حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
پيپلز پارٽي هميشه صحافين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (بيورو رپورٽ) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوريت ۽ عوام جي خدمت تي يقين رکندڙ جماعت آهي اسان هميشه صحافين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ لکڻين ۽ قلم جي عزت تي داغ  اچڻ نه ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي  چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ عهديدارن سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب آمريت خلاف جمهوري سوچ رکندڙ سياسي قوتن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ٻيهر به ڪراچي پريس ڪلب پنهنجي روايتن جو سلسلو جاري رکندو. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت صحافين سان هر ممڪن تعاون ڪندي. نون چونڊيل عهديدارن پاران اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار سان صحافين جي مسئلن خاص طور تي صحافين جي رهائش بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صوبائي صلاحڪار وفد ۾ شرڪت ڪندڙن کي پڪ ڏني ته گهڻو جلد صحافين جي گهرن واري اسڪيم ۽ انهن جي ترقياتي ڪمن جي شروعات ڪئي ويندي ۽ صحافين جي ڀلائي ۽ بهبود بابت رٿائن کي تڪميل جي  آخري مرحلن تائين پهچايو ويندو.  ملاقات ۾ جوائنٽ سيڪريٽري حنيف اڪبر، خزانچي راجا ڪامران، گورننگ باڊي جي ميمبرن ۾ وحيد راڄپر، سعيد سربازي، شازيا حسين، شعيب جٽ، عتيق الرحمٰن ۽ ارشد ڀٽي صحافين جي ڀلائي ۽ بهبود وارن منصوبن تي اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مرتضٰي وهاب جي ڪاوشن ۽ صحافين سان مسلسل رابطن ۾ رهڻ تي کيس ٿورا مڃيا.