حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
نواز شريف کي دل جي عارضي جو خطرو آهي، ڪا به صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي: ڊاڪٽر عدنان

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد اڳوڻو وزيراعظم جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان چيو آهي ته نواز شريف جي صحت جي حوالي بابت ڪا به صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي. ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ٻانهن ۾ وقفي وقفي سان سور جي شڪايت آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيل اختيارين نوازشريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان کي نواز شريف سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. ڊاڪٽر عدنان اڳوڻي وزيراعظم جي صحت جي حوالي سان سنگين خدشن جو اظهار ڪيو آهي، جيل اختيارين شام جو 5 وڳي جيل ۾ مقرر ميڊيڪل آفيسر سان ڊاڪٽر عدنان جي ڳالهه ٻولهه ڪرائي جنهن ۾ هن نواز شريف هجي صحت بابت سنگين خدشن کان آگاهه ڪيو. ميڊيڪل بورڊ آفيسر ڊاڪٽر عدنان کي چيو ته لاڪ اپ ٽائيم، آهي آئون ڪجهه به نٿو ڪري سگھان، توهان سومر ڏينهن نواز شريف سان ملاقات جي ڪوشش ڪيو. ڊاڪٽر عدنان کي خدشو آهي ته نواز شريف کي انجائنا جو خطرو آهي . ڊاڪٽر عدنان موجب دل جي عارضي جي مريض جي ٻانهن ۾ مسلسل سور خطري جي ڳالهه آهي. نواز شريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان چيو آهي ته جيل اختيارين سمورو ڏينهن انتظار ڪرائڻ کان پوءِ به نواز شريف سان ملاقات نه ڪرائي. نواز شريف تائين فوري پهچ جي ضرورت آهي، دل جي پيچيده بيماري ڪري نواز شريف کي مسلسل نظرثاني جي ضرورت آهي. جيل ۾ نواز شريف جي هڪ ڀيرو به اي سي جي ۽ بلڊ ٽيسٽ ناهي ڪئي وئي.