حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
”رڳو اجلاس نه پر نتيجا گهرجن“بلاول ڀٽي سنڌ ڪابينا کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽ ضياءَ قريشي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي هارين جي معاشي خوشحالي لاءِ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ڪراچي ماس ٽرانزٽ منصوبو فوري طور تي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، هن گورک هل منصوبي تي دير ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بهتر انفرااسٽرڪچر استعمال ڪري وقت سر منصوبو مڪمل ڪرڻ ۽ ٿر ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي جي قيام لاءِ ضروري تياري ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ ڪابينا جو غير سرڪاري اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي طور  شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي معاونن، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڪابينه اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پارٽي چيئرمين کي ڪراچي سميت صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن سميت مختلف معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪابينه جي سڀني صوبائي وزيرن پڻ الڳ الڳ پارٽي چيئرمين کي پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريف ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي بحالي، زراعت، لائيو اسٽاڪ سميت 7 وزيرن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر ڪن ۽ هن ٿر سان لاڳاپيل صوبائي وزيرن تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٿر ۾ ٻار مري رهيا آهن توهان ڇا پيا ڪيو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام جي مفاد ۾ پارٽي منشور تي مڪمل عمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ٿر جي ماڻهن لاءِ ميڊيڪل يونيورسٽي جي قيام لاءِ تجويز پيش ڪئي وئي جنهن تي بلاول ڀٽو ٿر ۾ يونيورسٽي جي قيام لاءِ ضروري تياري ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته سنڌ جي هارين کي معاشي حوالي سان پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا. اجلاس ۾ ڪراچي اندر جاري مختلف ترقياتي منصوبن خاص طور تي ماس ٽرانزٽ منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري گورک هل منصوبي ۾ دير ٿيڻ تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منصوبي ۾ بهتر انفرااسٽرڪچر استعمال ڪري وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. هوڏانهن اجلاس بابت سنڌ جي وڏي وزير جي سڌسماءَ بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ پ پ سنڌ جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ڪابينه جو غير سرڪاري اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي طور شرڪت ڪئي. بريسٽر مرتضيٰ وهاب بريفنگ ڏيندي وڌيڪ چيو ته پارٽي چيئرمين صوبائي ڪابينه جي ميمبرن آڏو پنهنجو ويزن رکيو ۽ سخت حڪم جاري ڪيا آهن ته عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. هن صحت جي شعبي ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ تجويزون پڻ گهرايون آهن. اجلاس ۾ صحت بابت بريفنگ ۽ هيلٿ ڪيئر سٽي ٺاهڻ تي پڻ ڳالهيون ٿيون آهن. هن ٻڌايو ته ٿر جي عوام لاءِ ميڊيڪل يونيورسٽي جي قيام جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي جڏهن ته تعليم جي لاءِ نوجوانن کي پڙهيو لکيو بڻائڻ سان گڏ هنرمند بڻائڻ لاءِ پڻ گائيڊ لائين ڏني وئي، ان سان گڏوگڏ ڪلچر ٽوئرازم کي پروموٽ ڪرڻ تي پڻ ڳالهيون ٿيون. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئرازم ۽ گورک هل تي به سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي ان کي پهرين ترجيح تي رکڻ ۽ بهترين انفرااسٽرڪچر سان مڪمل ڪرڻ تي زور ڀريو. چيئرمين زور ڀريو آهي ته هارين جي ترقي لاءِ هاري ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ۽ ڪراچي شهر ۾ ماس ٽرانزٽ کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن شهرين کي رليف ملي سگهي ڇاڪاڻ ته ان منصوبي ۾ وڌيڪ دير نه ٿيڻ گهرجي.