڻن لاءِ به نيب جو گهيرو تنگ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، پر ان سڄي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف ڪريڊٽ کڻڻ خاطر اڳيان اڳيان نظر اچي ٿي، جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت جي آئي ٽي رپورٽ اچڻ بعد تحريڪ انصاف جي اڳواڻن نه صرف جي آئي ٽي رپورٽ ۾ شامل 172 ڄڻن کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو، بلڪه وفاقي ڪابينا جي آئي ٽي رپورٽ ۾ شامل سڀني ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ به شامل ڪري ڇڏيا ۽ وفاقي ڪابينا ۾ شامل وزيرن پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اصل اهڙو رڻ ٻاريو ڄڻ ته انهن وڏو قلعو فتح ڪري ورتو آهي، حالانڪه اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ ڪا وڏي جنگ فتح ڪرڻ جهڙي ڳالهه ناهي پر وفاقي سرڪار جي وزيرن ڪريڊٽ کڻڻ ۽ واهه واهه ڪرائڻ لاءِ وسان نه گهٽايو، خير اي سي ايل ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه جا نالا شامل ڪرڻ وارو عمل وفاقي سرڪار کي ان وقت ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اي سي ايل ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه جا نالا شامل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، حڪم ڏنو ته ٻنهي جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا وڃن پر ڪالهه ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي سرڪار طرفان في الحال بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ميڊيائي رپورٽن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو اي سي ايل مان نالا خارج ڪرڻ بابت تفصيلي حڪمنامو اچڻ تائين انتظار ڪيو وڃي.

تحريڪ انصاف جي وفاقي ڪابينا ڀلي اي سي ايل مان نالا خارج ڪرڻ واري معاملي کي تفصيلي فيصلي اچڻ تائين ڪجهه ڏينهن لاءِ ٽاري ضرور ڇڏيو آهي پر تڪڙ ۾ ڪيل فيصلي تي کين ”يوٽرن“ ضرور وٺڻو پوندو ۽ بقول وزيراعظم عمران خان جي ته ”يوٽرن“ وٺندڙ عظيم ليڊر هوندا آهن. خير ”يوٽرن“ ته هڪ ٻيو به تحريڪ انصاف ڪالهه ورتو آهي، تحريڪ انصاف طرفان اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان 20 ڊسمبر 2018ع تي آصف علي زرداري جي نااهلي لاءِ درخواست جمع ڪرائي، جيڪا 27 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ منظور ٿي پر ڪالهه جڏهن ان درخواست جي ٻڌڻي دوران جڏهن تحريڪ انصاف کي دعوائن موجب ثبوت پيش ڪرڻا هئا ته خرم شير زمان درخواست ئي واپس وٺي ڇڏي ۽ وري هڪ ٻي دعويٰ ڪري ڇڏي ته آصف علي زرداري خلاف وڏا ثبوت مليا آهن، جيڪي ڪنهن وڏي فورم تي ئي پيش ڪنداسين، ان ڪري سپريم ڪورٽ جو رخ ڪري رهيا آهيون. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ايترا وڏا ثبوت آهن ته اليڪشن ڪميشن مان ئي انصاف ملي پئي سگهيو، ته پوءِ معاملي کي اينگهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ يا ائين ته ناهي ته خرم شير زمان به پنهنجي قائد عمران خان وانگر ٺلهيون دعوائون ڪري وري ”يوٽرن“ ورتو آهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان صاحب جو لنڊن ۾ متحده سربراهه خلاف ثبوت کڻي وڃڻ وارا سکڻا اعلان ۽ پاناما معاملي تي خاموش رهڻ تي ٿيل ٻه ارب روپين واري آڇ جي دعويٰ به اڃا تائين ثابت نه ڪري سگهيو آهي، لنڊن وارو ڪيس ته خان صاحب ڪيو ئي نه هو پر ٻه ارب روپين واري آڇ خلاف شهباز شريف عدالت جو رخ ڪيو، پر عمران خان ان ڪيس جي ٻڌڻي تي اڃا تائين وڃي ڪو ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو. خير هڪ ڳالهه ته تحريڪ انصاف جي سياسي طرزِ عمل ۾ واضح نظر اچي ٿي، اها آهي غيرسنجيدگي، ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف جو وزيراعظم هجي يا وفاقي يا صوبائي وزير يا وري ڪو اڳواڻ، انهن جي ٻولي ۽ عمل اڃا تائين ڪنٽينر تي بيهي ڳالهائڻ وارو نظر ٿو اچي.

