حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۾ ڇڪتاڻ، اپوزيشن جو احتجاج، واڪ آئوٽ

ڪراچي (رپورٽ ضياءَ قريشِي) سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس شروع ٿيندي ئي دعا واري عمل دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي جنهن سبب ايوان جو ماحول سخت گرما گرمي جي ور چڙهي ويو، اپوزيشن ڊپٽي اسپيڪر جي رويي ۽ صوبائي وزير تيمور ٽالپر جي رمارڪس تي ايوان مان احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو، مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ سبب ايوان ۾ ڪو به ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش نه ٿي سگهيو، ايوان جي ڪارروائي دوران سنڌ اسيمبلي سنڌ زڪوات عشر ترميمي بل 2018ع يڪراءِ سان منظور ڪري ورتو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي جمعي جي دعا دوران جي ڊي اي جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي ۽ پي ٽي آءِ جي شاهنواز جدون پاران چيو ويو ته ايوان ۾ دعا ڪرائي وڃي ته جنهن جنهن ڪرپشن ڪئي ان جي نسل نيست ۽ نابود ٿئي، شاهنواز جدون مولوي صاحب ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته مولوي صاحب ڪرپٽ ماڻهن جا نالا وٺي دعا ڪريو ۽ جنهن به نئين ۽ پراڻي پاڪستان جي عوام کي لٽيو آهي انهن کي ڪٿي به پناهه نه ملي، پ پ جي ميمبرن دعا واري موقعي تي سياست ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪيو جنهن سبب ايوان ۾ گوڙ شروع ٿي ويو. ايوان جي ڇڪتاڻ واري ماحول دوران جڏهن سوالن جو وقفو شروع ٿيو ته نصرت سحر عباسي ۽ ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري وچ ۾ لفظن جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي جنهن تي پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سوالن جي وقفي واري عمل کي ڇڪتاڻ جي حوالي نه ڪيو وڃي. نصرت سحر عباسي جو چوڻ هو ته ٿر ۾ مائرون ۽ ٻار مري رهيا آهن حڪمرانن ڪجهه ناهي ڪيو، سکر مان ڪيتريون ئي ڪالون وصول ٿي رهيون آهن ته اتي پيئڻ جو پاڻي ناهي، انفارميشن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت سوالن جي وقفي دوران جي ڊي اي جي ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي دريافت ڪيو ته سنڌ ۾ ڪيترا سرڪاري آءِ ٽي سينٽر آهن، هن جو چوڻ هو ته مون کي جواب ڏنو ويو ته سنڌ ۾ ڪو به آءِ ٽي سينٽر ناهي جنهن تي صوبائي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نواب تيمور ٽالپر چيو ته اسان آءِ بي اي سان گڏجي پروگرام هلائي رهيا آهيون هن جو اهو به چوڻ هو ته اسان وٽ ڪيتريون ئي سرڪاري عمارتون آهن پر عوام جو پئسو فضول خرچ ڇو ڪريون. عارف مصطفيٰ جتوئي صوبائي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت ڪمند جو ريٽ نه ڏياري سگهي گهٽ ۾ گهٽ هڪ آءِ ٽي سينٽر ته کولرائي جنهن تي تيمور ٽالپر چيو ته توهان شايد اخبار گهٽ پڙهندا آهيو جيڪڏهن اخبار وڌيڪ پڙهندو ته اپ ڊيٽ رهندو. پي ٽي آءِ خرم شير زمان دريافت ڪيو ته توهان جي ٽريننگ سينٽر ۾ ڪهڙي ٽريننگ ڏني ويندي آهي ۽ اتي ڪهڙا مضمون پڙهايا ويندا آهن. خرم شير زمان وڌيڪ چيو ته صوبائي وزير کان سوال ڏکڻ جو ڪيو ويو آهي پر جواب اتر جو اچي رهيو آهي، ايوان ۾ هاڻي آئين، بائين شائين نه هلندي، حڪومت کي اپوزيشن جي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. خرم شير زمان جي تنقيد تي صوبائي وزير تيمور ٽالپر چيو ته ڪجهه ماڻهن شايد وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪيٽرنگ جي ٺيڪا ورتا ماڻهن کي خراب کاڌو کارايو شايد هنن کان هضم نه ٿي رهيو آهي، اپوزيشن جي صبح واري سخت رويي تي ڊپٽي اسپيڪر به اعتراض ڪيو ۽ چيو ته ايوان جو ماحول خراب نه ڪيو وڃي. هن ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد حسين کان دريافت ڪيو ته توهان اڄ ڇا کائي آيا آهيو جنهن تي محمد حسين چيو ته ميڊم هي خفيه آهي، اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو آءِ ٽي جو وزير چئي رهيو آهي ته صوبي ۾ آءِ ٽي جو ڪو به