حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
سياسي سَڪرات ۾ سُقراط جي ضرورت!
مير قائم خان ٽالپر

470 ق-م ۾ يونان جي شهر ايٿنز ۾ هڪ سنگتراش جي گهر ۾ هڪڙو ٻار ڄائو، جنهن جو نالو سُقراط رکيو ويو. سُقراط جي ماءُ داعي هئي، هنن ٻنهي جي ايتري ڪمائي ٿي ويندي هئي جو هنن جو گذر بهترين نموني سان هلي رهيو هو. انهي ڪري سقراط کي ننڍپڻ ۾ ڪو معاشي فڪر نه هو. سُقراط نوجوانن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ ڪو خاص ادارو قائم نه ڪيو هو. سقراط جي تعليم ڏيڻ جو طريقو اهو هو ته هو عوامي هنڌن تي ويندو هو، جتي ماڻهو هن کي نظر ايندا هئا، هو اتي انهن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو. هن جو سڄو سڄو ڏينهن انهيءَ ۾ گذري ويندو هو. نوجوان هن جي گفتگو تمام گهڻي دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا. سقراط ايٿنز جي نظام جي خامين تي سخت تنقيد ڪندو هو. هو رياست جي اصلاح چاهندو هو، ته جيئن ايٿنز جي شهرين کي حقيقي سچائي جي قريب آندو وڃي. سقراط جا خيال انقلابي هئا ۽ هو اهڙن نظرين جي هميشه مخالفت ڪندو هو، جن ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿئي. هن هميشه انهن جي خلاف ڳالهايو جن غريبن جي حقن کي ڦرڻ جي حمايت ڪئي. سقراط جي انهن خيالن جي ڪري نوجوان هن جي ويجهو اچڻ لڳا، هن جي ڳالهه ٻڌڻ لڳا. انهيءَ ڪري جو هن جي درس و تدريس ۾ سواليه انداز جو اضافو هو. هو هنن جي دليلن کي سوالن ذريعي رد ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو تعميري نظريو ڏيندو هو، جيڪو هڪدم نوجوانن جي ذهنن تي اثر انداز ٿيندو هو. سقراط دانش، نيڪي، اخلاق، حوصلي، انصاف ۽ قانون جي تعليم ڏيندي چوندو هو ته، ”منهنجي ماءُ داعي هئي، انهيءَ جي نقشِ قدم تي هلڻ جي آئون ڪوشش ڪري رهيو آهيان، فرق صرف اهو آهي ته منهنجو تعلق ذهني زچگي سان آهي. انهيءَ ڪري آئون ٻين جي مدد ڪريان ٿو، ته جيئن هو پنهنجي خيالن کي جنم ڏئي سگهن.“

سقراط جڏهن ايٿنز جي شهرين جي اکين تان خود فريبيءَ جا پردا هٽايا ۽ سچائيءَ جو آئينو انهن کي ڏيکاريو، جڏهن انهيءَ آئيني ۾ ايٿنز جي حڪمرانن پنهنجا چهرا ڏٺا ته هنن کي پنهنجن سندر چهرن ۾ درندگي نظر آئي ۽ هو درندن وانگر سقراط جي خلاف ميدان ۾ اچي ويا. ايٿنز جا ڏمريل حڪمران سقراط تي اهي الزام هڻڻ لڳا ته هي انهن ديوتائن جي عبادت نٿو ڪري جن جي ايٿنز جي عوام ڪري ٿي ۽ هن تي ٻيو الزام اهو هنيو ويو ته هي نوجوانن کي ڀڙڪائي ٿو؛ انهيءَ ڪري هن جي سزا موت آهي. جڏهن سقراط کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ته هن قبول ڪري ورتي پر جيڪڏهن سقراط چاهي ها ته موت جي سزا کان بچي سگهيو پئي. انهي ڪري جو ايٿنز جي قانون ۾ اها گنجائش موجود هئي ته موت جي سزا ملڻ وارو پنهنجي موت جي سزا کي جلاوطني ۾ تبديل ڪرائي. سقراط به اهو حق استعمال ڪري موت جي سزا کي جلاوطنيءَ ۾ تبديل ڪرائي پاڻ کي بچائي سگهيو ٿي. ليڪن هن انهيءَ طريقي سان بچڻ کي بزدلي ٿي سمجهيو.

