حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
وڏن شهرن ۾ سرڪاري زمينن ۽ ڪچي آبادين تان قبضا ختم ڪرائڻ وارو فيصلو!
جمعو 11 جنوري 2019ع

اربع واري ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سرڪاري زمينن ۽ ملڪيتن جي بهتر استعمال جي حوالي سان هڪ اجلاس ٿيو. اجلاس کي ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ سرڪاري ملڪيتن توڙي زمينن تي قبضن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي 1412 ملڪيتن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، جن مان 112 ملڪيتن جي تصديق ٻُڌائي وڃي ٿي. جنهن جي ايراضي 44350 ڪنال ۽ ماليت اربين رپيا ڏَسي پئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ 44350 ڪنال تي ٻڌل 43 ملڪيتون، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ 91 ملڪيتن جي نشاندهي ٿي چڪي آهي. اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان قانون واري وزارت کي تصديق ٿيل سرڪاري ملڪيتن کي آمدني لاءِ استعمال ڪرڻ جي حوالي سان قانوني رُخن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي ۽ اِهو به چيو ته وڏن شهرن ۾ قائم غير قانوني ڪچي آبادين ۽ قبضي هيٺ سرڪاري ايراضي کي خالي ڪرائڻ دوران غريب ماڻهن کي متبادل رهائش فراهم ڪئي وڃي.

تقريبن مُلڪ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪچيون آباديون قائم آهن، جيڪي پاڻمرادو وقت سان گڏ آباد ٿينديون رهنديون آهن، جن ۾ شهرن جي آسپاس وارن علائقن جا ماڻهو روزگار واسطي اچي پنهنجا اجها اڏيندا آهن ۽ پوءِ انهن اَجهن ۾ سندن ڪيترائي نسل چُڳي، چُڙي زندگي گهاري ويندا آهن. اهڙين آبادين جا ڪيترائي نسل اڪثر طور بنيادي سهولتن کان به محروم هوندا آهن، نه ته اُتي صاف پاڻي مهيا ڪري ڏنو ويندو آهي، نه ئي نيڪاس جو جوڳو بندوبست هوندو آهي. اهو سڀ اِن ڪري به جو اُهي آباديون بنا ڪنهن رٿابنديءَ جي جُڙنديون آهن ۽ پوءِ ووٽن عيوض اُنهن علائقن جا نمائندا اُتي اڀرا سڀرا رستا، بجلي ۽ ٿوريون گهڻيون سهولتون مهيا ڪرائي ڏيندا آهن، پر اهڙين آبادين ۾ رهندڙ خلق تي اِها تلوار سدائين لٽڪندي رهندي آهي ته سرڪار اُنهن کان ڪنهن به وقت خالي ڪرائي سگهي ٿي. اڄڪلهه اهڙين آبادين تي آفت آيل آهي، ڪيتريون ئي وسنديون توڙي ڪاروباري مرڪز بلڊوز ٿي چُڪا آهن، جنهن سبب هزارين ماڻهو بي گهر ۽ بيروزگار ٿيا آهن.

جيڪڏهن اِها ڳالهه تسليم به ڪجي ته اهڙين وسندين کي ڪا قانوني حيثيت حاصل ناهي، اُهي غير قانوني آهن ته پوءِ اِهو سوال ضرور پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو ته اُن وقت قانون آخر ڇو خاموش هو، جڏهن اُهي وسنديون آهستي آهستي آباد ٿي رهيون هيون. جنهن وقت ماڻهو روزگار واسطي ڪک ڪانا ميڙي پنهنجو اجهو جوڙي رهيا هُئا، تنهن وقت قانون جي پاسداري ڪندڙ عملدارن اُنهن جو هٿ جهلي کين ڇونه روڪيو ته اوهان جنهن هنڌ پنهنجو اجهو جوڙڻ وڃو پيا، اُها سرڪاري زمين آهي، اُتي ڪنهن به قسم جي اڏاوت ڏوهه مثل آهي. اُن وقت اهڙي روڪ شايد اِن ڪري به نه هُئي جو تڏهن اُنهن زمينن/ پَٽن جي ڪا خاص ويليو نه هُئي. پر جيئن جيئن وسنديون آباد ٿينديون ويون، شهرن جي اهميت وڌندي وئي، ته پوءِ سرڪار کي پنهنجي ملڪيتن جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ هاڻ اهڙين وسندين کي خالي ڪرائڻ ۽ اُنهن کي آمدنيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ممڪن آهي ته ستت ئي اهڙين وسندين ۾ ايڪسڪيويٽر ۽ بلڊورز ڦرندي نظر اچن ۽ هزارين نه پر لکين ماڻهن کي ڇت کان محروم ڪيو وڃي؟ اِهو به ممڪن آهي ته اجها ڊهڻ خلاف انهن آبادين جي خلق احتجاج به ڪري ۽ اِئين ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ ڪجهه گرفتارين کان پوءِ اُهي علائقا خالي به ڪرايا وڃن، پر انهيءَ سڄي ڇڪتاڻ ۾ رياست جي ماءُ واري ڪردار تي ضرور آڱريون کڄنديون. ڇو ته فردن کي اجهو، روزگار ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ڪنهن به رياست جو اولين فرض هوندو آهي، پر بدقسمتيءَ سان خراب حڪمرانيءَ سببان اِهو سڀ هتي ممڪن ٿي ناهي سگهيو ۽ ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت جيڪي ڪکاوان گهر جوڙيا آهن، اُنهن کي به جڏهن وقت جا حڪمران ڊاهڻ لڳندا ته پوءِ خلق وٽ ڪهڙو دڳ وڃي بچندو؟ توڻي جو وزيراعظم اهڙي صورت ۾ متاثر ماڻهن کي متبادل رهائش فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن، پر ڇا اهڙين هدايتن تي اڳ ۾ ڪڏهن عمل ٿيو آهي؟ اسان جي اِئين لکڻ مان اِهو هرگز مقصد نه ڪڍيو وڃي ته ڪو اسين انفرااسٽرڪچر جي حق ۾ ناهيون. هر مهذب فرد جيان اسين به اِن خواهش جا آهيون ته مُلڪ جي هر ننڍي وڏي علائقي کي صاف سُٿرو ۽ سُڌريل مُلڪن جي علائقن جهڙو بڻائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن، پر اُهي ڪوششون جيڪڏهن هزارين لکين ماڻهن کان اجهي جو احساس ڦُرڻ ۽ بدلي ۾ کين ڪجهه به نه ڏيڻ عيوض ٿينديون هُجن ته پوءِ اسين اِهو فرض ٿا سمجهون ته اُنهن بي گهر ٿيندڙ لکين ماڻهن جي پاسي ٿي بيهون، جن جي پورهئي ۽ محنت سان مُلڪ اڄ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي. اُنهن ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪرڻ جو ٻيو مقصد هِن پوري سماج کي متاثر ڪرڻ آهي. جيڪڏهن سرڪار کي پنهنجي ملڪيتن جو ايترو ئي لاچار آهي ته پوءِ اُنهن بي پهچ ماڻهن کي پهريان متبادل رهائش فراهم ڪئي وڃي، پوءِ ئي اُنهن کان سندن اجها خالي ڪرايا وڃن.