سينٽر ناهي جنهن تي پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ طنزيه انداز ۾ جملو ڪڍيو ته آءِ ٽي نه پر جي آءِ ٽي جو دور آهي. سوالن جي وقفي دوران هڪ موقعي تي عارف مصطفيٰ جتوئي آءِ ٽي واري وزير تيمور ٽالپر کان هڪ انوکو سوال به ڪيو ته وزير آءِ ٽي اهو ٻڌائي ته آءِ ٽي جو مطلب ڇا آهي، عارف جتوئي جي سوال تي ايوان ۾ ٽهڪڙو بلند ٿيو، سوالن جي وقفي دوران نصرت سحر عباسي ڪا ڳالهه چوڻ چاهي پئي پر ڊپٽي اسپيڪر کيس ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته توهان ويهي رهو. نصرت سحر عباسي صوبائي وزير تيمور ٽالپر تي ايوان ۾ اعتراض جوڳو رويو اختيار ڪرڻ جو الزام لڳايو ۽ چيو ته هي سياسي معذور آهي، اپوزيشن جي ٻين ميمبرن به نصرت سحر عباسي جي موقف جي تائيد ڪئي ۽ احتجاجن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو ان دوران ميمبرن پاران پيش ڪيل ڪوئي به ڌيان ڇڪايو نوٽيس غور هيٺ نه اچي سگهيو. اپوزيشن ميمبرن کي پرچائڻ لاءِ ڪو به حڪومتي ميمبر ٻاهر لابي ۾ نه ويو جنهن بعد هو ڪجهه دير لابي ۾ رهڻ کان پوءِ پاڻ ئي واپس ايوان ۾ اچي ويا. ان موقعي تي محمد حسين ان ڳالهه تي احتجاج ڪيو ته اسان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي بحث نه ڪرايو ويو جڏهن ته اسان جو واڪ آئوٽ علامتي هو. ايوان جي ڪارروائي دوران ارسا جي ناڪامي تي پ پ جي هير اسماعيل سوهو پاران هڪ التوا واري تحريڪ پيش ڪئي وئي جنهن تي بحث ايندڙ اربع ڏينهن ٿيندو. سنڌ اسيمبلي ڪالهه جمعي ڏينهن سنڌ زڪوات عشر ترميمي بل 2018ع يڪراءِ سان منظور ڪري ورتو. ايوان جي ڪارروائي دوران تحريڪ لبيڪ جي ميمبر مفتي قاسم فخري پاران پارٽي جي مرڪزي قيادت کي ايم پي او تحت نظربندي خلاف قاعدن ۽ ضابطن کان بغير هڪ مذمتي قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن تي غور نه ٿي سگهيو. ايوان جي ڪارروائي دوران ايم ايم اي جي ميمبر سيد عبدالرشيد پنهنجي هڪ اعتراض واري نقطي تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ 3900 غلطين جي نشاندهي ڪئي، هن جو چوڻ هو ته آئون اپوزيشن جو حصو آهيان پر پوائنٽ اسڪورنگ کي بهتر نٿو سمجهان هن جو چوڻ هو ته جن غلطين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي انهن سان جملن جو مطلب ئي تبديل ٿي چڪو آهي. هن مطالبو ڪيو ته اهڙين غلطين جي درستگي ڪئي وڃي اسان قومي زبان سان زيادتي ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن ڄاڻي واڻي ائين ڪيو پيو وڃي ته پوءِ اهو نظريه پاڪستان جي خلاف آهي. سيد عبدالرشيد چيو ته 3 مهينا پهريان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي لکت ۾ اهڙين غلطين بابت آگاهه ڪيو هو ٻيهر انهن ڪتابن جي ڇپائي جو ٽينڊر ٿي چڪو آهي جيڪڏهن ٻيهر به اهڙيون غلطيون ٿيون ته نسل تباهه ٿيندو. هن چيو ته لياري ميڊيڪل ڪاليج جي سيٽن ۾ اوچتو گهٽتائي ڪئي وئي جنهن تي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته هو سيد عبدالرشيد جي تعليمي بهتري وارين ڪوششن کي ساراهي ٿو پر هن وضاحت ڪئي ته اسان جو نصاب پراڻو ٿي چڪو آهي هر ڏهن سالن بعد نصاب تبديل ٿيڻ گهرجي. 2006ع ۾ آخري دفعو نصاب رويو ٿيو هو جن غلطين جي نشاندهي ڪئي وئي ان کان وڌيڪ غلطيون مان ڪڍي چڪو آهيان. ڪريڪيولم ڪائونسل تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته نصاب تبديل ڪرڻو آهي. هن يقين ڏياريو ته جيڪڏهن ڪتاب پبلش ناهن ٿيا ته ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي چوندس ته غلطيون نه ٿيڻ گهرجن. هن ايم ايم اي جي ميمبر کي مخاطب ٿيندي چيو ته رشيد ڀائي اسان سان گڏجي ڪم ڪندو، اسان مثبت تبديلي کي ڀليڪار چئون ٿا. ان موقعي تي صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو واضح ڪيو ته پي ايم ڊي سي ميڊيڪل سيٽن جو تعين ڪندي آهي اسان جي وس ۾ ناهي ته اسان سيٽون گهٽ يا وڌ ڪريون. هن چيو ته نرسنگ اسڪول جي وظيفن ۾ ٿيل بدانتظامي جو اعتراف ڪريان ٿي، ان حوالي سان تحقيقات جاري آهي، ذميدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.