هاڻي جيڪڏهن اسان ڏسنداسين ته اڄ اسان جي معاشري ۾ اهوئي ايٿنز وارو ماحول آهي. ليڪن اسان ان هوندي به انهي ماحول جي اصلاح ڪرڻ بجاءِ انهيءَ ماحول ۾ پنهنجي نسل جي تعمير ڪري رهيا آهيون. اسان اڄ به انهن حڪمرانن کي جيءُ جيءُ ڪريو ٿا، جن جو وجود ته هاڻوڪو آهي، پر انهن جي اندر سوچ ايٿنز جي حڪمرانن واري آهي. انهيءَ جي باوجود اڄ به اسان پنهنجي نصاب جي ڪتابن کان وٺي معاشرتي قصن، ڪهاڻين تائين پنهنجن ماضي جي جنگجوئن کي ياد ڪري انهن جي ٻيهر آمد جا منتظر آهيون. اها خواهش اسان جي حڪمرانن جي خيرخواهن جي زبانن تي هميشه کان رهندي اچي. ليڪن انهيءَ جي برعڪس اسان پنهنجي نسل کي انهن ڪردارن ڏانهن ايڏو متوجه نه ڪندا آهيون، جن علم ۽ ادب جي ذريعي نوجوانن کي آگاهي ڏني، جن انهن جي ذهنن ۾ شعور ڏنو، انهن جو ذڪر اسان وٽ هر دور ۾ گهٽ رهيو آهي. جيڪڏهن اسان ڏسون ته هن وقت اسان جي معاشري جا اصل مسئلا رشوت، ڪرپشن، بدعنواني، سفارش ۽ لاقانونيت آهن.

اخلاق نالي خاطر وڃي رهيو آهي. قانوني معيار مختلف بڻجي چڪا آهن. انصاف صرف صاحبِ حيثيت جي لاءِ آهي. عدل طاقتور طبقي ڏانهن گهڻو رجحان رکي ٿو. ڪمزور ماڻهو هر لحاظ کان عدم تحفظ جو شڪار آهن. حڪمران پنهنجا ۽ پنهنجن جي مفادن لاءِ مصروفِ عمل آهن. معاشرو مڪمل انتشار ۽ افراتفريءَ جو شڪار آهي. جنهن معاشري ۾ ڪوڙ، دوڪو، ٺڳي ڪرڻ ڪاميابيءَ جي علامت بڻجي وڃي، پوءِ انهي ۾ جنگجوئن ۽ فاتحن جا منتظر ڪهڙي سوچ رکي انهن جي آمد جي خواهش جو اظهار ٿا ڪن؟ هتي اسان پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ جو حق رکون ٿا ته، ”اهڙي معاشري ۾ اسان کي ڪنهن جي ضرورت آهي؟“ اسان اهڙي معاشري ۽ ماحول ۾ ڪنهن جو انتظار ڪريون؟ ڪير اسان کي اهڙي ماحول ۽ معاشري مان نجات ڏياري سگهي ٿو؟ اهڙي ماحول ۾ اسان کي نجات اهو ئي ڏياري سگهي ٿو، جيڪو انهن معاشي، سياسي، سماجي مسئلن کي سمجهي، انهن جي اسان کي ڄاڻ ڏي. اهو نظريو، اها سوچ اسان تائين پهچائي جن ۾ اسان جي انهن مسئلن جو حقيقي معنيٰ ۾ حل موجود هجي. جيڪڏهن اسان اڄ به انهن مسئلن جو حل ڳولڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي اڄ به ايٿنز جي انهن گهٽين، بازارن، چوڪن تي هلڻ ۽ ٿلن تي پنهنجن شاگردن سان گڏ ويهي، مال ۽ دولت جي فڪر کان آزاد سقراط جون اُهي صدائون ٻڌڻيون پونديون، جن ۾ انهن سڀني مسئلن جو حل موجود هو. هن کي جيڪي ملندو هو، انهيءَ کان هو سوال ڪندو هو. هن ڪڏهن به پاڻ کي نه دانشمند سمجهيو، نه عالم يا مفڪر. هو هميشه سيکارڻ جي لاءِ سوال ڪندو هو. هڪ ڏينهن هن پنهنجي شاگرد کان سوال ڪيو ته نيڪي ڇا آهي؟ جڏهن شاگرد جواب نه ڏئي سگهيو ته انهيءَ کي وٺي هو هڪ ڪنڀار جي دڪان جي اڳيان لنگهيو ته ڪنڀار چِڪ تي نرم نرم مٽيءَ جو پنوڙو رکي ان کي ڦيرائي پوءِ پنهنجي ٻنهي هٿن کي ائين ان مٽيءَ جي پنوڙي تان ڦيرايو جو ڪجهه ئي دير ۾ هڪڙو سهڻو مرتبان تيار ٿي ويو. تڏهن سقراط چيو هينئر چِڪَ تي مٽي هئي، هڪدم هي سهڻو مرتبان ڪٿان آيو؟ پوءِ هن پاڻ ئي جواب ڏنو ته مرتبان ڪنڀار جي ذهن ۾ هو ۽ پوءِ هٿن جي هنر سان اهو هن جي دماغ مان نڪري چِڪَ تي اچي ويو. سقراط انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍيو ته ڪابه شيءِ انسان جي ذهن ۾ اچي ٿي، پوءِ انسان پنهنجي ذهن ۾ ٺهيل انهيءَ نقشي کي مادي شڪل ۾ آڻي ٿو. بلڪل اهڙي طرح نيڪي به انسان جي فطرت ۾ آهي، انهيءَ کي تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها زندگي کي شِر کان بچائي ٿي ۽ انسان کي خوشي ڏي ٿي.

