حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
اصغر خان ڪيس بند نه ڪرڻ جو فيصلو، وزير دفاع کان رپورٽ طلب، ايئن نه سمجهو ته فوج اسان جي دائري اختيار ۾ ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اصغر خان عملدرآمد ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي ڪيس بند ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ اصغر خان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته اصغر خان ڪيس جي زندگي جو وڏو حصو هن ڪيس ۾ گذاريو، اصل جاچ جو وقت آيو ته رنڊڪون بيهاريون ويون، ايف آءِ اي چوي ٿي ته وٽن شاهديون نه آهن. هن چيو ته عدالت اڃا تائين ڪيس بند نه ڪيو آهي، ڇا عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جو ڪو ٻيو طريقو آهي؟ وڪيل مدد ڪن، جاچ ڪيئن ڪرايون، عدالت جو مقصد رڳو ٻن آفيسرن خلاف جاچ ناهي.  چيف جسٽس چيو ته ايف آءِ اي اصغر خان ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، پر اسان ڪيئن عدالتي حڪم کي ختم ڪري ڇڏيون، اصغر خان وڏي ڪوشش ڪئي هئي پر جڏهن عملدرآمد جو وقت آيو ته ايف آءِ اي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا، اسان ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪرائينداسين. اسان ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪنداسين، ڪابينا کان به جواب گهرنداسين، ڇوته ڪجهه ماڻهن جا ڪيس ڪابينا کي ڏنا ويا هئا. ان موقعي تي ڊي جي ايف اءِ اي بشير ميمڻ عدالت عظميٰ کي ٻڌايو ته ايف اءِ اي جو مينڊيٽ فوجداري جاچ هو، جنهن کي ڏهن سياستدانن کان جاچ ڪرڻي هئي جن مان 6 فوت ٿي چڪا آهن، چالان لاءِ ضروري آهي ته شاهديون هجن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته گهٽ ۾ گهٽ ان ڪيس ۾ اصغر خان جي خاندان کان به پڇي سگهجي ٿو، عدالتي فيصلي جي هڪ هڪ صفحي مان ثابت ٿيو آهي ته اسڪينڊل ٿيو آهي. چيف جسٽس اصغر خان جي خاندان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا کي چيو ته اوهان عدالت جي معاونت ڪريو ته ڪيس کي ڪئين اڳتي وڌايو وڃي. چيف جسٽس چيو ته ڪيس بند ڪرڻ جي معاملي ۾ اصغر خان فيملي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، جيڪڏهن ايف آءِ اي وٽ اختيار ناهن ته ٻئي اداري کان جاچ ڪرائي ٿا وٺون. اصغر خان ڪيس ۾ فوجين جو ٽرائيل ملٽري ڪورٽ ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته سول ماڻهن جي خلاف ڌار ٽرائيل ٿي رهيو آهي، ڌار ڌار جاچ سان ڪيئن حتمي نتيجي تائين پهچنداسين. اسان کي ناهي خبر ته فوج ڪهڙي ڪارروائي پئي ڪري، ڇوته انهن کان به رپورٽ طلب ڪريون، ائين نه سمجهيو وڃي ته فوج وارا عدالت جي اختيارن جي دائري کان ٻاهر آهن، آئون چيف جسٽس طور انهن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اهي سڀ اسان جي اختيار ۾ آهن، سندس چوڻ هو ته عدالت اصغر خان جي گهر وارن سان گڏ بيٺل آهي، اصغر خان جي جدوجهد ضايع نه ٿيندي. چيف جسٽس چيو ته جنهن فوجي آفيسر رقم ورهائڻ جو اعتراف ڪيو تنهن جو بيان قلمبند نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اصغر خان ڪيس جي هر صورت ۾ جاچ ٿيڻ گهرجي. سلمان اڪرم راجا چيو ته عدالت باضابطا طور جاچ ٽيم جوڙي. چيف جسٽس چيو ته 2011ع ۾ اصغر خان ڪيس جو فيصلو ڪيو، فيصلي کانپوءِ تنهن وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي چيف جسٽس کي چيو ته ڪيس جو فيصلو تاريخي آهي. هن چيو ته هر اداري کي سپريم ڪورٽ جي ماتحت ڪنداسين، بچاءَ وارو سيڪريٽري اچي ٻڌائي جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، هر ادارو سپريم ڪورٽ کي جوابده آهي. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته ايف آءِ اي کي  10 سياستدانن کان جاچ ڪرڻي هئي، 10 مان 6 سياستدان فوت ٿي چڪا آهن، ٻين سياستدانن رقم وٺڻ کان انڪار ڪيو.  سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي جي ڪيس بند ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ ٻڌڻي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. عدالت اصغر خان جي وارثن جي جواب تي ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪري ورتو ۽ سلمان اڪرم راجا کي عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي جي آخر ۾ سپريم ڪورٽ سيڪريٽري دفاع کي نوٽيس جاري ڪندي ريمارڪس ڏنا ته سيڪريٽري دفاع ٻڌائي ته جن فوجي آفيسرن جو معاملو اماڻيو ويو هو اها جاچ ڪٿي پهتي؟