تحريڪ انصاف جي غير سنجيدگي کان هٽي ڪري جيڪڏهن وري احتسابي عمل ۽ نيب جو ذڪر ڪريون ته نيب تي مشرف جي دور کان وٺي آڱريون کڄنديون آيون آهن، حالانڪه پيپلزپارٽي توڙي نواز ليگ مختلف وقتن تي نيب قانون ۾ ترميم جون ڳالهيون ڪندي آئي آهي پر ان تي عمل ناهي ڪيو ويو، پر هن وقت جڏهن ملڪ ۾ هر طرف احتساب جو هُل ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اتي نيب جي جانبداري جا پڙاڏا به ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، نه صرف سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن پر هاڻ ادارن طرفان به نيب جي ڪردار تي آڱريون کڄي رهيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان نيب جي عملدارن کي صرف ميڊيا ئي بيانن تائين محدود هجڻ جي طعني ۾ ملڻ بعد ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب خلاف ته جاچ جي ضرورت آهي، ٻه ٻه سال انڪوائريون ڪرڻ سان ڪجهه نه ملندو آهي، جيڪڏهن اها ئي ڪارڪردگي آهي ته ڊي جي نيب کي طلب ڪريون ٿا.

اهو پهريون موقعو ناهي جو نيب جي ڪردار تي اعليٰ عدالتن آڱر کنئي آهي، ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جا معزز چيف جسٽس صاحبان به نيب خلاف ڳالهائي چڪا آهن. ان ڳالهه ۾ ڪا ٻي راءِ ناهي ته نيب يا احتسابي عمل کي هميشه سياسي بنيادن تي استعمال ڪيو ويو آهي، پوءِ ڀلي اهو خدمت خلق ڪاميٽين جي صورت ۾ هجي يا نيب جي شڪل ۾، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جيڪو هينئر جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ سياسي مخالفن جي نشاني تي آهي، اهو اڳ به اهڙي سياسي انتقام تحت داخل ڪيل ڪيسن ۾ 11 سال جيل ڪاٽي عدالتن ۾ انهن ڪيسن مان بري به ٿي چڪو آهي، تازو ڪجهه ڏينهن اڳ کيس اين آر او ڪيس مان به آجو قرار ڏنو ويو آهي، ٻئي پاسي نواز ليگ جي ڳالهه ڪريون ته ميان نواز شريف، سندس نياڻي مريم ۽ ناٺي صفدر سميت جيل ويو، بعد ۾ ان جي سزا معطل ٿي وئي، هاڻ وري پاڻ اڪيلو جيل ۾ آهي، امڪان اهي به نظر اچي رهيا آهن ته هاڻ جنهن ڪيس ۾ نواز شريف جيل ويو آهي، اها سزا به معطل ٿي ويندي، پوءِ ڇا ٿيندو؟ تحريڪ انصاف ته انهن ٻنهي پارٽين جي قائدين ۽ اڳواڻن کي ڪرپٽ، چور ۽ ڌاڙيل چوندي نٿي ٿڪجي، انهن خلاف ڪرپشن جا اسڪينڊل اچڻ بعد سزا ملڻ واري معاملي تي ڪريڊٽ به کڻي ٿي پر ان جو فائدو ڪهڙو ٿيو؟ ان بابت ڪابه وضاحت سامهون نٿي اچي.

هن وقت جيڪو احتسابي عمل جاري آهي، اهو ڪنهن به لحاظ کان منصفاڻو يا غيرجانبدار نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ماضي وانگر ان احتسابي عمل مان حڪومتي مداخلت ۽ سياسي انتقام جي بوءِ نظر اچي ٿي، جنهن جا ماضي وانگر نتيجا انتهائي هاڃيڪار اچي سگهن ٿا، جنهن ڪري احتسابي عمل جي شفافيت لاءِ نئين قانون سازي ڪئي وڃي، جنهن ۾ حڪومتي مداخلت نه هجي، مداخلت کان آجي شفاف ۽ غيرجانبدار احتساب ۾ سڀني جو گهيرو تنگ ڪرڻ ۾ ڪو هرج ناهي، پيپلز پارٽي هجي يا نواز ليگ، يا وري خود حڪومتي پارٽي، پر ان لاءِ سنجيدگي جي ضرورت آهي، جيڪا هن وقت حڪومتي ڌڙن ۾ نظر نٿي اچي، جنهن ڪري ماضي وانگر هن احتسابي عمل جا به ڪي نتيجا نڪرندي نظر نه پيا اچن.