ايٿنز ۾ اهو دستور هو ته دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ وارا اهم موضوعن تي گفتگو ڪندا هئا. هڪ اهڙي موقع تي جڏهن اهو سوال آيو ته، عدل يا انصاف ڇا آهي؟ تڏهن هڪڙو شخص اٿي چوڻ لڳو ته طاقتور هميشه صحيح هوندو آهي، جنهن وٽ طاقت آهي عدل به انهيءَ جي مرضي مطابق ٿيندو آهي. انهيءَ جو مطلب ته ڪمزور ماڻهن جي لاءِ ڪو عدل ڪو انصاف نه آهي. حالانڪه انصاف جو مطالبو سڀ کان گهڻو ڪمزور ماڻهو ئي ڪندا آهن. ڇو ته هو انهيءَ ذريعي پنهنجو تحفظ چاهيندا آهن. يعني هن جو مقصد اهو هو ته ڪمزور جي لاءِ هن دنيا ۾ ڪا به جڳهه نه آهي، صرف طاقتور کي ئي جيئڻ جو حق آهي. سقراط انهيءَ جي مخالفت ڪئي. هن مطابق عدل جو تعلق اهم اخلاقي قدرن سان آهي، جيڪو انسان کي پاڪباز ۽ نيڪ بڻائي ٿو. جيڪڏهن طاقتور کي اهو حق ملي وڃي ته معاشرو انتشار جو شڪار ٿي ويندو. عدل ۽ انصاف طبقات ۾ توازن قائم رکي ٿو.

