حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
نواز شريف کي ڪجھ به ٿيو ته ان جو ذميوار عمران نيازي ۽ پنجاب حڪومت هوندي: شهباز شريف

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته محمد نواز شريف جي صحت جو مسئلو وڌيو ته ان جو ذميوار عمران نيازي ۽ پنجاب حڪومت هوندي. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جي صحت جي خرابي جي اطلاع سموري قوم لاءِ فڪر مندي جو سبب آهي، 3 ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم ۽ ملڪ جي بي مثال خدمت ڪندڙ هڪ ايماندار ۽ محب وطن شخص سان اهو سلوڪ سياسي انتقام جي بدترين مثال آهي. شهباز شريف چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي ذاتي ڊاڪٽرن کي دير ڪرڻ کان سواءِ رسائي ڏئي قانوني تقاضا پورا ڪيا وڃن، خدانخواسته محمد نواز شريف جي صحت جو مسئلو وڌيو ته ان جو ذميوار عمران نيازي ۽ پنجاب حڪومت هوندي.