حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
واپاري برادري پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ سهڪار ڪري: آرمي چيف

 راولپنڊي/ ڪراچي (م ڊ/بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي استحڪام ۾ سهڪار ڪري. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪراچي ۾ واپارين جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آرمي چيف ملڪ خاص ڪري ڪراچي ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق واپارين ڪاروباري موقعا وڌائڻ لاءِ محفوظ ماحول ٺاهڻ تي فوج جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي استحڪام ۾ سهڪار ڪري. آرمي چيف سان ملاقات ۾ واپاري برادري ملڪ جي اقتصادي صلاحيت مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ورجايو. ٻئي پاسي پاڪستان ۾ مقرر نئين افغان سفير شڪر الله عاطف جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پڇي آر موجب  ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته  نئين سفير جون خدمتون ٻه طرفي لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.