سقراط سياستدانن کي ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن سان تشبيهه ڏني آهي، هو چوي ٿو ته جهڙي طرح انهن جو فرض هوندو آهي ته هو مريض کي مرض کان نجات ڏيارين ۽ انهن کي صحتمند رکن. اهڙي طرح هڪڙي سياستدان جو ڪم اهو آهي ته هو قوم جي خدمت ڪري ۽ ان جا مسئلا حل ڪري. سقراط سڀ کان گهڻي اهميت معاشري ۾ اخلاقي قدرن کي ڏني آهي، جيڪي معاشري کي برائين کان بچائين ٿا. جيڪڏهن اهي اخلاقي قدر پامال ٿي وڃن ۽ ماڻهو انهن پابندين کان آزاد ٿي وڃن ته سماج ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي ويندو. سقراط انسان جي فطرت کي نيڪي ڏانهن مائل سمجهندو هو. هو چوندو هو ته حالتون انسان کي برائين ڏانهن راغب ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. تنهن ڪري مفڪر، فلسفي ۽ دانشورن جو ڪم آهي ته هو انساني فطرت ۾ نيڪيءَ کي مضبوط ڪن. ايٿنز جو معاشرو سقراط جي ان فلسفي کي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ سقراط تي جيڪي الزام هنيا ويا، انهن جو هُن دفاع پاڻ ئي ڪيو ۽ آخر ۾ هن جلاوطن ٿيڻ، جرماني جي رقم ڏيڻ کان زهر جو پيالو پي موت کي ترجيح ڏني.

هاڻي جيڪڏهن سقراطي تعليم کي مدِنظر رکي ڪير عمل ۽ انصاف جي ڳالهه ڪري ٿو، مذهبي انتها پسندي کي برو چوي ٿو، نفرت، تعصب ۽ فرقه بندي تي تنقيد ڪري ٿو، بدعنوانن ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي سماج جي لاءِ لعنت قرار ڏي ٿو، سياستدانن جو احتساب، ڪمزور ۽ بي وس ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، عدل ۽ انصاف جي لاءِ جدوجهد ڪري دوڪي، ڪوڙ ۽ فريب کان پري رهڻ جي تلقين ڪري ٿو ڇا اهڙي ماڻهوءَ کي اسان جو معاشرو قبول ڪندو؟ يا اسان جو معاشرو انهيءَ کي به سقراط وانگر الزام هڻي زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏيندو؟ ڇو ته سماج جڏهن پستيءَ ۾ هليو ٿو وڃي ۽ جڏهن اخلاقي قدر ختم ٿي وڃن ٿا ته اهڙي صورت ۾ سچ کي برداشت ڪرڻ ڏکيو نه بلڪه ناممڪن ٿيو وڃي. انهيءَ ڪري اهڙي ماڻهوءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمران هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن ۽ سندن خوشامد ڪرڻ وارا اهڙي ماڻهوءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري پوءِ پاڻ کي محفوظ سمجهندا آهن.

هاڻي غور ڪريو، سقراط جي انهيءَ جملي تي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته سياستدانن کي ڊاڪٽرن جيان هجڻ کپي، جهڙي طرح ڊاڪٽر جو تعلق مريض سان گهري همدردي ۽ انساني جذبات وانگر هوندو آهي ۽ هن جي ڪوشش هوندي آهي ته هو مرض جو علاج ڳولهي، هن کي ٺيڪ ڪري، يعني ٻين لفظن ۾ ائين چوان ته هن جو مقصد اهو آهي ته انهيءَ ماڊل تي سياستدانن جي تربيت هجڻ کپي. هن جو تعلق به عوام سان دوستانه ۽ همدردانه هجڻ کپي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪري انهن جي زندگيءَ کي خوشگوار بڻائي؛ پر انهيءَ جي برعڪس اڄ به اسان وٽ سياستدان پنهنجي خطابت، لفاظي ۽ پنهنجن واعدن ذريعي ماڻهن کي پنهنجي موقف تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڇو ته سياستدانن جي نظر ۾ اهم مسئلو عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ آهي. انهي ڪري هنن جي ڪوشش صرف وقتي طور تي عوام کي خوش ڪرڻ جي هوندي آهي. هو هميشه انهن ڳالهين کان پري رهندا آهن، جيڪي وقتي طور ماڻهن کي ناگوار گذرن پوءِ ڀلي اهي منصوبا قوم ۽ ملڪ جي بهتريءَ جي لاءِ ئي ڇونه هجن. انهي ڪري هنن جي گفتگو ۽ تقرير ۾ فڪر جي گهرائي نه هوندي آهي، سواءِ سطحي ڳالهه جي يا مقبول نعرن جي. هو اليڪشن ۾ تبديلي جي لاءِ اهي منصوبه پيش ڪندا آهن، جيڪي وقتي هجن. ڇوته هو انهن واعدن جي ڪري وقتي طور تي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ پوءِ اهي واعدا، واعدا ئي رهجي ويندا آهن. سياستدان جمهوري نظام جي پيداوار هوندا آهن ۽ انهي جمهوري نظام ۾ سياسي جماعتون نظريي جي بنياد تي اينديون آهن ۽ پوءِ انهن نظرين جي چاهڻ وارا پنهنجي نظريي واري جماعت ۾ شامل ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري جو هنن جو مقصد نظريي جي تبليغ ڪري ماڻهن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪري ڪهڙي طرح به ڪهڙو به طريقو استعمال ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ هوندو آهي.

اسان جي بدنصيبي اها آهي ته اڳتي هلي اهي سياسي جماعتون انهن نظرين تان هٽي وڃن ٿيون، جن جون هو ابتدائي دور ۾ دعويدار هونديون آهن. انهيءَ جو سبب اهو هوندو آهي ته اسان جا حڪمران پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ڪنهن خاص نظرئي جا پابند نه رهندا آهن. هو هميشه انهيءَ ڪوشش ۾ هوندا آهن ته هو صاحبِ اقتدار جماعت ۾ شريڪ ٿي اقتدار جو مزو ماڻين، انهيءَ ڪري پوءِ اسان جا حڪمران ڪنهن خاص نظرئي جا قائل نه رهندا آهن. انهن جو مقصد صرف پنهنجي ذات سان نباهڻ هوندو آهي. انهي ڪري اسان جي معاشري ۾ بدعنواني ۽ ڪرپشن عروج تي آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو وڃي، اسان جي عوام جو اعتماد حڪمرانن تان کڄندو وڃي. اسان جي معاشري ۾ هاڻي عام ماڻهوءَ جي سوچ اها آهي ته نه ئي هي ماڻهن جا مسئلا حل ڪري ملڪ ۽ قوم کي ترقي ڏياري سگهندا، نه ئي عوام سان هنن جي ڪا همدردي آهي. هنن جو واحد مقصد اقتدار جو حصول آهي ۽ جڏهن هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن ته پوءِ هنن جي توجه عوام، ملڪ ۽ قوم تان هٽي صرف پنهنجو پاڻ تي ۽ پنهنجن تي هوندي آهي.

ها ! اها عوام جي سوچ حڪمرانن جي لاءِ تڏهن تبديل ٿي سگهي ٿي، جڏهن هو معاشري مان ڪرپشن، بدعنواني، رشوت، انتها پسندي، پنهنجن کي نوازڻ جو نظام ختم ڪن. عدل ۽ انصاف، حق پرستي، سچ ۽ برابريءَ جا پنهنجا نظريا کڻي عوام تائين پهچائين ۽ پوءِ هنن جو مقصد اقتدار جو حصول نه، بلڪه معاشري ۽ قوم جي ترقيءَ جي منصوبن تي عمل ڪرڻ هجي.

آئون عرض ڪري چڪو آهيان ته سياستدان جمهوريت جي پيداوار هوندا آهن، جمهوريت ۾ هر شهري کي برابري جا حق حاصل هوندا آهن، حڪمرانن جي نظر ۾ هر شهري پوءِ هو ڪهڙي به مذهب جو هجي، ڪهڙي به قوم سان هن جو تعلق هجي، هڪ هجڻ کپن. هميشه حڪمرانن جو ڪردار قوم ۽ مذهب جي معاملي ۾ غير جانبدار هجي. انهن خوابن جي ڪري ئي ماڻهو هنن جا وفادار ٿيندا. اسان جي قوم اڄ به پنهنجي وطن جي محبت سان سرشار آهي. ڪاش اسان جا حڪمران قوم مان وطن جي محبت جو سبق حاصل ڪن ته پوءِ

يقين ڪريو حقيقي تبديلي اچڻ ۾ ڪابه دير نه ٿيندي. پر انهي جي لاءِ اسان کي شايد اڃا به سقراطن جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي.